ڪراچي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ مليل اداڪارا ۽ ماڊل حميره اصغر کي ڪالهه سندس اباڻي شهر لاهور ۾ دفنايو ويو آهي.جمعي ڏينهن لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي جي ڪيو بلاڪ ۾ سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ اتي ئي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس خاندان کان علاوه ميڊيا جي نمائندن جو وڏو انگ موجود هو. ٽيون ڏينهن سندس ڀاءُ لاش وصول ڪرڻ کان پوءِ لاهور کڻي آيو ھو. حميره اصغر جي چاچي ٻڌايو ته ‘حميره جو خاندان سان رابطو فون تي هو ۽ هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻن، ٽن يا ڇهن مهينن کان پوءِ لاهور ايندي هئي.’ حميره جي چاچي محمد علي موجب سندس خاندان حميره کان لاتعلقي جو اعلان نھ ڪيو آهي. هن چيو ته ‘حميره جو سندس والدين سان تعلق تمام سٺو هو ۽ ملڪيت جو ڪو مسئلو نه هو.’
جڏهن پڇيوويو ته حميره سان ايتري عرصي کان رابطو نه ٿيو هو، ته هن کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته ‘اسان کي حميره جي گهر (ڪراچي ۾) جو پتو نه هو.’.
ڪراچي ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي فيز ڇهه جي ڪمرشل لين فائيو ۾ واقع C6 عمارت ڪنهن به ٻي عمارت وانگر نظر اچي ٿي. 8 جولاءِ تي ھن عمارت جي هڪ اپارٽمينٽ ۾ اداڪاره حميره علي اصغر جو لاش مليو ھو.خميس جي شام پنج ماڙ عمارت جي ٻاهران ڪجهه ڪارون پارڪ هيون، پر عمارت جي ٻاهران خاموشي ڇانيل هئي. هي هڪ پنج ماڙ عمارت جي ھر ماڙ تي ٻه اپارٽمينٽ آهن. حميره علي اصغر عمارت ٽئين ماڙ تي رهندي هئي.عمارت جو دروازو بند آهي ۽ صرف اتي رھندڙ ئي ان کي اندران کولي سگھن ٿا. عمارت جي هيٺان هڪ ويٽرنري ڪلينڪ پڻ آهي. ڪلينڪ جي عملي کان حميره بابت پڇيو ويو ته انهن لاعلمي جو اظهار ڪيو.ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان چيو "اسان ڪڏهن به هن عورت کي ايندي يا ويندي نه ڏٺو آهي، اسان کي خبر به نه هئي ته هتي ڪا اداڪاره رهي ٿي.”
گهڻي ڪوشش کان پوءِ عمارت ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو کليو،جڏهن ٽئين منزل تي پهتاسين، ته حميره جي اپارٽمينٽ جي دروازي جي ٻاهران هڪ پيلي پٽي لڳل هئي، جنهن تي اردو ۾ لکيل هو: "خبردار، هن کان اڳتي وڃڻ منع آهي.”ان جي هيٺان، دروازي تي، مارڪرسان لکيل آهي "هي گهر سِيل ڪيو ويو آهي، گزري پوليس اسٽيشن سان رابطو ڪريو.”هي گهر سيل ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن کي به ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي، پر ڪجهه اهم سوال اڃا باقي آهن ته هن اپارٽمينٽ جي رهواسي حميره علي اصغر جو موت ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو .
ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي ايس ايس پي مهروز علي بي بي سي جي رياض سهيل کي ٻڌايو ته ‘اداڪاره حميره علي لاهور جي رهواسي هئي ۽ 2018 کان اتحاد ڪمرشل علائقي ۾ هڪ فليٽ ۾ رهي رهي هئي. ھن 2024 کان مسواڙ ڏيڻ بند ڪري ڇڏي ھئي، جنهن خلاف مالڪ عدالت سان رابطو ڪيو هو.’
ايس ايس پي موجب، ‘پوليس اڱاري ڏينھن عدالت جي بيلف سان گڏ فليٽ تي پهتي ته دروازو اندر کان بند هو.”جڏهن پوليس لوهي گيٽ ۽ ڪاٺ جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ته حميره علي جو لاش زمين تي پيو هو، جيڪو ڪيترائي ڏينهن پراڻو هو.’جنھن بعد لاش جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي
پوسٽ مارٽم ٿيو.پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جي تاريخ نھ ڄاڻائي وئي آھي، پر اهو ضرور ڄاڻايل آهي ته موت ۽ پوسٽ مارٽم جي وچ وارو وقت 8 کان 10 مهينا ٿي سگهي ٿو.پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب سڀئي سنڌ ۽ هڏ سلامت آهن، جسم سڙي ڳري ويو آهي ۽ ان تي ڪارا داغ آهن، زخم جو ڪو به نشان نه آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موت جو اصل سبب ليبارٽري ۽ ڪيميڪل نتيجن کان پوءِ معلوم ٿيندو.ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي جي ڊي آءِ جي اسد رضا ٻڌايو ته اڃا تائين پوليس کي موت جو ڪو به ڏوھ وارو سبب نه مليو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.ڏکڻ ضلعي جي ايس ايس پي مهروز ٻڌايو ته اداڪاره جي موبائل جي ڪال ڊيٽيل رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان تھ اھو آخري ڀيرو آڪٽوبر 2024 ۾ استعمال ٿيو ھو ۽ سندس ريفريجريٽر مان مليل کاڌي پيتي جي شين جي ايڪسپائيري تاريخ پڻ آڪٽوبر جي ويجهو لکيل آهي.حميره علي جو گهر اندران بند هو ۽ اسان ٽوڙي اندر داخل ٿيا ھئاسين.
موت جو وقت ڪيئن طئي ڪيو ويو؟پوليس سرجن سمعيه سيد جو چوڻ آهي ته حميره اصغر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته اداڪاره جو لاش ڊي موزيشن جي ايڊاونس اسٽيج تي آھي، پر جسم مان نمونا گڏ ڪرڻ کان پوءِ موت جو سبب طئھ ڪرڻ باقي آهي.ھن ٻڌايو تھ جسم تي تشدد جو ڪو ثبوت ناھي مليو. ‘پوسٽ مارٽم جي هڪ حد آهي.جيترو جسم وڌيڪ ڳريل ھوندو آھي اوترو زخمن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ويندو آھي.’
پوليس سرجن موجب موت جو وقت صرف جسم جي حالت جي بنياد تي اٺ مهينا نه ڪيو ويو آھي پر، حالتن جي ثبوتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آھي.ايتري عرصي تائين موت جو تعين ڇو نه ٿي سگهيو؟ پوليس عملدارن ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، حميره جو موت کي 6کان 8 مھينن کان بھ وڌيڪ وقت گذري چڪو هو. سوال آھي تھ سندس موت ايتري عرصي تائين ڪيئن لڪيل رھيو ؟ حميره جي اپارٽمينٽ جي مسواڙ واري ايگريمنيٽ تي حميره ۽ مالڪ ڊسمبر 2018 ۾ صحيحون ڪيون هيون.فليٽ جي مسواڙ 40 ھزار رپيا ھئي ۽ اداڪاره فليٽ مالڪ کي ھڪ لک 60 ھزار رپيا ايڊوانس ڏنا هئا.ساڳئي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حميره جو تعلق لاهور جي گرين ٽائون علائقي سان هو، جڏهن ته سندس فليٽ جي مالڪ جو پتو ڪوئيٽا ڪينٽ جو لکيل آهي.
هڪ رهائشي عمارت جنھن ۾ ٻيا بھ رھن ٿا، ان ۾ ھڪ ادڪاراھ جو موت ماڻهن جي نظرن کان ڪيئن لڪيل رهيو ؟ ايس ايس پي مهروز علي کان پڇيو ويو ته ڇا حميره جي پاڙيسرين لاش جي ڌپ سبب ڪا گڙٻڙ محسوس نھ ڪئي ، هن جواب ڏن، "توهان عمارت ڏٺي هوندي، جيڪا لڳ ڀڳ 150 وال جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ عمارت جي هر ماڙ تي ٻه،ٻھ فليٽ آهن.”
"سندس پاڙيسري چون ٿا ته اھي ان وقت گهر ۾ نه هئا ۽ اهي فيبروري ۾ واپس آيا آھن. لاش جي سڙڻ جو شروعاتي عمل ان وقت (فيبروري) تائين مڪمل ٿي چڪو هوندو ۽ ان وقت تائين (لاش مان نڪرندڙ) ڌپ ختم ٿي چڪي هوندي.”اداڪاره حميره اصغر جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي آخري پوسٽ سيپٽمبر 2024 جي آخر ۾ ڪئي وئي هئي ۽ ان دوران هوءَ هڪ ميگزين لاءِ فيشن شوٽ ڪري رهي هئي.ان شوٽ جي وقت، اسٽائلسٽ دانش مقصود هن جي اسٽائلنگ ڪئي ھئي. هن ڪراچي جي صحافي قيصر ڪامران صديقي کي ٻڌايو ته اداڪاره حميره اصغر سان واٽس اپ تي سندس آخري رابطو 2 آڪٽوبر 2024 تي ٿيو هو.
دانش مقصود پاران شيئر ڪيل واٽس اپ گفتگو جي اسڪرين شاٽ موجب حميره علي اصغر کيس ٻڌائي رهي هئي، "مون کي توهان جي ٽيم سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو آيو.” ان اسڪرين شاٽ تي 7 آڪٽوبر 2024 "آخري ڀيرو ڏٺو ويو” جي اڳيان لکيل آهي. جنھن مان لڳي ٿو ته اداڪاره جو واٽس اپ اڪائونٽ آخري ڀيرو گذريل سال آڪٽوبر ۾ استعمال ڪيو ويو هو. جڏهن ته حميره جي گهر مان مليل ٻن موبائل فونن جي فارنزڪ تجزيي تائين ان تي ڪا به آخري راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي.دانش مقصود جو چوڻ آهي ته هن نه رڳو هن سال فيبروري ۾ حميره اصغر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ٽيم فلانٽ پاڪستان ميگزين نالي فيس بڪ پيج تي سندس ‘لاپته’ بابت پوسٽ پڻ ڪئي ھئي.حميره اصغر جو خاندان ڪٿي آهي؟ حميره اصغر جي موت جي خبر کان پوءِ قياس آرائيون هيون ته سندس خاندان هن کان ناراض هو ۽ لاش وصول ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آھي. خميس تي،ڪراچي پوليس آفيسرن. ھن جي خاندان جي ٻن ميمبرن جي ڪراچي ۾ آمد جي تصديق ڪئي.حميره اصغر جو ڀاءُ ۽ ڀيڻ سندس لاش وٺڻ لاءِ آيا.جيڪي لاش کڻائي اھو لاھور ۾ دفنايو آھي.
موت جو وقت ڪيئن طئي ڪيو ويو؟پوليس سرجن سمعيه سيد جو چوڻ آهي ته حميره اصغر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته اداڪاره جو لاش ڊي موزيشن جي ايڊاونس اسٽيج تي آھي، پر جسم مان نمونا گڏ ڪرڻ کان پوءِ موت جو سبب طئھ ڪرڻ باقي آهي.ھن ٻڌايو تھ جسم تي تشدد جو ڪو ثبوت ناھي مليو. ‘پوسٽ مارٽم جي هڪ حد آهي.جيترو جسم وڌيڪ ڳريل ھوندو آھي اوترو زخمن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ويندو آھي.’