ھر ھڪ ملڪ ۽ قوم جي ھڪ ڊفينس لائين ھوندي آھي. ايراني ايٽم بم کان به خطرناڪ ھٿيار اسٽريٽ آف ھورمز آھي. اسرائيل جي اڳرائيءَ جو جواب ته ايران ڀرپور ڏنو پر آمريڪا پاران ايران مٿان بمباري ڪرڻ کانپوءِ اسلامي توڙي غيراسلامي ملڪ خوف ۾ وٺجي ويا ۽ مٿن سڪتو طاري ٿي ويو هو ڇو ته اهي ملڪ هن مهل تائين آمريڪا جي داڻي تي چڳيا آهن تنهنڪري آمريڪا کين اکيون ڏيکاري رهيو هو ته جيڪڏهن منهنجو ساٿ نه ڏيندو ته توهانکي سبق سيکاري ڇڏيندس. بهرحال ايران وٽ آخري آپشن صرف اھو ئي بچيل هو ته هو پنهنجي دفاع لاءِ اسٽريٽ آف هورمز بند ڪري ۽ آخر اهو فيصلو ڪري ورتو. اسٽريٽ آف هورمز بند ڪرڻ سان پوري مڊل ايسٽ جو اڌ تيل نڪرڻ بند ٿي ويندو. ھڪ پاسي کان يمني حوثي ڳاڙھو سمنڊ (ريڊ سي) بند ڪيون ويٺا آھن، ٻئي پاسي کان ايران اسٽريٽ آف ھورمز بند ڪيو ته پوري دنيا ۾ تيل جي سپلاءِ شديد متاثر ٿيندي. ايران اسٽريٽ آف هورمزStrait Of Hormuz کي بند ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو آهي جڏهن آمريڪا اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ۾ زوريءَ اٽڪي اسلامي ملڪن جي سرزمين استعمال ڪري ايران مٿان حملو ڪيو. تنهنڪري ايران انهن ملڪن کي به وارننگ ڏني ته جيڪڏهن ڪو ملڪ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين ڏيندو ته ان خلاف سخت قدم کڻندس. جڏهن ته قطر شام عراق ۽ ڪويت سميت ٻين ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي هتي آمريڪي چال ظاهر ٿي آهي ۽ چوندو پيو اچي ته ايران مسلم ملڪن تي حملا پيو ڪري يعني هڪ ڀيرو ٻيهر تفرقي وارو ماحول پيو جوڙي پر دنيا سمجهي ٿي ته ايران جو هر عمل پوري مسلم دنيا لاءِ پائيدار آهي جڏهن ايران تي مصيبت هجي ته مسلم ملڪن کي يهودين بجاءِ ايران جو ساٿ ڏيڻ گهرجي پر آمريڪا جي جارحيت جو ساٿ ڏيئي مسلم ملڪ يزيدي ڪردار اپنائي رهيا آهن جنهن جو رستو روڪڻ پڻ ايران جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي. انڪري ايران اسٽريٽ آف هورمز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪڏهن اھو سامونڊي رستو بند ٿيندو ته يقينن عالمي جنگ وڌندي ڇوته اسٽريٽ آف هورمز هڪ تمام اهم سامونڊي رستو آهي جيڪو وڇ اوڀر جي سامونڊي تجارت، خاص طور تي تيل جي برآمدات، لاءِ انتھائي اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن ان جو جغرافيائي جائزو وٺجي ته هي رستو ايران ۽ اومان جي وچ ۾ واقع آهي. هيءَ تنگ پٽي فارسي خليج کي عمان جي نار ۽ عرب سمنڊ سان ملائي ٿي. ان جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 167 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته 39 کان 97 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. ان جي اهميت هيٺين نڪتن مان ظاهر ٿئي ٿي.
- عالمي تيل جي فراهمي جو هڪ وڏو حصو، تقريباً 20 سيڪڙو روزانو استعمال ٿيندڙ تيل، هن رستي مان گذري ٿو.
- عالمي واپار ۽ توانائي جي مارڪيٽن لاءِ هڪ (choke point) آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن هي بند ٿئي ته سڄي دنيا کي تڪليف ٿئي.
سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال
هن علائقي ۾ جنگي ڪشش رهي آهي، خاص ڪري ايران ۽ آمريڪا يا ان جي اتحادي ملڪن جي وچ ۾.
ايران پڻ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ان تي پابنديون لڳايون ويون ته هو اسٽريٽ آف هورمز بند ڪري ڇڏيندو.عالمي نيوي فورسز (خاص ڪري آمريڪا) هتي هميشه گشت ڪندا رهن ٿا ته جيئن رستو محفوظ رهي.هن جون ٻه اهم بندرگاهون آهن
ايران جا بندرگاهه: بندر عباس: اومان جي ويجهو آهي ۽ ٻيو مسقط۔Strait of Hormuz رڳو سامونڊي رستو ناهي، پر اهو دنيا جي توانائي جي سياست، واپار ۽ سلامتي لاءِ انتهائي اهم اسٽريٽجڪ هنڌ آهي. ان تي ڪنٽرول يا اثرانداز ٿيڻ جو مطلب پوري دنيا لاءِ وڏو فرق پئجي سگهي ٿو۔ هي دنيا جو اختيار ڪيل نه رڳو پهريون سامونڊي رستو آهي پر عالمي توانائي لاءِ هڪ لائزر پڻ آهي. هي هڪ اهڙو سامونڊي رستو آهي جيڪو علائقي جي امير ملڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ ايشيا، يورپ ۽ صومالي علائقا شامل آهن. ان کانسواءِ اميگا جا ننڍا ٻيٽ به شامل آهن. اهو فارسي نار ۽ عمان جي نار جي وچ ۾ هڪ اهم رستو آهي، جيڪو ايران ۽ عمان جي سرحد کان صرف 35 ڪلوميٽر پري آهي. خالد فارس ۽ خالد جنبان جي وچ ۾ رابطو دنيا جي تيل جو ٽي سيڪڙو ۽ ان جي ايل اين جي جو پنج سيڪڙو فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي. ان جي ايل اين جي جو پنج سيڪڙو فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي. مطلب ته انهن ملڪن مان ڪل عالمي تيل جي برآمدات جو پنجون حصو هن رستي تان گذري ٿو.
هڪ عالمي رپورٽ موجب، گذريل سال، نار مان روزانو ٽي ملين بيرل تيل موڪليو ويو، جيڪو عالمي پيٽروليم جي استعمال جو هڪ سيڪڙو آهي. هتان روزانو ٽي هزار جهاز آبنائي هرمز مان گذرندا آهن. ايران-اسرائيل جنگ واپار ۽ دنيا کي تيل ۽ گئس جي بندش جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته آبنائي هورمز جي بندش جو خطرو عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي قيمتن کي وڌائي سگهي ٿو. مورڪون نالي هڪ بين الاقوامي تنظيم خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته تيل جي قيمت 130 ڊالر کان 1030 ڊالر تائين پهچي سگهي ٿي. اسٽريٽ آف (هورمز) جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اگر ايران هورمز کي هڪ هفتي لاءِ بند ڪيو ته آمريڪا سميت سمورا يورپي ملڪ ڪستو کڻي پنڻ تي مجبور ٿي ويندا. بس ڪجهه مسلمان غيرت ڪن ته انهن يورپين کي پنهنجو غلام بنائي سگهن ٿا.