رٿابنديءَ ۽ بچاءُ جي قانونن تحت اسرائيل ۾ هر گهر ۽ عمارت لاءِ لازمي آهي ته اُهو ناگهاني حملي جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪمرو يا احاطو پناهه گاهه طور رکي پر جيڪي ماڻهو ان مهل گهرن يا عمارتن کان ٻاهر هجن، سي ڌماڪي، حملي يا ڪنهن اجتماعي آفت جي مهل حڪومت پاران تيار ڪيل عوامي پناهه گاهن ۾ وڃي سگهجن ٿا. هي زيرِ زمين ٺهيل پناهه گاهون عام شهري سهولتن سان ليس آهن، جن ۾ ڪرسيون، غسل خانا، ڪچن ۽ انٽرنيٽ تائين جي سهولت موجود آهي.
عام طور تي هڪ پناهه گاهه ۾ 200 کان 300 ماڻهو پناهه وٺي سگهن ٿا. مجموعي طور تي اسرائيل جي 65 سيڪڙو آبادي کي ايمرجنسي حالتن ۾ اهڙين پناهه گاهن تائين رسائي حاصل آهي. پر جڏهن کان ايران-اسرائيل تڪرار شدت اختيار ڪئي آهي، تڏهن کان عالمي ميڊيا ۾ اهڙيون بي شمار رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن جن مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن پناهه گاهن ۾ اسرائيل جي عرب شهرين ۽ پرڏيهي مزدورن کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.اها ڳالهه شايد ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ عجيب لڳي پر، پر نسل پرست صهيوني نظريي جا پوئلڳن لاءِ اهڙي غير انساني ۽ متعصب ڀرئي رويو هڪ عام ڳالهه بڻجي چڪو آهي ته "اپارٿائيڊ رياست” جي پاليسين جو نشانو خاص طور غير يهودي آبادي بڻجي ٿي.
مقبوضه اولهه ڪناري ۽ غزه واري پٽي ۾ ته پناهه گاهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. اتي جي آبادي هر وقت خطري ۾ رهي ٿي. عملي طور تي اسرائيل ۾ رهندڙ 21 سيڪڙو عرب شهري رڳو قانون جي ڪتابن ۾ ئي 79 سيڪڙو يهودي شهرين جي برابر تصور ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته حقيقي زندگيءَ ۾ سندن حيثيت ٻئي درجي جي شھري جي آهي. ٻه هزار ويهه واري ڏهاڪي ۾ جتي سڄي دنيا عالمگير وبا ڪووڊ-19 جي ور چڙهي وئي، اتي مقبوضه فلسطين ۽ اسرائيل به هن موذي مرض جي اثر کان بچي نه سگهيا. جڏهن ڪووڊ جي ويڪسين عالمي سطح تي ورهائجڻ شروع ٿي، تڏهن اسرائيلي حڪومت پاران خريد ڪيل سڀئي ويڪسين جون کيپون پهرين يهودي شهرين لاءِ مختص ڪيون ويون.حيرت جوڳو عمل اهو پڻ سامهون آيو ته تل ابيب، حيفا سميت مرڪزي اسرائيلي شهرن ۾ جتي عرب ۽ يهودي گڏ رهن ٿا، اتي به شروعاتي مرحلي ۾ رڳو يهودي آبادي کي ويڪسين مهيا ڪئي ويئي، جڏهن ته انهن ساڳين محلن ۾ رهندڙ عرب شهري محروم رهيا.
ان کان به وڌيڪ غير انساني رويي جو مظاهرو تڏهن ڪيو ويو، جڏهن مقبوضه اولهه ڪناري ۽ غزه پٽي جي لڳ ڀڳ پنجاهه لک فلسطيني آبادي کي ڪيترن ئي مهينن تائين ويڪسين کان مڪمل طور رکيو ويو هو، رڳو يروشلم جي فلسطيني رهواسين، غير قانوني يهودي آباديءَ جي بستين ۽ اسرائيل اندر ڪم ڪندڙ فلسطيني مزدورن کي ويڪسين ڏني وئي. اهو به فقط ان مقصد سان ته جئين يهودي شهري انهن عرب مزدورن جي موجودگيءَ سبب وائرس کان محفوظ رهي سگهن.
اهو طرزِ عمل واضح ڪري ٿو ته اسرائيل ۾ انساني حقن جي کوٽ ڪيئن نسلي تعصب جي بنياد تي هر شعبي تائين پکڙيل آهي، جتي وبا جهڙو عالمي خطري به انسانيت بدران نسل، مذهب ۽ سياسي مقصدن جي ور چڙهي وڃي ٿو. ظاهر ۾ ته اولهه ڪناري ۽ غزه جا علائقا اوسلو معاهدي جي تحت قائم ٿيل فلسطيني اٿارٽي جي اختيار هيٺ اچن ٿا، پر حقيقت ۾ انهن علائقن جي لکين شهرين جي ويڪسينشن جي ذميواري اسرائيلي حڪومت فلسطيني اٿارٽي تي ڇڏي ڏني. فلسطين اٿارٽي کي مالي بحران ايترو ته شديد هو، جو هو ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ ٽي ملين ڊالر تائين به گڏ نه ڪري سگهي.آخرڪار عالمي خيراتي اداري ’’ڪووڪس‘‘ جي ذريعي ٿورو گهڻو سهارو مليو ۽ ايتري ويڪسين مهيا ٿي سگهي، جيڪا صرف 25 سيڪڙو آبادي کي بچائي سگهي.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن، جن ۾ هيومن رائٽس واچ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ اسرائيلي اداري بيت سيلم سميت لڳ ڀڳ 31 تنظيمون شامل هيون، گڏجي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو ”ويڪسين اپارٿائيڊ“ ختم ڪري. ان عرصي ۾ اسرائيلي حڪومت کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي تحت، ڪنهن به مقبوضه علائقي ۾ قابض طاقت تي لازم آهي ته اها اتي جي آبادي کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري ۽ وبائن کان بچائڻ جي ذميواري قبول ڪري.انسان دوست تنظيمن مان ڇهن ادارن اسرائيلي هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ باقاعده درخواست داخل ڪئي ته اسرائيل کي پابند ڪيو وڃي ته هو مقبوضه علائقن ۾ صحت جي ذميوارين کي نڀائي.پر عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ به اسرائيل فريب کان ڪم ورتو. نتيجي طور، جيڪي ويڪسينون فلسطيني آبادي لاءِ درآمد ڪيون ويون هيون، تن کي اسرائيل پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ ان جي بدلي ۾ ويڪسينن جو پراڻو، مدو پورو ڪري ويهندڙ، لڳ ڀڳ هڪ ملين ڊوز وارو ذخيرو فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪري ڇڏيو. مقبوضه غزه ۾ ويڪسين جي ورڇ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ اسرائيل، اتي جي چونڊيل حماس حڪومت تي نه صرف دٻاءُ وڌو، پر بليڪ ميل ڪندڙ شرطون به لاڳو ڪيون. ان کان به وڌي ڪري، مئي 2021ع دوران جڏهن ڪووڊ-19 جي وبا عروج تي هئي، اسرائيل غزه تي وحشياڻي بمباري ڪئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 250 بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هن وحشي حملن دوران لڳ ڀڳ 30 صحت مرڪز به تباهه ڪيا ويا، جيڪي اڳ ئي ويڪسين مرڪز طور استعمال ٿي رهيا هئا. هي عمل واضح طور عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي به هو ۽ انساني همدرديءَ جي اصولن تي به خلاف هو.
1980 جي نيشنل اسٽيٽ ايڪٽ تحت اسرائيل کي ”يهودين جو قومي وطن“ قرار ڏنو ويو، جنهن تحت رياست جا سڀ وسيلا، پاليسيون ۽ ترجيحون يهودي آبادي لاءِ مخصوص ڪيون ويون. جيڪڏهن ڪا سهولت بچي پوي يا بجيٽ جي گنجائش رهي ته پوءِ عرب اسرائيلي شهرين کي تعليم، صحت، رهائش ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن ٿا.
ٻيهر چئجي ته عرب اسرائيلي، رياست اسرائيل جا ”شڪي برابر شهري“ آهن. جن لاءِ برابري جو تصور قانون ۾ ته لکيل آهي، پر عملي طور رڳو هڪ خوبصورت فريب آهي. جيڪڏهن ڪو اسرائيلي عرب شهري حڪومت جي پاليسين خلاف ڪا تصوير، تحرير يا صرف هڪ ايموجي ئي شيئر ڪري ڇڏي، ته کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن ڪو يهودي شهري عرب دشمن پوسٽون ڪري، نسل ڪشي لاءِ اڪسائي، يا نفرت ڦهلائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪري ته ان خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ٿئي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان پٽيءَ جو ڇا ڪري، جيڪا اسرائيل جي پشت پناهي ڪندڙ ملڪن جي اکين تي ٻڌل آهي، جو کين جمهوريت جو رڳو هڪ ئي ”جزيرو“ نظر اچي ٿو، ۽ اهو جزيرو اسرائيل آهي.پر ان جزيري ۾ نسل، رنگ، عقيدي ۽ سياسي وابستگي جي بنياد تي ماڻهن سان جيڪو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، تنهن تي آڱر رکڻ جو مطلب آهي ته پاڻ تي ”يهود دشمني“ جو الزام لڳرائڻ آهي جيڪو مغربي دنيا ۾ هڪ ناپسنديده ڏوهه سمجھيو وڃي ٿو.