پاڻي ذخيرن جي اوٽ ۾ سنڌوءَ تي نئون وار

تحرير: سيد يوسف شاهه

تازو وزيراعظم شھباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراھي ۾ وڏن پاڻي ذخيرن جي اڏاوت لاءِ وسيلن جي فراھميءَ بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آھي، ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، مريم نواز، سرفراز بگٽي، علي امين گنڊاپور ۽ مرادعلي شاهه سميت منصوبا بندي ۽ ترقيءَ جو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، پاڻيءَ وسيلن بابت وفاقي وزير ۽ سلامتي جي مشير ليفٽنٽ جنرل عاصم ملڪ کان سواءِ سيڪريٽري ڪيبينيٽ طارق باجوا، سيڪريٽري اقتصادي معاملا ڊويزن ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري به ڪميٽيءَ ۾ شامل آھن. ڪميٽيءَ کي اھو پڻ اختيار ڏنو ويو آھي ته ھوءَ ”ڪنھن به موزون شخص کي“ ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهي ٿي ته جيئن ڪم جي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بنائي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعظم شھباز شريف پاڻيءَ ذخيرن بابت ”اھم اجلاس“ ۾ ڳالھائيندي چيو ته ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ ”اتفاق راءِ“ سان ”ھاڻي يا ڪڏھن به نه“ جي بنيادن تي سخت ۽ دليراڻا فيصلا ڪري، اپاءُ وٺڻا پوندا. ھن چيو ته تربيلا ۽ منگلا جا ذخيرا گهٽجي رھيا آھن وفاقي حڪومت ۽ صوبن سميت سڀني کي آبي ذخيرن جي اڏاوت جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ نون ڊيمن جي اڏاوت صوبن جي ”اتفاق“ سان ٿيندي. گڏجاڻيءَ ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سميت وفاقي وزير، صوبائي قيادت ۽ سرڪاري عملدار پڻ موجود ھئا.

ھيٺين ڳالھين تي غور ڪرڻ جي ضرورت آھي ته وزيراعظم چوي ٿو ”ھاڻي نه ته ڪڏھن به نه جي بنيادن تي سخت ۽ دليراڻا فيصلا ڪرڻا پوندا.“ ھيءُ چتاءُ ھو ڪنھن کي پيو ڏي، سنڌ حڪومت جي حڪمن تي پوليس پاران سڌيون گوليون ھلايون پيون وڃن، سوين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، گرفتاريون ٿي رھيون آھن، قومي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي گهرن تي ڇاپا پيا لڳن، بي ڏوھي ڪارڪنن تي دھشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس پيا ٺھن ۽ فوجي عدالتن جا پڙاڏا پيا ٻڌجن، ڇا اھڙين ڪارروائين کي وزيراعظم جي تقرير جي پس منظر ۾ نه ڏسڻ گهرجي؟ اھو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آھي ته ھن ڪميٽيءَ ۾ نسل پرست پنجابين کان سواءِ ٻيا ڪيترا ۽ ڪھڙا ميمبر آھن؟ ڪميٽي پنھنجا اختيار استعمال ڪندي اڃا ڪيترا سنڌ دشمن ميمبر شامل ڪندي؟ ليفٽنينٽ جنرل عاصم ملڪ کي ڪھڙا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميٽيءَ ۾ رکيو ويو آھي؟ ”چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک“ وانگر وزيراعظم پاران اھو چوڻ ته ”تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا گهٽجي رھيا آھن“ ھن ڪميٽيءَ جي حوالي سان سندن ارادا پڌرا ڪري ڇڏيا آھن ته سندن مقصد رڳو پنجاب جا ڪئنال کولڻ، ڊئم ڀرڻ ۽ نوان ڊئم ٺاھي سنڌوءَ کي سڪائڻ آھي. پاڻ کي جمھوري راڄ جا چونڊيل نمائندا سڏائيدڙن جي مذڪور اجلاس يا ”جمھوري حڪمرانن“ جي سياسي، معاشي، ڪاروباري ۽ ھر قسم جي گڏجاڻين توڙي پنجاب حڪومت جي افتتاح وارين تقريبن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي ڪھڙو تاثر ۽ پيغام ڏي ٿي؟

اھا حقيقت ھڪ عام ماڻھوءَ جي به سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آھي ته پاڻيءَ جي ذخيرن جي اڏاوت جي اوٽ ۾ سنڌو درياهه سڪائڻ، سنڌ کي برپٽ ۽ بيابانن ۾ بدلائڻ، سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي بيروزگاري جي باهه ۾ اڇلڻ جي مڪمل سازش تيار ٿي چڪي آھي. اھا به سڀني کي خبر آھي ته اسان جي حڪمرانن پاڻيءَ تي ڌاڙا ھڻائي، سنڌ سڪائي، زراعت کي تباھہ ڪري سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري پيدا ڪئي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ واري اداري پنجاب جا تڪراري لنڪ ڪئنال وھائي، ڊئم ڀري سنڌ کي بنجر بنائي ڇڏيو. پر ھاڻي ته اھي ”صوبن جي اتفاق راءِ سان“ پنجاب ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا گڏ ڪرڻ لاءِ وڏا ڊئم به ٺاھيندا، ڪئنال به اڏيندا ۽ سنڌوءَ جو سمورو پاڻي به روڪيندا. سنڌ جي حڪمرانن جو ڪردار به قوم اڳيان پڌرو ٿي چڪو آھي جيڪي گذريل سال سنڌو درياهه تي ڇھڻ ڪئنالن جي لڪ ڇپ ۾ منظوري ڏيئي آيا، ڪاپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ڪري چڪا ۽ اڄ تائين ڏنل زمينن جا انگ اکر بہ ظاھر نٿا ڪن پر خبرون آھن ته اھو انگ 32 لک ايڪڙن کان به مٿي آھي. مائنر ۽ منرلز بل آڻي سنڌ جي سموري معدنيات جو وڪرو ڪرڻ جي تيارين ۾ آھن.

ٻئي پاسي سنڌو درياهه، سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري آھي، شھادتون ٿين پيون، گرفتاريون ٿين پيون ڇاپا لڳن پيا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي تڏھن به حوصلا بلند آھن. پر سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي بچائڻ ۽ غلاميءَ جي ھن ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ھڪ مضبوت اتحاد ۽ انتھائي سگهاري پرامن تحريڪ ڀرپا ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيتوڻيڪ سنڌ سان محبت ڪندڙ سموريون پارٽيون جدوجهد جي ميدان ۾ آھن، پر ھر پارٽي پنھنجي پنھنجي طور تي الڳ جدوجهد ڪندي نظر اچي رھي آھي. جيڪو عمل اسان کي ڪاميابي جي منزل کان ڏور ڪري رھيو آھي. انھن سياسي پارٽين جا ٽي قسم چئي سگهجن ٿا. ھڪ وفاقي سياست ڪندڙ پارٽيون، جن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، جي يو آءِ (ف)، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي (ش ڀ) وغيرھہ. ٻيون اھي قومپرست پارٽيون جيڪي پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رھندي پارلياماني چونڊون وڙھڻ چاھين ٿيون جيئن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي وغيرھہ کان سواءِ اھي پارٽيون جيڪي ملڪ ۾ چونڊن جي عمل تي يقين نه ٿيون رکن. جن ۾ جسقم نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر، جسقم صنعان قريشي ۽ جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو شامل آھن ان کان سواءِ بار ڪائونسلن ۽ وڪيلن جو طاقتور گروپ پڻ ھن تحريڪ جو حصو آھي. ان کان سواءِ ڪافي سگهاريون شخصيتون پڻ ھن تحريڪ جي حمايت ڪري رھيون آھن. جيتوڻيڪ سمورين پارٽين جا اڳواڻ احترام ۽ ڀروسي لائق آھن. پر تنھن ھوندي به ڪجهه پارٽين جا ورڪر اٻھرائپ مان سموري جدوجهد جو ڪريڊٽ پنھنجي ليڊر کي ڏيندي، ٻين اڳواڻن تي وڪامجهڻ يا غداريءَ جهڙا الزام ھڻندي نظر اچن ٿا، جنھن مان اھو تاثر زور وٺي سگهي ٿو ته سمورا اڳواڻ اقتدار تائين پھچڻ لاءِ پنھنجي پنھنجي دڪانداري چمڪائي رھيا آھن. ھونئن به اسان اڃا جدوجهد جي رستي تي آھيون منزل اڃان پري آھي، اڄ تائين ڪوبه اڳواڻ سامراج جي قلعن تي پنھنجو جهنڊو ڦڙڪائي ناھي سگهيو. ھن وقت سنڌي قوم جا سمورا طبقا پنھنجو پاڻ ميدان تي لٿا آھن کين مضبوط گڏيل قيادت جي ضرورت آھي تنھنڪري جدوجهد ڪندڙ سمورين پارٽين اڳيان اھا تجوير رکجي ٿي ته سنڌ سيو الائنس (Sindh Save Alliance) يا ڪنھن ٻئين مناسب نالي سان سمورين پارٽين جو ھڪ مضبوط اتحاد ٺاھي سنڌ جي نقشي وارو ھڪ ئي جهنڊو منظور ڪري سنڌي قوم کي پرامن جدوجهد جو سڏ ڏيو، توھان سڀئي گڏجي ميدان تي نڪرو، درياهه ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڪروڙين سنڌي توھان سان گڏ ھوندا.  لکن ۽ ڪروڙن جي ڌرڻن ۽ مظاھرن تي ڪنھن کي ھمت ٿيندي جو ھٿ چراند ڪن؟ اھڙي تحريڪ جا چئوٻول عالمي دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽ ھن ملڪ جا ڊڪٽيٽر حڪمران پنھنجي ھوڏ تان ھٽڻ لاءِ مجبور ٿي پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.