اسرائيل ايران جنگ بندي ۽ ايران جي حڪومت جي تبديلي جو جائزو

تحرير: ماھر علي

آمريڪا يا اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي  جي آجيان صرف تڏهن ئي ڪري سگهجي ٿي جڏهن اها قائم رهي. تازو  ڪيتريون ئي بريڪنگ نيوز وانگر، جنگ بندي جو اعلان ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽروٿ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو ويو،جتي توقع موجب آمريڪي صدر، ان کي پنهنجي ذاتي ڪاميابي قرار ڏنو. اهو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن آمريڪا بينجمن نتن ياهو پاران شروع ڪيل صليبي جنگ ۾ شامل ٿيو ۽ اهو ڪجهھ ڪيو جيڪو اسرائيل لاءِ حاصل ڪرڻ ڏکيو ھو. ان بي-2 بمبارن جي مدد  فودو،نطنز ۽ اصفھان۾ ايران جي ايٽمي سهولتن تي "بنڪر بسٽر” بم ڪيرايا. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته سائيٽس مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، پر ڪو به آزاد ذريعو ثبوت سان اڳيان نه آيو آهي، جڏهن ته سومر تي فورڊو تي اسرائيل جي وڌيڪ حملي پڻ سوال اٿاريا. جنگ بندي جو اعلان ايران پاران قطر ۾ آمريڪي العديد بيس تي  ڪجهھ ميزائلن فائر ڪرڻ کان ٿوري دير بعد ٿيو، جڏھن تھ اھا اڳڀرائي شايد  اتفاقي يا غيراتفاقي ٻئي ٿي سگھن ٿيون. ايراني ميزائل تھ اسرائيل جي آئرن ڊوم دفاعي نظام کي چيريندي نظر آيا.

بهرحال، آمريڪا يا اسرائيل پاران ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جي تجويز يا ڪوشش ڪرڻ جو خيال هن وقت دور نظر اچي ٿو. هي 1953 ۾ آمريڪا جي ڳجھي ايجنسي، سي آءِ اي جي شروعاتي مشنن  جي مقابلي ۾ڪافي مشڪل هو. جڏهن انهن محمد مصدق جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ غير مقبول شاهه کي واپس آندو ھو، جنهن آخرڪار 1979 جي انقلاب لاءِ رستو هموار ڪيو جنهن ايران کي مذهبي اڳواڻن جي ڪنٽرول هيٺ آندو.

ايران آمريڪي سامراج جي نشان مان صرف هڪ آهي. سامراجيت جنھن جي شروعات  آمريڪا جي برطانوي نوآبادياتي طاقت ۽ بعد ۾ اسپيني سلطنت کي شڪست ڏئي، آزادي حاصل ڪرڻ کان ڪجهھ عرصو بعد  ٿي ھئي. آزادي کان پوءِ، ان جو پهريون نشانو ميڪسيڪو هو، ۽ آمريڪا ميڪسيڪو جي علائقي جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو، جنهن ۾ موجوده ڪيليفورنيا، نيواڊا، يوٽا، نيو ميڪسيڪو، ايريزونا، ڪولوراڊو ۽ اوڪلاهوما، ڪنساس ۽ وومنگ جھڙين آمريڪي رياستن جا ڪجهه حصا شامل آھن.آمريڪا ٽيڪساس کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو، جنهن کي ميڪسيڪو ان وقت هڪ باغي صوبو سمجهندو هو.

20 صدي جي شروعات ۾، آمريڪا  ٻين ملڪن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ انھن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھو اھو ڪم پنهنجي سرحدن کان  گھڻو پري  بلڪھ گهڻو ڪري وچ آمريڪا ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيترن ئي ٻيٽن تي انجام ڏنو. فلپائن ايشيا ۾ ان جو هڪ نادر مثال آهي ۽ ان کان پوءِ آمريڪا ڪالونين جي بدران  ‘سيٽلائيٽ رياستن’ کي ترجيح ڏني. پاڪستان، 1947 ۾ پنهنجي آزادي کان جلد ئي پوءِ، انهن رياستن مان هڪ بڻجڻ لاءِ بيتاب نظر آيو، ايتري تائين جو آمريڪا کان 2 ارب ڊالر جي مدد بھ گهري ورتي.

ان وقت تھ آمريڪا کي ڪا دلچسپي نه هئي، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ان پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ مداخلت ڪئي ۽ پوءِ وچ آمريڪي ملڪ گوئٽي مالا جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. پوءِ، جتي به آمريڪا کي موقعو مليو، هن جمهوري قدرن جي خلاف ورزي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو.

انسانيت خلاف ڏوهه قرار ڏنل آمريڪي قدمن جي ڊگهي تاريخ جي مڪمل جائزي وٺڻ ۾ڪافي ڪوشش ڪرڻي پوندي، جنھن جي شروعات اصلي آمريڪين جي نسل ڪشي سان ٿي ۽ ان، انھن  کي آبادڪار نوآبادياتي رياست بڻائڻ  ۾ مدد ڪئي. ان جي پنهنجي سرحدن اندر بنيادي حقن تي حملن کان وٺي غزه ۾ جاري نسل ڪشي جي حمايت تائين، آبادڪار  آمريڪي رياست  ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ نقصانڪار ڪاررواين جو هڪ سلسلو انجام ڏنو آهي يا ان جي پٺڀرائي ڪئي آهي.

منهنجو ذهن لاڳيتو 58 سال اڳ جي ڪيل  ان شاندار تقرير ڏانهن ڇڪجي ٿو جنهن ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر بنا ڪنهن هٻڪ  جي چيو هو ته "منهنجي پنهنجي حڪومت اڄ دنيا ۾ تشدد جو سڀ کان وڏي عمل ڪندڙ  آهي.” افسوس جي ڳالهه آهي ته گهڻو ڪجهه تبديل نه ٿيو آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ هي بيان، اڄ جي ميگ آمريڪا گريٽ تحريڪ سان ملندڙ جلندڙ خيال رکندڙ اچي چمڙي واري بلادستن جي ھٿان قتل ٿيڻ کان ھڪ سال اڳ ڏنو هو. ھن جو موت  نڪسن ڪسنجر ٽولي جي تحت انڊوچائنا ۾ ٿيندڙ بدترين ظلمن کان هڪ سال اڳ ۽ انگولا، افغانستان، عراق، ليبيا، شام، يا ٻين هنڌن تي سندس قوم جي ظالمانه ڪاررواين کان ڏهاڪن سال ٿيو ھو. 1967 ۾، هن چيو ھو تھ "جيڪڏهن آمريڪا جو روح  مڪمل طور تي زهرڀريو ٿي وڃي، ته تاريخ جي ڪنهن به تجزيي ۾ ويٽنام جنگ جو ذڪر ضرور ٿيڻ گهرجي.” هن وڌيڪ چيو "اسان کي انهن ماڻھن  لاءِ  آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ چيو وڃي ٿو،جيڪي بي آواز آهن، انهن لاءِ جيڪي اسان جي قوم جا متاثر آهن ۽ انهن لاءِ جن کي اسان جو ملڪ ‘دشمن’ سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان پاران لکيل ڪو به قانون انهن جي انسانيت کي ختم نٿو ڪري سگهي. اهي ڪنهن به طرح اسان جي ڀائرن کان گهٽ نه آهن.”

ويٽنام جنگ جو حوالو ڏيندي، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر "عورتن، ٻارن ۽ بزرگن” جي مصيبت تي افسوس جو اظهار ڪيو جيڪي "اسان کي انھن جي پاڻي ۾ زهر وجهندي ڏسندا آهن، جن کي پنھنجي علائقنکي تباھ ٿيندي ڏسندي روئڻو پيو. اهي شهرن ۾ گھمن ٿا ۽ هزارين ٻارن کي بي گهر، بنا ڪپڙن جي ِ، گهٽين ۾ جانورن وانگر  ڊوڙندي ڏسندا آهن. اهي اسان جي فوجين جي ھٿان  ٻارن کي کاڌي  لاءِ ٻاڏائيندي، ذليل ٿيندي ڏسندا آهن“ اها هڪ يادگيري آهي ته غزه  ڪيئين حوالن سان ويتنام سان ھڪجھڙائي رکي ٿو.

مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر اعتراف ڪيو ته "دنيا هاڻي آمريڪا کان پختگي جي اميد رکي ٿي، پر اسان شايد اھا  ڪڏهن به حاصل ڪري نھ سگھون.” هن وڌيڪ چيو ته "ويٽنام جي جنگ آمريڪا جي روح ۾ موجود  هڪ پيچيده بيماري جي علامت آهي” ۽ اهو بھ چيو ھو تھ  ” ھڪ اھڙي قوم جيڪا سال بھ سال سماجي ترقي جي پروگرامن جي ڀيٽ ۾ فوجي دفاع تي وڌيڪ پئسا خرچ ڪندي رھي ٿي،اھا پنهنجي روحاني موت ڏانهن وڌي رهي آهي.” مارٽن لوٿر ڪنگ جي پاران تبديلي ۾ "تڪڙ” جي دروخواست  شايد اسان جي سڀاڻي کي بدلائي سگھي ٿي،وڌيڪ پوئتي وڃجي  شيڪسپيئر چيو ھو  ته ‘سڄي دنيا هڪ اسٽيج آهي ۽ سڀئي مرد ۽ عورتون صرف اداڪار آهن’، پر شايد هن اهڙي اسٽيج جو تصور پيش  نه ڪيو هو جتي سڀئي وڏا وڏا  اداڪار مارٽن لوٿر ڪنگ جي خواب کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويا ھجن.يعني سندس ‘دنيا کي شور ۽ تڪرار کي پر امن ۽ ڀائيچاري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواب’. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اهو صرف هڪ خواب ئي رهجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.