اسحاق مڱريي جي شخصيت تي سهڙيل ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“

تحرير: ستار زنگيجو

اسحاق مڱري  جو جنم به جون مهيني ۾ ۽ دوستن مٽن مائٽن کان وڇڙڻ جو به ساڳيو مهينو جون آهي جنم 6 جون 1955ع لاڏاڻو 16جون 2024ع حيدرآباد ۾ ٿيو هن ڀيري اسحاق مڱريي جي پهرين ورسي پروگرام 22 جون 2025ع تي سنڌي لينگويج اٿارٽي هال حيدرآباد ۾ ٿيو آهي.  ان موقعي تي سليمان جي ابڙي اسحاق مڱريي تي تي لکيل مغونن، عالمن ۽ تاثرن جو ڪتاب آيو آهي.  جنهن ۾ اسحاق سان واسطو رکندڙ دوستن صحافتي سفر ۾ گذاريندڙ سنگت ساٿ جا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ يادگيريون آهن. اسحاق جو صحافتي سفر ڪهڙي ريت گذريو اسحاق مڱريي ڪهڙي طرز جي صحافت ڪئي، اسحاق جو موضوع ڪهڙا هوندا هئا.

هن ڪتاب جي ارپنا کاهوڙي صحافين کي ڪئي وئي آهي جن سماجي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ لاءِ آهي جن قلم جي روشني سان جدوجهد ڪئي. پيش لفظ ۾ نصير مرزا لکي ٿو ته 16 جون عيد قربان وارو ڏينهن جنهن ڏينهن اسحاق جي لاڏاڻي جي خبر پئي پر اسحاق زندگي جي آخر تائين صحافي سفر کي قائم رکڻ لاءِ قربانيون ڏيندو رهيو يعني بصورت وقت صحت، جواني، وقت پاڻ مٿان ظاهر ٿيندڙ هر ڏکي گهڙي ۾ به ثابت قدر رهيو.

سنڌ ۾ تحقيقي صحافت واري تاريخ جڏهن به لکي ويندي تڏهن ان وقت پنهنجي ڪم سان سچار ۽ ڪميٽڊ قلم ڪارن جي جيڪا فهرست تيار ٿيندي پياري اسحاق مڱريي جو نالو انهن صحافين ۾ بلڪل مٿاهون نظر ايندو.

ڪتاب جو مرتب سليمان جي ابڙو لکي ٿو ته ٿر جي بيماري، مورن جي مرڻ يا ڪارونجهر کي ڪورڻ جهڙا مسئلا هجن اتي اسحاق پهچي صورتحال جو جائزو وٺي اسٽوريز ڪري رپورٽ ڪندو هو.

ليکڪ اسحاق سميجو لکي ٿو ته اسحاق مڱريي ڪنهن به ريت روايتي نه هو هو پنهنجي ڪم پنهنجي جئيڻ ۽ رنگ ڍنگ ۾ هو جوڳين سامين ڪاپڙين خانه بدوشن جي جهڳين ۾ ويهي اسٽوريز لکڻ وارو شخص هو.

ٽنڊي آدم ۾ ادبي حوالي سان سندس سفر جي ساٿي گل حسن لاکو لکي ٿو ته سنڌ و بيباڪ بهادر جاکوڙي صحافي ۽ سماجي سڌارڪ اسحاق مڱريي سڄي حياتي محبتون ونڊيون ۽ ورهايون هو يارن جو يار منسار ۽ محبتي انساهه هو هن ۾ وڏي خوبي اها هئي ته هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو.

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ ڪيا

مٿين حبيبن ڪونه

 ڏکئيو ڪڏهن

(شاهه لطيف)

آمريڪا مان ناليوارو صحافي ليکڪ شاعر حسن مجتبي لکي ٿو ته اسحاق صحافت ۾ نه ڪو رولاڪ هو نه ڪو سامي نه ڪو جوڳي نه ڪو مشنري هو هو بنهه عام جي ڄاڻڻ واري حق جو قلمبردار صحافي هو. جڏهن اسٽوري تي نڪرندو هو ته پنهنجا نظريا گهر رکي ويندو هو. قلم واري هٿيار کانپوءِ هن وٽ هڪ ٻيو هٿيار سندس سگهارو حسن، مزاج ۽ ٽهڪ هئا.

 حسن مجتبي سانگهڙ جي هڪ دوست کي ڪوڊ ڪندي لکي ٿو ته جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو ته هڪ ميڙ اُبن شاهه ۾ گڏ ٿيو جتي تقرير ڪندي هڪ همراهه هندن جي گهرن کي ساڙڻڻ جي ڳالهه ڪئي ته اسحاق پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي هڪدم اسٽيج تي چڙهيو ۽ هن کان مائڪ کسي چيائين ته سڀ کان پهرين ته تون پنهنجو تعارف ڪراءِ تون ڪير آهين جو سنڌ جو سک چين ڦٽائڻ نڪتو آهين.

پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر اسحاق جي يادگرين بابت لکي ٿو ته 1999ع جاتي ۾ آيل سامونِڊي طوفان کانپوءِ LBOD ذريعي ايندڙ ٻوڏن تي پڻ هن شيخ قريو ڀانڊاري کان شيخاڻي گهاڙي جي سڄان فقير ناٿو۽ رئيس بهادر خان لنڊ جي ڪردارن ۽ انهن جي جدوجهد کي پڻ نروار ڪيو جن جي عقل ۽ ڏاهپ سان مقامي ماڻهن جو آواز عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بينڪ ۽ ايشيائي بينڪ جي عملدارن تائين پهچايو.

سندس ڳوٺائي امر لغاري لکي ٿو ته اسحاق سياسي طرح شاگردي زماني ۾ ڪجهه عرصوجيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف، نيشنل يوٿ ليگ، سماجي طرح سگا قومپرست سياست ۾ خان ولي خان جي اڳواڻي واري قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين واري اتحاد سان سلهاڙيل هو ان دوران صحافت به ڪندو هو ته سانگهڙ ۾ علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو.

مشتاق راڄپر لکي ٿو ته اسحاق مڱريو لوڪ ڏاهپ جو امين ۽ آواز هو. تمام سٺو ۽ صاف آواز هو هو هڪ ڄاڻو مقرر هو.

مير حسن مري لکي ٿو ته اسحاق مڱريي سانگهڙ ۾ جڏهن صحافت شروع ڪئي هئي ته صحافت جستجو ۽ جدوجهد جو نالو هئي. هن صحافت کي وڏير، پيرن، جاگيردارن جي بنگلن مان آزاد ڪرڻ جي علامت هو.

 صحافي راشد لغاري لکي ٿو ته اسحاق مڱريو ان ڏينهن اداس ٿي ويو هو جڏهن فشرفوڪ وارو محمد علي شاهه، جان خاصخيلي، دادا علي بخش ۽ سندس پُٽ حسن جي وڇوڙي هڪدم ٽوڙي وڌو هو پوءِ اسحاق سائين اڪثر هنن دوستن جو ڳالهيون ڪندو هو.

ذوالفقار هاليپوٽو لکي ٿو ته اسحاق مڱريي پنهنجي صحافتي ڪم وسيلي گمنام ڪردارن کي مڃتا ڏياري هن زبردست انٽرويو ڪيا. فيلڊ اسٽوريز ڪيون. سندس درياهه سان ياري هئي هن جي ندين سان شناسائي هئي هن جي مهاڻن جي ڄار سان دوستي هئي، هن جي من اندر ۾ دريائي ٻيلا ۽ گهاٽا وڻ هئا هن جي اندر ۾ منڇر ۽ ڪينجهر سان نيهن ناتا هئا.

عشق ڪينجهر هيو ڄار ڄام ڇا

خالد جوڳي لکي ٿو ته اسحاق مڱريي جو صحافتي ڪم هن جي سڃاڻپ هو هن جو جڏهن لاڏاڻو ٿيو ته سندس بيماري جي ڪنو ڪن ڪنهن کي خبر ڪونه پئي، نه هن ڪنهن کي گذارش ڪئي نه ڪنهن کي علاج لاءِ اپيل ڪئي.

صحافي نثار کوکر  لکي ٿو ته اسحاق مڱريو صحافت ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هو هن ڪڏهن به وهندي گنگا مان هٿ ڌوئڻ  بدران قناعت جو روزو رکي زندگي گذاري.

ليکڪ جامي چانڊيو لکي ٿو ته اسحاق مڱريو اسحاق پنهنجو پاڻ ۾ منفرد ۽ يگانو ڪردار هو.

هن ڪتاب ۾ اسحاق مڱريي جي جن ٻين دوستن جا ويچار شامل آهن انهن ۾ نياز پنهور، مهيش ڪمار،ل الا رحمان سمون، فهميده جروار، يوسف لغاري، بابر علي پلي، زاهد اسحاق سومرو، جاويد لانگاهه، نور سنڌي، عبدالمجيد چانڊيو، حميد سومرو، بخشل ٿلهو، صديق انڙ، اختر حفيظ، فاروق سومرو، الله بچايو راهوڪڙو، الله بچايو جمالي، اسلم ميمڻ، محمد سليمان وساڻ، ننگر چنا، قربان کوسو، دولت رام کتري، فقير سليم، سارنگ لطيف چانڊيو، امر سنڌو، نعمت کهوڙو، خليل ڪنڀار، اياز لطيف پليجو، مسعود لوهار، خالق جوڻيجو، بدر چنه، سامي ميمڻ، ذولفقار قادري، سامي ميمڻ، علي نقرچ، ساٿي مصطفيٰ نظاماڻي، عبدالرزاق بروهي، تاج جويو، گل محمد ميراڻي، سيد زين شاهه، ڪرشن شرما، حريف چانڊيو، وفا برهماڻي، گوبند مينگهواڙ، عبدالرئوف سومرو ۽ عابد مير جا ويچار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.