تاريخ ڄاڻائي ٿي ته حڪمران طبقا ۽ ادارا سياسي ۽ معاشي نظام ۾ بنيادي تبديلين جي سخت مزاحمت ڪندا آھن، انهن کي ڊپ ھوندو آهي ته ان عمل جي نتيجي ۾ سندن اقتدار ختم ٿي ويندو ۽ نيون اڀرندڙ طاقتون رياست تي بالادستي قائم ڪري وٺنديون.جرمني جو ايڊولف هٽلر، اٽلي جو مسوليني، اسپين جو فرانسسڪو فرانڪو ۽ جاپان جو هيروهيٽو چڱي طرح ڄاڻندا هئا ته سندن فاشسٽ حڪومتون دنيا کي فتح نه ٿيون ڪري سگهن ۽ شڪست سندن مقدر هوندي. پر انھن پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ بدران اقتدار کي چنبڙيو رهڻ کي ترجيح ڏني. ان مقصد لاءِ، هنن جارحاڻي قوم پرستي ذريعي پنهنجا دشمن تخليق ڪيا ۽ ماڻهن کي انهن جي خلاف جنگي جنون ۾ مبتلا رکيو. ذڪر ڪيل ملڪن جي حڪومتن پاڻ کي بچائڻ لاءِ دنيا کي ٻي عالمي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو. اهي پاڻ تھ نھ بچي سگهيا، پر انهن لکين بيگناهه ماڻهن کي موت جي منھن ۾ وجھي ڇڏيو.
ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سرد جنگ شروع ٿي. ان دور ۾ به اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ تبديلي کي روڪڻ جو عمل جاري رهيو. سوويت يونين ۽ آمريڪا پنهنجين حڪومت جي حامي حڪومتن کي بچائڻ ۽ مخالف حڪومتن جي تختي اونڌي ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن کي قتل ڪيو. ان دور ۾ ڪميونسٽ هجڻ جي ’ڏوهه‘ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي. 1967ع ۾ انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ، ميجر جنرل سوهارتو 10 لک ماڻهن کي ڪميونسٽ قرار ڏئي انھن جو قتل ڪيو ۽ اقتدار تي قبضو ڪيو. ڪوريا ۾، 1950ع ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪميونسٽ سڏي موت جي ننڊ سمھاريو ويو. ٿائيلينڊ ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ هزارين شهري ڪميونسٽ همدرد هجڻ جي شڪ ۾ قتل ڪيا ويا، 200 ماڻهن کي 200 ليٽر تيل جي ڊرم ۾ ساڙي ڪوئلوڪيو ويو. ويٽنام جنگ ۾ ٽي لک ماڻهو ماريا ويا. گوئٽي مالا، ارجنٽائن ۽ ايل سلواڊور ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا يا غائب ٿي ويا.
سرد جنگ جي ٻھ قطبي دنيا نظرياتي طور تي ورهايل هئي. ٻنھي مخالف وڏين طاقتن پنهنجن بلاڪ ۾ شامل خاص طور تي فرنٽ لائن رياستن کي مڪمل مالي مدد ۽ فوجي مدد فراهم ڪئي. سرد جنگ 1990ع ۾ ختم ٿي، جنهن کان پوءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين پنهنجي سرپرستي هيٺ ملڪن جي حڪومتن کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو. ان بي رحم رويي جو نتيجو اهو نڪتو ته انهن ملڪن تي رياست جي گرفت ڪمزور ٿي وئي ۽ نسلي، لساني، مذهبي، فرقيوار ۽ علائقائي تضاد اڀري سامھون آيا، جن کي پھرين بي دردي سان چٿيو ويندو هو. انهن ملڪن جي حڪمرانن سرد جنگ کان پوءِ جي دور جي گهرجن مطابق جمهوري تبديلي جي مزاحمت ڪئي، جنهن جي ڪري دنيا جي مختلف حصن ۾ علائقائي جنگين ۽ گھرو جنگين جو هڪ خوفناڪ دور شروع ٿيو.
سرد جنگ کان پوءِ ڪيتريون ئي علائقائي جنگيون ٿي چڪيون آهن، جنھن جو سلسلو اڃا 2025 تائين بھ جاري آهي. عراق 1990 ۾ ڪويت تي قبضو ڪيو. ڪويت کي آزاد ڪرائڻ لاءِ گڏيل قومن پاران آمريڪا جي اڳواڻي ۾ 42 ملڪي اتحاد ٺاهيو ويو، جنهن ڇهن مهينن جي جنگ کان پوءِ ڪويت کي آزاد ڪرايو. جنگ ۾ اتحادي فوج جا 12 ھزار سپاھي ۽ عراق جا ھڪ لک 75 ھزار کان وڌيڪ ي فوجي مارجي ويا. ٻي وڏي جنگ آمريڪا، ان جي اتحادين ۽ افغان طالبان جي هئي، جيڪا 2001 ۾ شروع ٿي ۽ آگسٽ 2021 ۾ ختم ٿي. 19 سال ۽ 10 مهينا هلندڙ جنگ ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز جا 66 ھزار ۽ آمريڪا جي حمايت يافته اتحاد جا 3 ھزار 500 سپاھي مارجي ويا. جڏهن ته طالبان باغين جا 88 ھزار ويڙھاڪ ماريا ويا. انهن جي حامي القاعده ۽ ٻيون انتها پسند تنظيمون جا 4 ھزار کان وڌيڪ ويڙھاڪ مارجي ويا.
فيبروري 2022 ۾ يوڪرين تي روسي حملي کان پوءِ شروع ٿيندڙ جنگ اڃان جاري آهي. سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي هڪ رپورٽ موجب، هن جنگ ۾ 2 لک 50 ھزار روسي ۽ ھڪ لک يوڪريني مارجي ويا آهن ۽ زخمين جو تعداد تمام ان کان بھ گهڻو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته اھڙي خطرناڪ جنگ تي دنيا جو ڌيان نھ ھئڻ برابر آھي. مئي ۽ جون 2025 ۾ پھرين هندستان ۽ پاڪستان ۾ چار ڏينهن جي شديد فوجي ٽڪراءُ رھيو جيڪو مڪمل جنگ ۾ تبديل نه ٿيو. ان کان پوءِ اسرائيل ۽ ايران ۾ يارهن ڏينهن جي جنگ شروع ٿي، جيڪا صدر ٽرمپ جي مداخلت سان ختم ٿي.
سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا ۾ گھرو ويڙھ جو سلسلو پڻ شروع ٿيو. 2011 ۾ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ گھررو ويرھ شام ۾ ٿي. جيڪا 14 سالن کان پوءِ به مڪمل ختم نه ٿي آهي. ھن ملڪ تي 53 سالن تائين سوويت نواز بعث پارٽي جي ھڪ شخصي آمريت هئي، جنهن جي بنياد صدر حافظ الاسد رکيو هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ بشار الاسد اھو عهدو سنڀاليو. سرد جنگ کان پوءِ سندس حڪومت جي خلاف اڀرندڙ جمهوري تحريڪ کي ھن سختي سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي ۾ هڪ خوفناڪ گھرو جنگي شروع ٿي وئي، جنهن ۾ 6 لک 54 ھزار ماڻھون مارجي ويا.ملڪ اندر 66 لک ماڻھون بي گھر ٿيا ۽ 67 لک شامي پناهگير دنيا ۾ دربدر آھن.
سرد جنگ کان پوءِ جن ملڪن جنگ ۽ گھرو ويڙھ ٿيون، انھن سڀني ۾ ڪجهه ڳالھيون ھڪجھڙيون آھن. انهن مان اٽڪل سڀني ملڪن تي فوجي، شخصي يا هڪ جماعتي آمريت هئي، يعني انھن جي قيادت تبديلي جي صلاحيت کان محروم ھئي. ڪنهن به ملڪ جي حڪومت سرد جنگ کان پوءِ نئين حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. اهي سڀئي ملڪ اڳوڻي سوويت يونين يا اولھھ بلاڪ جا سرگرم حصا هئا.ٻئي وڏيون طاقتون پنهنجن اتحادين کي مالي مدد فراهم ڪرڻ کان علاوه، بين الاقوامي فورمن ۾ سياسي مدد پڻ فراهم ڪئي، انهن جي سيڪيورٽي کي محفوظ بڻايو ۽ اندروني بغاوتن کي چٿڻ ۾ مدد ڪئي. سرد جنگ جي خاتمي سان، انهن ملڪن کي ملندڙ فائدن جو بھ دور ختم ٿي ويو.
سرد جنگ جي دور جي رعايتن کان محروم ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ بدقسمتي سان اسان جو نالو بھ شامل آھي.اھي بھ ڏينھن ھئا جو بنا گھرڻ جي اربين ڊالر ملندا هئا، هاڻي مالي مدد جي عاجزي جي درخواست تي پڻ طعنا ٻڌڻا پون ٿا. هاڻي ڪو به مفت فوجي مدد نه ڏيندو آهي بلڪھ هٿيارن جي قيمت طلب ڪندو آهي.عالمي ادارن ۾ اسان جي غير مشروط حمايت ڪندڙ اڄ منهن موڙي غير جانبدار ٿي ويا آهن.
پراڻن طريقن تي هلندڙ ملڪن جو حشر انهن جي سامهون آهي، ڇو نه 21 صدي جي نئين دنيا جي نئين آئين کي قبول ڪيو وڃي ۽ اڳتي وڌجي؟