بلاول ڀٽو ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جو عالمي سطح تي سفارتي مشن وسيلي نقطه نظر پيش ڪرڻ بعد ٽيون ڏينهن شام ڪراچي واپس پهتو جتي پارٽي پاران جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نثار احمد کهڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي سندس والهانه استقبال ڪيو۔ هن موقعي تي بلاول ڀٽو هڪ جلسي کي به خطاب پڻ ڪيو۔ بلاول ڀٽو پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهي ڪئي جنهن ۾ ن ليگ سميت حڪومتي ڌر جا ڪجهه ٻيا به ميمبر شامل هئا جن هر فورم تي پ پ چيئرمين جي رهنمائي ڪئي۔ وفد آمريڪا سميت يورپي ملڪن جو دورو ڪيو، جنهن ۾ اتان جي حڪمران توڙي سياسي قيادت کي ڀارتي اڳرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته پاڪستان پهلگرام واقعي جي ڪنهن به جاچ تي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ڀارت بدنيتي جي بنياد تي پهلگرام واقعي کي اشو بڻائي پاڪستان تي هڪ طرفي جنگ مڙهي پوءِ به پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪندي جنگ بندي تي فوري طور راضي ٿيو ۽ خطي کي خوفناڪ ويڙهه کان بچائي ورتو.
پاڪستاني سفارتي وفد عالمي سطح تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن ته جيتوڻيڪ پاڪستان جنگ کان پاسيرو رهڻ چاهي ٿو پوءِ به ڀارتي حڪومت ۽ ان جي قيادت جي نيت ۾ خلل جاري آهي ۽ هو جنگي حالتون برقرار رکڻ جي نيت رکي ٿو۔ جيستائين والاريل ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب حل نٿو ٿئي تيستائين پاڪ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رهندي، جنهن سان نه صرف خطي پر عالمي امن لاءِ به خطرو پيدا ٿيندو. پاڪستان اهو به موقف رکيو ته ڀارت ڪشمير واري نقطه نظر کان دنيا جو خيال هٽائڻ لاءِ هاڻ طاس معاهدي تان ڦرڻ جو فيصلو ڪري پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو پاڪستان لاءِ ريڊ لائين برابر آهي پاڪستان وڙهي به پنهنجو پاڻي وٺندو پوءِ ڇو نه ان تي به نئين جنگ ڇڙي ان جو ذميوار ڀارت رهندو.
بهتر ٿئي ها ته بلاول ڀٽو اهڙو موقف وفاق آڏو سنڌو درياهه جي پاڻي لاءِ به رکي ها جنهن تي سنڌ کي وڏا خدشا آهن، بلاول ڀٽو جلسي کي مخاطب ٿيندي قومپرستن تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڀارت سنڌو درياهه جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي ته هاڻ قومپرست ڪٿي آهي. سندس پارٽي سنڌو درياهه جي پاڻي جي تحفظ خاطر نه صرف ماضي ۾ احتجاج ڪيا ڌرڻا هنيا پر تازو به آئيني طريقي سان سي سي آءِ وسيلي سنڌ جو موقف رکيو ۽ سنڌو درياهه جو دفاع ڪيو. بلاول ڀٽو جو اهو موقف پنهنجي جاءِ تي مڃڻ جوڳو ۽ درست نظر اچي ٿو، سنڌ جو قومپرست هن وقت به سنڌو درياهه جي بچاءِ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج جاري رکيو پيو اچي سنڌو درياهه تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا درياهه جيترو 0 پ پ کي پيارو آهي اوترو سنڌ جي قومپرستن ۽ ٻين پارٽين کي به آهي پر پنجاب ڇهن ڪئنالن واري رٿا لاءِ بجيٽ ۾ رقم مخصوص ڪري پنهنجي بدنيتي کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ڳالهه سي سي آءِ فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي جنهن جو پ پ کي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
پ پ سربراهه بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني سفارتي وفد آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جو تڏهن دورو شروع ڪيو جڏهن خطي ۾ هڪ نئين جنگ جو آغاز ٿي چڪو هو جيڪا ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڙي چڪي هئي جنهنڪري پاڪستاني وفد کان اسرائيل ايران جنگ بابت به سوال پڇيا ضرور ويا هوندا ۽ هڪئي وقت پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ اسرائيل ايران جنگ بابت جواب ڏيڻ مشڪل ضرور ٿيا هوندا بقول بلاول ڀٽو جي ته سندس اڳواڻي ۾ سفارتي مشن جي دوري کي ڪاميابي ملي آهي ته اها خوش آئنده ڳالهه چئبي ۽ ان جا نتيجا ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳندا. ماضي ۾ جڏهن به پاڪستان تي ڏکيو وقت آيو ته وقت جا صدور وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي سطح تي خود پوري دنيا جي دورن تي نڪري پوندا هئا ۽ عالمي سطح تي همدردي مالي و اخلاقي مدد حاصل ڪندا هئا جنهن سان پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ٿي ويندي هئي پر هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان جي مک قيادت صدر وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ننڊون ڪندي ستل نظر آيا ۽ پنهنجي پاران سفارتي وفد کي موڪلڻ مناسب سمجهيو جيڪڏهن اهي خود ٻاهر نڪرڻ ها ته نتيجا ڪجهه مختلف ۽ مثبت نڪرن ها. وزيراعظم محمد شهباز شريف صرف ترڪي ايران سعودي عرب ۽ دبئي ياترا ڪئي جيڪا محدود هئي. ماضي ۾ جڏهن به پاڪ ڀارت جنگيون لڳيون آهن يا پاڪستان مٿان ڏکيو وقت آيو ته وقت جا صدور يا وزيراعظم قوم کي خطاب ڪري اعتماد ۾ وٺندا هئا هاڻ اهو رواج ختم ٿي چڪو آهي قوم سوشل ميڊيا جي آسري ۾ رهي ٿي ۽ ان تي اعتبار ڪري ٿي. وضاحتن ڪرڻ ۽ موقف ورجائڻ لاءِ سفارتي وفد موڪلڻ به سٺو ۽ موثر قدم آهي پر سربراهن جو روبرو وڃڻ سربراهن سان روبرو ملڻ وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿئي ٿو ۽ ٿئي ها اڃا به وقت ناهي ويو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف غير ملڪي دورا ڪري آمريڪا سميت يورپي ملڪن جي قيادت کي اعتماد ۾ وٺن جيڪو بهترين حل آهي.
بلاول ڀٽو جو ڪراچي ۾ ٿيل آڌر ڀاءُ ۽ جلسي کي ڪيل خطاب ن ليگ لاءِ ڪنهن لمحه فڪر کان گهٽ ناهي۔ ڪراچي پهچڻ تي پ پ چيئرمين ۽ پاڪستاني وفد جي سربراه بلاول ڀٽو جو جنهن نموني آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي سندس قيادت تي هڪ قسم جو اعتماد جو اظهار آهي جيڪو ظاهر ٿو ڪري ته منجهس ملڪي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ هو مستقبل جو وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو۔
پي ٽي آءِ جيڪا پ پ جي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار نه هئي پ پ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪي آهي جڏهن ته خطي جي بگڙجندڙ صورتحال کانپوءِ ن ليگ اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ وڃي رهي آهي وٽس اهڙي ڪا مضبوط ۽ مقبول ليڊرشپ باقي ناهي رهي جنهن کي عالمي سطح تي ڪا پذيرائي ملي سگهي۔ اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا پاڪستان جي سياسي قيادت کي نظرانداز ڪري فوجي قيادت کي خاص دعوت ڏئي گهرائڻ جو مقصد به واضح آهي ۽ ظاهر ڪري ٿو ته آمريڪا پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري حڪومت کان خوش ناهي نه وري ان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي۔ هونئن به ن ليگ قيادت ۽ حڪومت دنيا سطح تي پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺي آهي۔ رهيو سوال پاڪستاني سفارتي وفد جي عالمي ياترا جو ته بظاهر ته وفد جن جن ملڪن جو دورو ڪيو آهي انهن ملڪن ظاهري طور ته ڪنهن به قسم جي پاڪستاني کي خاطري ناهي ڪرائي يا ڀارت جي ظاهري طور مذمت ڪئي آهي سواءِ پاڪستاني موقف کي غور سان ٻڌڻ جي ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي۔
جيتوڻيڪ آمريڪا ٽياڪڙي ڪرڻ جو اظهار ڪيو آهي پر ڀارت اهڙي ٽياڪڙي کي قبول نه ڪرڻ به هڪ معني رکي ٿو۔ ڀارت هن وقت ڪجهه ٻيو پيو سوچي ۽ آمريڪا به ان کان مختلف سوچ رکي ٿو ۽ آمريڪا جو هن وقت پورو زور اسرائيل کي جنگي حالتن کان بچائڻ آهي۔ بهرحال پ پ سربراهه آمريڪا سميت مختلف يورپي ملڪن تائين جيڪو پنهنجو موقف رکي واپس پهتو آهي ان کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پذيرائي ضرور ملندي جو پاڪستان جنگ بندي ڪري وقتائتو قدم کنيو آهي