لياري جي ڳتيل آبادي واري علائقي بغدادي ۾ هڪ پنج ماڙ عمارت ڊھي پئي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 ماڻهو مري ويا، جڏهن ته ڪيترائي معذور ۽ صدمي ۾ ورتل آهن. ڪجهه سالن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊھي چڪيون آهن، جھڙوڪ 2020 ۾ ڪورنگي ۽ گل بهار ۾ ۽ 2023 ۾ مڇر ڪالوني ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ عمارتن جي ڊھڻ جا واقعا پيش آيا، جن ۾ ڪيتريون ئي حياتيون ھليون ويون.
اهي افسوسناڪ واقعا ان ڪري ٿين ٿا جو اڻ ڳڻيون عمارتون ھاڻي رهڻ لائق نه رھيون آهن. صرف لياري ۾ئي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) پاران 107 کان وڌيڪ عمارتن کي غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن ۾ اهڙين عمارتن جو درست انگ نامعلوم آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ لانڍي، ڪورنگي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ 40 کان وڌيڪ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.خوشقسمتيءَ سان، انهن واقعن ۾ ڪو به جاني نقصان نھ ٿيو آھي، پر اهو ڏسي مايوسي ٿئي ٿي ته قدرتي آفتون پٺتي پيل آبادين، خاص طور تي شهري علائقن ۾ رهندڙ غريب ماڻهن کي تباهه ڪن ٿيون. تنهن ڪري، جيئن جيئن چوماسي جي موسم شروع ٿي رهي آهي، وڌيڪ دير نھ ڪرڻ گھرجي ۽ هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي فوري طور تي ميونسپل اختيارين ۽ صوبائي آفتن جي انتظام واري اداري سان گڏجي ڪري خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. اختيارين کي ڪميونٽي اڳواڻن ذريعي انھن عمارتن ۾ رھندڙن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي اتان ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي.ٽينيڪي ماھرن جي مدد ۽ راءِ عامھ جي ذريعي ڪمزور عمارتن لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو عمل ترتيب ڏيڻ گھرجي.
موجود سرڪاري رهائشي عمارتن جي فوري طور تي نشاندھي ڪئي وڃي ۽ اتي جي رھندڙن جا لاءِ متبادل رهائشي انتظام ڪيا وڃن. عمارتن جي حالت جو فوري جائزو وٺڻ گھرجي، ته جيئن انهن عمارتن لاءِ ممڪن بحالي جو پتو لڳائجي ، تھ ڪھڙيون بچائي سگهجن ٿيون.جيڪي عمارتون مڪمل طور تي رھڻ لائق نھ رھيون آھن، انهن کي قانوني ۽ انتظامي شرطن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ احتياط سان ڊاهي سگهجي ٿو. شهري سڌاري جي منصوبي جي حصي جي طورتي، علائقي جي نئين سر تعمير لاءِ منصوبو پڻ جوڙي سگھجي ٿو.
ھڪ مالياتي منصوبو جنھن ۾ جزوي صوبائي امداد شامل ھجي ۽ رهواسين کان ايندڙ خرچ جي آھستي آھستي قسطن ۾ وصولي بھ شامل ڪئي وڃي.ان رٿا جي فنڊنگ لاءِ تيار ڪيو وڃي.ان کان علاوه هر گهر جي ڪل ايراضي کي بهتر سهولتن سان گڏ ايراضي وڌائڻ لاءِ ڪجهه قدم پڻ اهم آهن. تعمير جي اسان جي ماضي جي ٽريڪ رڪارڊ کي ڏسندي، هي سڄي مشق 30 مهينن ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿو.صوبائي حڪومت کي ڪراچي ۽ ٻين شھرن جي مسئلن جي حوالي سان ان کي ھڪ پائلٽ پروجيڪٽ بڻائڻ جي لاءِشروعاتي مرحلي ۾ فنڊ بھ فراهم ڪرڻا پوندا. منصوبي جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ بعد عوام ۾ حڪومت جي ارادن ۽ معاملن ۾ شموليت بابت اعتماد جو ماحول پيدا ٿيندو.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 جنهن جي تحت ايس بي سي اي، قائم ٿي ھئي.اھو آرڊيننس هڪ نگراني ڪميٽي جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو. ماضي ۾ ڪيترن ئي موقعن تي جامع ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن. حقيقت ۾ شھري ڪي. رولينڊ ڊي سوزا ۽ اردشير ڪاواسجي جهڙن نامور پيشه ور ماڻهن شهر ۾ تعميراتي ڪمن جي نگراني بابت اثرائتو ڪم ڪيو. اهڙي ڪميٽي کي ٻيهر قائم ڪرڻ ڪراچي جي بهترين مفاد ۾ هوندو.
صرف بيوروڪريٽس سان خالي جاين کي ڀرڻ جي بدران (جيئن هاڻي ٿئي ٿو)، انهن عهدن تي سول سوسائٽي جي متحرڪ ميمبرن سان گڏوگڏ پيشه ور ۽ محققن کي بھ مقرر ڪرڻ گھرجي.اسٽيڪ ھولدرز جھڙوڪ بلڊرز، ٺيڪيدارن، رهائشين، سروس فراهم ڪندڙن،ڪنسلٽنٽس ۽ ٻين جي فعال خدمتن سان گڏوگڏ ٻيهرھڪ منظم ڪميٽي شهر جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ۽ عمارتن جي تعمير جي لاڳاپيل ضابطن ۽ حفاظتي طريقيڪار جي مطابق عمل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
اسان جي موجوده عمارت ۽ شهر جي رٿابندي جي قانونن کي مڪمل طور تي اپڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صرف نوان قانون ٺاهڻ ۽ انهن کي بي ترتيبي سان لاڳو ڪرڻ سان ڪم نھ ھلندو.ان سلسلي ۾ وڌيڪ عملي ۽ اثرائتي رٿابندي جي ضرورت آهي. هڪ وڏو مسئلو جنھن کي گھڻو ڪري نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اهو تعميراتي سامان ۽ مواد جو ناقص معيار آھي. مقامي طور تي تيار ڪيل ۽ درآمد ٿيل مواد جي جانچ پڙتال نٿي ڪئي وڃي. اهو ئي سبب آهي ته پنھنجي گهر جي تعمير ڪندڙ مالڪ اڪثر ڪري غير معياري تعميراتي مواد ۽ تعميراتي خدمتن لاءِ وڌيڪ پئسا خرچ ڪندا آهن.
ھاڻي وقت اچي چڪو آھي تھ عمارتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعميراتي سامان سرڙي ۽ مواد کي معياري بڻايو وڃي.جنهن ۾ سيمينٽ، ريتي، اسٽيل، ايٽون يا سرون ۽ بلاڪ شامل آهن. ڪيترن ئي پائلٽ پروجيڪٽس ثابت ڪيو آهي ته بنيادي تعميراتي مواد جي معيار کي بهتر بڻائڻ سان تعميراتي معيار ۾ نمايان بهتري ايندي آهي.بلاڪن سان ڀت ٺاھڻ ۽ ٻين تعميراتي مھارتن ۾ وسيع پيماني تي پيشه ور تربيت پڻ هڪ اهم جزو آهي.
اهي ڪوششون موجوده مزدورن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۽ جديد ۽ تعميراتي شعبي ۾ شامل نون ماڻهن کي تربيت ڏيڻ ۾ مدد ڪنديون. جديد ڊجيٽل اوزار ۽ بهتر تعميراتي طريقن کي استعمال ڪندي، ماڻهو مضبوط، پائيدار ۽ مهارت سان ٺهيل گهرن ذريعي پنهنجي پئسن لاءِ بهترين هائوسنگ خدمتون حاصل ڪندا.