اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) پاڪستان جي سياست ۾ وڏي هلچل ۽ امڪاني تبديليون سامهون اچي رهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري کي اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان اڳتي آڻڻ جي امڪانن تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو اتحاد جلد ٽٽي سگهي ٿو ۽ رڳو 8 ايم اين ايز جي ضرورت هوندي ته مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي کان الڳ ٿي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي پوزيشن مضبوط ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪجهه آزاد يا پي ٽي آءِ جي حامي آزاد اميدوارن کي پنهنجي پاسي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پيپلز پارٽي جي حڪومت مان نڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا. عمر ايوب جي اپوزيشن ليڊري به خطري ۾ آهي. پيپلزپارٽي چاهيندي ته آئيني عهدا انهن وٽ رهن، اهڙي صورت ۾ بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر ٿي سگهي ٿو، جڏهن تهجيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ۾ رهي ٿي ته اپوزيشن ليڊر جو عهدو مولانا فضل الرحمان ڏانهن وڃي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي بعد مخصوص سيٽن جي ورهاست ٻيهر ٿي آهي، جنهن سان قومي اسيمبلي ۾ پارٽين جي طاقت جو توازن بدلجي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) کي وڌيڪ 14 مخصوص سيٽون ملڻ جون اميدون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 سيٽون ملڻيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جون 217 سيٽون آهن. ن ليگ جون 14 مخصوص سيٽون ملائي 125، پيپلزپارٽي وٽ مخصوص سيٽون ملائي 75 سيٽون هونديون. اتحادين سميت مسلم ليگ (ن) وٽ 161 سيٽون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي الڳ ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) کي رڳو 8 ايم اين ايز جي ضرورت پوندي. آزاد ميمبرن کي پاڻ سان گڏائڻ سولو نه هوندو پر ناممڪن به ناهي. ماڻهو پي ٽي آءِ مان مايوس ٿي پارٽي کي ڇڏي سگهن ٿا. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن تي 9 مئي وارا ڪيس منطقي انجام تي پهتا ۽ انهن جي ڊسڪواليفاءِ جا فيصلا آيا ته انهن جي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون، جتي مسلم ليگ (ن) کي وڌيڪ سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽي لاءِ حڪومت ۾ رهڻ جو جواز گهٽجي ويندو ۽ هو اپوزيشن ۾ وڃي سگهن ٿا. ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي، جتي مسلم ليگ (ن) حڪومت ۾ ۽ پيپلز پارٽي مضبوط يا ذميوار اپوزيشن جي حيثيت سان سامهون اچي سگهي ٿي. اهي به امڪان هوندا ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ۽ اپوزيشن تحت معاملا اڳتي به وڌائي سگهن ٿا، جتي هو گڏجي آئيني ترميم ڪري سگهندا. پيپلزپارٽي ۾ هاڻي مان نه مڃان واري ڳالهه ناهي، ن ليگ به گهڻين ڳالهين مان سکي چڪي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان پي ٽي آءِ جي حمايت رکندڙ آزاد ايم اين اي چوڌري عثمان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي ٻن ايم ايل ايز فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي، انهن ۾ ايم ايل اي چوڌري رفيق ۽ جاويد بٽ شامل هئا. ان کان اڳ چوڌري الياس تنوير پ پ ۾ شامل ٿي چڪو هو، يعنيٰ اها شروعات آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو01 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو