صحيونيت، سامراجيت ۽ جنگ جو نئون رخ

تحرير: ساحر ٻپڙ

اسرائيلي رياست جي فوجي وسعت پسندي، خاص طور تي مغربي ڪناري ۽ غزه تي حملا، بين الاقوامي قانونن جي لتاڙ آهي. ان عمل مان نه رڳو فلسطيني عوام جي زندگي اجاڙي پئي وڃي پر اسلامي دنيا جي نئين نسل ۾ هڪ بيزاري ۽ ڪاوڙ به جنم وٺي رهي آهي، جيڪا شدت پسندي ڏانهن ڌڪجي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ عالمي برادري جو خاموش رهڻ پڻ استعماري منصوبن جي حمايت برابر آهي. ته مغربي ميڊيا به هن خاموشيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي، جتي صيوني جارحيت کي ‘دفاع’ ۽ فلسطيني مزاحمت کي ‘دهشتگردي’ طور پيش ڪيو وڃي ٿو. اهڙو بيانيو نه صرف حقيقتن کي مسخ ڪري ٿو پر ظلم کي جائز بڻائڻ جي سامراجي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي.  "مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ” اداري جي رپورٽن موجب، اسرائيل اندر ويجهڙن سالن ۾ سياست شدت پسندي طرف وڌي آهي. صيوني آبادڪارن جي هٿان فلسطيني شهرين تي وڌندڙ حملا، خاص ڪري مسجد اقصىٰ جي بي حرمتي، مذهبي بنياد پرستي کي وڌائي رهيا آهن، جنهن جو اثر نه صرف عرب دنيا پر عالمي سطح تي محسوس ٿي رهيو آهي. اهو به افسوسناڪ امر آهي ته ا عرب رياستون جيڪي پاڻ کي اسلامي همدرديءَ جا علمبردار ظاهر ڪن ٿيون، اهي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ اڳڀريون رهيون آهن، جنهن سان فلسطيني عوام ۽ ايران کي سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪيو ويو آهي. جڏهن ظلم، قبضي ۽ نسل ڪشي جي بنيادن تي رياست ٺهي، تڏهن مزاحمت کي انتهاپسندي چوڻ اصل ظلم سان انصاف نه آهي. فلسطين جي صورتحال اسان کي سيکاري ٿي ته اصل حل بنيادي مسئلي يعني صيوني استعمار کي تسليم ڪرڻ ۽ ان خلاف آواز اٿارڻ سان ممڪن آهي. جيڪڏهن استعماري حملن کي نظرانداز ڪيو ويندو ته ردعمل جي صورت ۾ جنم وٺندڙ شدت پسندي کي ڪڏهن به روڪي نه ٿو سگهجي.

صيوني استعمار جو اهو تسلسل، جيڪو فلسطين ۾ جاري آهي، هاڻ وڌيڪ نازڪ ۽ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جيئن تازو اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. ايران جي طرفان مزاحمتي گروپن جهڙوڪ حزب الله، حماس ۽ ٻين جي حمايت ۽ اسرائيل جي مسلسل حملا آميز رويي وچ ۾ خطي جي صورتحال هڪ نئين بحران ڏانهن وڌي رهي آهي. 2024ع جي آخرين مهينن ۾ دمشق ۽ بغداد تي اسرائيلي حملن ۽ ان جي جواب ۾ ايران پاران ڊرون ۽ ميزائلن جو استعمال، پهريون ڀيرو اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي سرتي فوجي تصادم جي امڪانن کي وڌايو. هي رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ نه پر هڪ عالمي طاقت جي صف بنديءَ ڏانهن اشارو آهي، جتي آمريڪا فرانس ۽ برطانيا اسرائيل جي پاسي تي آهن ۽ چين روس ۽ ترڪي ايران جي موقف سان ويجهڙائپ رکن ٿا. آمريڪا نه رڳو سفارتي سطح تي اسرائيل جي حمايت ڪري ٿو، پر هر سال تقريبن 3.8 بلين ڊالر جي فوجي امداد به مهيا ڪري ٿو، جيڪا غزه، شام، لبنان ۽ ايران تي ٿيندڙ حملن لاءِ هٿيارن جي فراهميءَ جو بنيادي ذريعو آهي. صيونيت جي سامراجي فڪر تحت، اسرائيل نه رڳو فلسطين تي بلڪه سڄي خطي تي پنهنجو عسڪري اثر وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نامياري تجزئي نگار نوام چومسڪي مطابق، اسرائيل جي پرڏيهي پاليسي هميشه خطي جي عسڪري بالادستيءَ تي مرڪوز رهي آهي، جيڪا ڪنهن به غير يهودي رياست جي خودمختياريءَ لاءِ خطرو آهي. ماضي ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ غير سڌي "پراڪسي جنگ” هلندي رهي آهي پر موجوده ڇڪتاڻ سڌي جنگ جو خطرو وڌائي رهي آهي. اهڙي جنگ جيڪا غزه جي بحران کان وٺي لبنان، شام، عراق ۽ يمن تائين پکڙجي سگهي ٿي، صرف اسلامي دنيا لاءِ نه پر سڄي دنيا لاءِ تباھ ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. صيوني استعمار جي مخالفت رڳو فلسطيني مسئلي تائين محدود نه آهي. هاڻ اهو هڪ علائقائي بحران ۾ بدلجي چڪو آهي، جنهن جي پاڙ پڌريءَ ريت سامراجيت ۾ آهي. جيڪڏهن عالمي برادري، خاص ڪري اسلامي ملڪ هن فڪر جي خلاف متحد نه ٿيا ته پوءِ نه صرف فلسطين پر ايران، لبنان، شام، عراق ۽ سڄو وچ اوڀر صيوني جارحيت جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو. اهو وقت آهي ته علم تجزئي ۽ سفارت جي ميدان ۾ صيونيت خلاف اهڙو ئي موقف اختيار ڪيو وڃي، جهڙوڪ ڪڏهن نوآباديات خلاف ڪيو ويو هو. حقيقت ۾ اسرائيل ۽ ايران جي ڇڪتاڻ جو پسمنظر سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان صيوني استعمار جي تاريخي تسلسل کي سمجهون، ڇو ته جنگ جا بنياد هميشه نظريي وسيلن ۽ طاقت تي ٿين ٿا ۽ صيونيت انهن ٽنهي جو استعماري مرڪز آهي.

اسلامي دنيا کي هاڻي به وقت آهي ته فلسطيني ۽ ايراني قوم سان گڏ بيهي، هڪجهڙائي اتحاد ۽ مزاحمت جي بنيادن تي نئين حڪمت عملي جوڙي، جيئن نه فقط غزہ جو محاصرو ختم ٿئي پر سامراجي سوچ کي به عالمي سطح تي للڪاريو وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته اسلامي ملڪن جو عوام پنهنجن حڪمرانن کان سوال ڪري ته ڇا هو واقعي مسجد اقصىٰ، بيت المقدس، ايراني ۽ فلسطيني عوام سان وفادار آهن؟ يا فقط پنهنجي اقتدار، آمريڪي رضا ۽ سرمائيداري مفادن جا غلام بڻجي چڪا آهن؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.