جنگين ۾ آمريڪين جو ٿيل نقصان

تحرير: رياض ابڙو 

هيل تائين جيترو نقصان سي آءِ اي ٻين ملڪن جو ڪيو آ اوترو ئي هنن جو به ٿيو آ، ڇو ته هنن ٻين ملڪن سان جنگي وٺ پڪڙ جي جهنجهٽ ۾ ايترا ته اڙيل رهيا آهن جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آ، ڇو ته هنن جون جنگي اسٽريٽجي تمام خونخوار رهنديون آيون آهن، جيڪي بغير ڪنهن سببن جي به هلنديون رهيون هيون ۽ آهن، جيئن شلوه، آينٽيٽام، اسٽون رِوَر، گيٽي برگ وغيره جهڙيون سول وار به شمار جوڳيون آهن، جن شهرين سان گڏ بين الاقوامي سطح تي ماڻهن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو، ڇو ته ويجھر تائين يو ايس جي سول وار ۽ عالمي جنگين ۾ جيترا عام ماڻهو ۽ فوجي ماريا ويا آهن اوترا ته ويٽنام جي جنگ ۾ به نه ماريا ويا هئا، وري ڪيترائي ماڻهو ۽ فوجي ته بيمارين ۾ به ماري ويا هين. سادي حساب ڪتاب ۾ ڏسجي ته آمريڪي پاپوليشن جو 2 سيڪڙو رڳو جنگين ۾ مارجي ويو آ، جنهن جي ڳڻپ ائين ڪري سگهجي ٿي جيئن 62 لک جي لڳ ڀڳ عام ماڻهو ۽ فوجي رڳو جنگين جي ڏي وٺ ۾ ماريا ويا آهن، يا جيڪي اهڙي صورتحال ۾ هيل تائين لڳندڙ جنگين ۽ گهرو ويڙھ کي منهن ڏيندا رهيا هئا ۽ آهن، ان کان علاوه ماڻهن جي جانين جي قيمت ته ڪَٿ کان ٻاهر آ، ڇو ته آمريڪي قوم اهڙو خونخوار ۽ رت جي راند ڪنهن ٻي طرح نه ڏٺي هوندي، وري هڪ ڪاٿي مطابق اهرين جنگين ۾ ۽ سول وار وڙهندي وڙهندي آمريڪي ڇهھ ملين کن فوجي ۽ عام بيگناھ ماڻهو مارجي ويا آهن. جيئن ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ 405399 عام ماڻهو ۽ فوجي ماريا ويا هئا، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ 116516 عام ماڻهو ۽ فوجي جوان چٽ ٿي ويا. ويٽنام وار ۾ 58209 فوجي ماريا ويا، ڪوريا جي جنگ ۾ 36516 آمريڪي فوجي ماريا ويا، ۽ ان کان علاوه آمريڪن انقلابي جنگين ۾ 25000 ۾ فوجي ماريا ويا، 1812 واري جنگ ۾ 20000 فوجي ماريا ويا، ميڪسيڪن جنگ ۾ 13283 آمريڪي فوجي ماريا ويا، وري هاڻوڪي صورتحال ۾ عراق ۽ افغانستان جي جنگ ۾ 6626 آمريڪي فوجي مارجي ويا، اسپينش ۽ آمريڪن جنگ ۾ 2446 فوجي ماريا ويا ۽ گلف وار ۾ 258 آمريڪي فوجي ماريا ويا، جنهن جو نقصان آمريڪي رياست جي وس جي ڳالهھ ناهي يا اهي ان جو ازالو به ڪري سگهن. وري ڪجهھ ٻين انگن اکرن مطابق هيل تائين لڳ ڀڳ 9 ملين آمريڪي فوجي رڳو اهڙين جنگين جو شڪار ٿيا آهن. 1866 جي هڪ تحقيق مطابق پرو ووسٽ مارشل جنرل جيمس فراءِ مطابق ويجينا، نارٿ ڪيرولينا، البانيا، سائوٿ ڪيرولينا، ارڪاناس وغيره جي ڊيٽا ته اپ ڊيٽ ٿيل ئي ناهي، انهن جنگين جا مسٽرول ئي گم ٿيل آهن، جن تي تحقيق باقي آ. وري جيمس فراءِ جي مطابق فگجن جو اهڙو ڪاٿو لڳل ئي ناهي جيڪي انهيءِ جنگين جي دوران بيمارين ۾ مارجي ويا. وري اهڙا به فوجي شمار ۾ ئي ناهن جيڪي لڳ ڀڳ 4 لک جي قريب هئا جيڪي زخمي ٿي گهر پهتا، ۽ جيڪي پڪڙجي گرفتار ٿيا، انهن جو تعداد 47600 جي لڳ ڀڳ هيو، ڇو ته 15 لک فوجي ته رڳو مهاڀاري لڙائين ۾ زخمي ٿيا هئا، جيمس فراءِ جي تحقيق مطابق اهڙا به فوجي هيا جيڪي رڳو مئا پر اهي به هئا جيڪي زخمي ٿيا، بيمار ٿيا، پڪڙجي ويا، ڀڄي ويا، باغي ٿي ويا، يا جيڪي جنگي حالتن مان مورڳو ئي گم ٿي ويا، انهن جي تعداد اڃان تائين ظاهر ئي ناهي، ڇو ته هنن آمرڪين جي هٿ اهي پڳا جيڪي ماريا ويا يا جيرا پڳا، باقي جيڪي اهڙين حالتن ۾ گم، زخمي يا ڀڄي جان بچائي ويا يا پڪڙجي گرفتار ٿي ويا، انهن جا انگ اکر ظاهر ڪرڻ يا ڳڻپ ۾ شمار ڪرڻ لازمي آ. ڪٿي ڪٿي اهڙيون حالتون به پيدا ٿي پئي سگهيون جن جي ڪري فوجي ڪهڙي به مشڪل حالت جو شڪار پئي ٿي سگهيا، ڇو ته انهن جي ڪمانڊ جو به مسئلو به هيو ته جتي اهي به پئي پڄي سگهيا اتي انهن جي ساٿي فوجين جي ڪنٽرول جو به فقدان به هيو، جيڪڏهن چار فوجي ماريا ٿي ويا ته انهن مان تي ته رڳو بيمار ئي پئي ٿيا يا بيماري يا وبا وگھي مري پئي ويا. اڳين فوجي مشڪن ۾ هاڻوڪيون علاج جون سهولتون نه هيون، ان ڪري اهي وبائن، بيمارين ۽ مرضن جي ڪري ائين ئي اهڙي ڊگھي جنگي عرصي دوران مري ٿي ويا، ڇو ته ڪجھ مرض لاعلاج به ٿي پئي سگهيا. ڪجھه فوجي جنگي صورتحال ۾ ذهني مرضن جو شڪار به ٿيندا هيا، جن جو علاج ڪرڻ مشڪل هوندو هيو، اهڙي نفسياتي صورتن ۾ فوجي ڪم پنهنجي جاءِ تي پر فوجي جنگي صورتون به انتهائي دشوار ٿينديون هيون.

ڪانگريس لائبريري جي ڊيٽا جي مطابق گيٽي برگ جي جنگ ۾ ته ائين ٿيو هو جو 7 هزار اهڙا فوجي بي يارو مددگار ماريا ويا هئا، جن جي مالڪي فوجي جٿن نه ڪئي هئي پر انهن جا ملڪ گهل گهوڙا ڪري اچ ميدان ۾ پهتا هيا جڏهن جنگ جو نبيرو ٿيو هيو يا جنگ بندي ٿي هئي ته انهن فوجين جي مالڪن اڇي انهن جون ڊيڊ باڊيز کنئيون هيون، وري تقريبن چئن مان هڪ فوجي ته اهڙو هوندو هيو جيڪو واپس ئي نه موٽندو هيو، ڇو ته اهڙين جنگين جي شروعات ۾ آرمي وٽ اهڙي ڪا ٽيڪنالاجي نه هوندي هين، جنهن ۾ اهي انگ اکر ۽ ڪاٿو پهرين ئي لڳائي سگهن هان، ڇو ته آمريڪي قوم جهڙو اهرين جنگين ۾ بالادستي قائم رکڻ ۽ ناموس کي بچائڻ جي لاءِ ڪندي رهندي هئي ۽ فوجي جٿا ظاهر آ قوم جي لاءِ جان قربان ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هيا، ڇو ته هيل تائين آمريڪين وٽ اهڙن فوجن جي لاءِ ڪو الڳ قبرستان، يا ڪا تفصيل جنهن سان قوم کي تسلي ٿي سگهي جنهن ۾ اهڙن جوانن کي ڪو سلامي ڏيڻ اچي جيڪي قوم جي لاءِ قرباني ڏئي آمريڪا جو مقام اعلي ڪري ويا. پر اهو به هيو ته اهڙي جنگين ۾ لوڪل آمريڪي فوجن جو تعداد ئي گهڻو هوندو هيو، جيڪي ملڪ جي ناموس لاءِ قربان ٿي ويندا هيا، هازارين فوجن جا جٿا. انهن ۾ ڪجھ تعداد پاڙيسري ملڪن جي جوانن جو به هوندو هيو جيڪي فوج ۾ برٿي ٿيندا هيا. جيڪي وري ساڳن ئي ملڪن سان جنگيون وڙهڻ ويندا هيا، ۽ اهو به هوندو هيو ته گهڻي ڀاڱي فوجي وبائن جو شڪار به ٿيندا هيا، ائين به ٿيندو هيو ته اهي اتي وڃي پنهنجن ئي رشتيدارن سان وڙهندا هيا، نارٿ ڪيرولينا ۾ ستن ملڪن مان ايندڙ ۽ برٿي ٿيندڙ فوجي جيڪي 800 جي لڳ ڀڳ هيا انهن مان 714 ته ٿڏي تي مارجي ويا هئا، جيڪي گيٽي برگس جي جنگ وڙهڻ ۾ جانيون وڃائي چڪا هيا، وري چوويهين ميچيگن اسڪواڊ ۾ جيڪو 26 هين نارٿ ڪييفورنيا جي مقابلي ۾ وڙهڻ جي لاءِ لٿو هيو، جيڪي گيٽي برگس جي جنگ جو حصو هيا، انهن ۾ 496 مان 362 فوجي مارجي ويا هئا، وري اولي مس جا 139 مان 136 شاگرد اسڪواڊ جا فوجي ماريا ويا، جيڪي مسيسيپي جي يارهين بينج به هيا، يا جن کي يونيورسٽي گري جي نالي سان ياد ڪن ٿا، جن جو سو سيڪڙو نقصان ٿيو هو. وري اتي هڪ ڪرچن فيملي جي يارنهن ڄڻن جو جاني نقصان به ٿيو. ائين چئون ته سائودرن حصي جي تقريبن ٽن مان هڪ فيملي ميمبر اهڙين جنگين ۾ مارجي ويو، وري تيرنهن مان ڪنهن هڪ جنگ ۾ آمريڪي فوجي جڏهن واپس گهر موٽندا هيا، تڏهن ڪو نه ڪو فوجي پنهنجو عضوو کاري موٽندو هو، جنگين کان اڳ ۽ پوءِ فيڪٽرين ۽ زراعت جي فيلڊ ۾ ڪم نه هجڻ جي ڪري ممڪن نه هجڻ جي وري فوجن جو مارجي وڃڻ جي ڪري آمريڪي شهرين جي لاءِ سماجي زميداري وڌي ويندي هئي، جنهن سان عورتن ۽ پوڙهن مردن جو خيال رکڻ وارو ڪير به نه هوندو هو.

اهڙي صورتحال جي ڪري آمريڪي معاشري ۾ غربت ۽ لاچاري وڌندي وئي جيڪي آمريڪين جي لاءِ پريشاني جو باعث پڻ هئي، هڪ تحقيق مطابق اهڙين جنگين ۾ فوجين جي مارجي وڃڻ جي ڪري انهن جي صحيح ۽ ايڪيوريٽ تعداد جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آ. ڇو ته 150 سال گذرڻ کانپوءِ ڪو به اهڙين جنگين ۾ فوجن جي مارجي وڃڻ جو تعداد ڳڻي نه ٿو سگهي، يا هلندڙ جنگين جي ڪري معاشي حالتن معاشرتي ڪنڊيشن جو اندازو هڻي سگهي ٿو. ائين به آ ته جنگين ۾ مرندڙ، زخمي ٿيندڙن ۽ گم ٿي ويندڙن جو اندازو انهن جي شروعاتي داخلا، برٿي جي ڪاڳرن، حاضري جي رجسٽر، زخمي فوجن جي انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو. پر اڳين جنگين ۾ اهڙو ڪو به ڪاڳر مهيا نه ڪيو ويندو هو جنهن مان صحيح اندازو لڳائي سگهجي. ڇو ته اهڙين پريشان ڪندڙ حالتن، لاچاري واري صورتحال ۾ اهڙيون شيون انهن دورن ۾ ڪرڻ مشڪل ڪم هيو، ان دور ۾ هر شهر ۾ جتان اهي گذرندا هيا اهي انهن جي ڳڻپ ڪندا هيا، جيڪي غيرسرڪاري ۽ غيريقيني هوندي هئي، پر اهڙي غيريقيني ڳڻپ جي ڪري ڪو به رڪاڊ ملڻ مشڪل آ، جنهن مان صحيح اندازو لڳائي سگهجي. ڪانگريس لائبريري جي انگن اکرن مطابق فوجن جي عمر ان جنگ واري ٽائيم تي مشڪل سان 26 سال هوندي هئي، سندن وزن 143 پائونڊ معني مشڪل سان 64 يا 65 ڪلو، ۽ سندن قد 5 فٽ ۽ اٺ انچن جي لڳ ڀڳ يا تائين هوندو هيو. شروع ۾ جٿن جي ڪمانڊر جي روز جي حاضري جنهن ۾ فوجي “حاضر ۽ غيرحاضر“ جي مارڪنگ ٿيل هوندي هئي، جيڪا رڳو مٿاڇري ۽ سنيپ شاٽ هوندي هئي، جنهن مان خبر پوندي هئي ته فوجي حاضر آهن يا غيرحاضر. وري اسپيلنگ جي غلطي جي ڪري اهڙن فوجي آفيسرن کي پوءِ سڃاڻڻ مشڪل هوندو هيو جو رڳو ان جو ڪمانڊنگ آفيسر کي انهن جي سڃاڻپ يا انهن کي نالي سان سڃاڻي سگهي. ٻيو الميو اهو به هيو ته اهڙا ڪارن جي ٽڪرا يا رجسٽر وري گڏهن ۽ خچرن تي اماڻي موڪليندا هيا، پوءِ اهي ڪاڳر حادثن جو شڪار ٿي ويندا هيا. مينهن، طوفان، ندين واهن ۽ نالن جي ڪراس ڪرڻ جي ڪري يا ڪلارڪن جي صحيح سنڀال نه هجڻ جي ڪري يا تي لٽ ڦر جي ڪري اهي ڪاڳر صحيح حالت ۾ پڄي نه سگهندا هيا. ائين به ٿيندو هيو ته جنگين جي خاتمي، يا هارائجڻ کانپوءِ اهي ڪاڳر جن ۾ زخمين جو تعداد ۽ گم ٿي ويندڙن جو تعداد مبهم هوندو هو، ته ڪير زخمي آ، يا ڪير ڪهڙي حالت ۾ مئو ڪير گم آ، ڪير واپس نه موٽيو، ڪنهن ٻيهر فوج کي جوائن نه ڪيو وغيره جهڙا سوال رهجي ويندا هيا، جنهن جو احساس اڄ تائين آمريڪي قوم ۽ فوج کي به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.