سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي هڪ دانهن ڏجي ٿي

تحرير: ثوبيا کوسو

ٻڌو هو ته قانون سڀني لاءِ برابر هوندو آهي ۽ هر قانوني اداري جي احتساب لاءِ وري ٻيو ادارو به هوندو آهي، پر سخت افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ادارا ته آهن پر عوام طرفان انهن جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سواليه نشان ڏنل هوندا آهن، ماڻهوءَ سان ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته انهيءَ جي دل ۾ هڪ اميد پيدا ٿيندي آهي ته آئون ڦلاڻي اداري ۾ درخواست ڏينديس يا ڏيندس ته مونسان انصاف ٿيندو،۽ جڏهن هو انهيءَ اداري ۾ درخواست ڏيندو آهي ۽ ان سان انصاف ناهي ٿيندو ته هو تمام گهڻو مايوس ٿي ويهندو آهي ۽ انهيءَ انصاف نه ملڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، هتي چمبڙ ۾ به ائين ئي ٿيو آهي،

ڪجهه وقت اڳ چمبڙ جي ڄارڪي اسٽاپ تي موجود روحاني ڪلينڪ ۾ شيخ ڀرڪيو جي هڪ مزدور اعظم ٽنگڙي پنهنجي يارنهن مهينن جي معصوم پٽ جي مثاني جو آپريشن ڪرايو هو، پر روحاني ڪلينڪ تي موجود ڊاڪٽر ان معصوم جو آپريشن ته ڪيو پر ان جو غلط آپريشن  ٿيو، پهرين آپريشن جي اڌڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ وري هڪ دفعو ٻيو آپريشن ڪري کين گهر روانو ڪيو ويو، پر وارثن موجب اسين جڏهن گهر پهتاسين ته اتي معصوم جي پيشاب واري جائي مان پيشاب اچڻ بدران مثاني جي ٿيل آپريشن جي ٽانڪن مان پيشاب وهي رهيو هو، هو ان معصوم کي کڻي ساڳئي ڊاڪٽر وٽ ويا  پر ڊاڪٽر انهن کي چيو ته ننڍڙي جو آپريشن ٽنڊوالهيار ۾ ٿيندو اوهان اتي هلو آئون به اتي اچان ٿو ، اتي به ڊاڪٽر ٽيون دفعو آپريشن ڪيو پر اهو به ناڪام ويو، بعد ۾ کين حيدرآباد جو ريفر ليٽر ٺاهي ڏنائين، ۽ ان دوران هو غريب ٽنگڙي دانهون ڪندو رهيو، ڪوڪون ڪندو رهيو ته مونسان ظلم ٿيو آهي، منهنجي پٽ جو ٽي دفعا غلط آپريشن ٿيو آهي جنهن ڪري ان جي حالت نازڪ آهي، پر پوءِ به ڊاڪٽر سميت ڪنهن به ان جي دانهن نه ٻڌي، ۽ نيٺ اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو،  ۽ مزدور اعظم ٽنگڙي چمبڙ ۾ احتجاج ڪيو ، چمبڙ ۾ احتجاج جي نيوز عوامي آواز ۾ هلڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار نوٽس ورتو جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ، ۽ ڊي ايڇ او ٽنڊوالهيار ۽ ٻين اسپتال جو وزٽ ڪيو ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو، پر سياسي دٻاءُ سبب انهن اسپتال سيل نه ڪئي ۽ پنهنجي ڳچي مان اهو مسئلو ڪڍڻ لاءِ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سنڌ کي ليٽر لکيو ويو پر اهو ليٽر به عوام ۽ صحافين کان لڪايو ويو ۽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم آئي جنهن ٽنڊوالهيار شهر ۾ موجود ڪجهه اسپتالن کي سيل ڪيو ۽ پوءِ چمبڙ طرف روانا ٿيا. چمبڙ ۾ ڪجهه ڪلينڪ وارن کي وارننگ ڏيڻ کان پوءِ هو واپس ويندي روحاني ڪلينڪ جو دورو ڪيو، اتي ٽيم پهتي ۽ انهن ڏٺو ته ڪنهن به ايس او پي کي فالو نه پئي ڪيو ويو، آپريشن ٿيٽر ۾ به ضروري شيون موجود نه هيون، آپريشن ٿيٽر ۾ آپريشن دوران صحيح لائيٽ جو بندوبست به نه هو اتي صرف ٽريڪٽر جي هيڊ لائٽ هئي ۽ بجلي ايندي هئي ته  اها لائٽ به ٻرندي هئي نه ته پوءِ وري هٿ واري ٽارچ ٻاري آپريشن ڪيو ويندو هو، انهن اتي ڊاڪٽر کان اهو سبب پڇيو ته ڊاڪٽر هڪ عجيب جواب ڏنو ته آئون ٻين اسپتالن کان صفا گهٽ پئسن تي آپريشن ڪندو آهيان انڪري سهولتون نه آهن، ان بعد هيلٿ ڪيئر وارا واپس ويا هليا، ڪافي شڪايتن ، ايس او پيز کي فالو نه ڪرڻ باوجود به ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، ايتري قدر جو اتي ويٺل مريضن به دانهون ڪيون پر افسوس ته انهن جي دانهن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، جنهن بعد هيلٿ ڪيئر ڪميشن حيدرآباد جي آيل ٽيم ۽ ٻين خلاف مختلف ادارن جي سربراهن کي به درخواستون ڪيو ويون پر ڪافي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به اڃان تائين ڪا به ڪاروائي عمل ۾ ناهي اچي سگهي. نقصان هڪ ته انهيءَ مزدور اعظم ٽنگڙي جو ٿيو جنهن جو معصوم گل هن دنيا ۾ اچڻ بعد يارنهن مهينن کان پوءِ هي دنيا ڇڏي ويو، ۽ ٻيو نقصان انهن جو ٿيو جيڪي انهيءَ اسپتال مان آپريشن ڪرائي اپاهجن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،

آئون پنهنجي هن رپورٽر ڊائري وسيلي وزيراعلي  سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ،  هليٿ ڪيئر ڪميشن جي سيڪريٽري، سميت هائي ڪورٽ آف سنڌ، سيشن جج ٽنڊوالهيار، ڊي سي ٽنڊوالهيار کي اها اپيل ڪنديس ته خدارا هڪ نوٽس وٺي انساني زندگيون بچايو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.