ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ هن سال جو ڊينگي سبب پهرين موت رپورٽ ٿيو آهي، ذريعن موجب، سنڌ انفيڪشس ڊزيز هاسپيٽل ۾ ڊينگي جو مريض فوت ٿي ويو، هي ڪيس سنڌ ۾ هلندڙ سال جو پهريون ڪيس آهي، اسپتال انتظاميا موجب، 24 سالن جو مريض گذريل 2 ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هو ۽ سندس پليٽيليٽس 32 هزار تائين گهٽجي ويا هئا، جڏهن ته هڪ صحتمند انسان ۾ پليٽليٽس جي مقدار اٽڪل هڪ لک پنجاهه هزار کان چار لک پنجاهه هزار تائين هوندو آهي، ٻئي پاسي، صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هن سال سنڌ ۾ ڊينگي جا 295 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان رڳو ڪراچي مان ڊينگي وائرس جا 260 ڪيس سامهون آيا آهن.