ايران تي ڪيل اسرائيلي حملي ۽ جواب ۾ ايران جي ڪيل ڪارروائي ان بعد ٻيھر اسرائيل جو شديد حملو ۽ ان جو وري ايارن پاران ڏنل ڀرپور جواب، اھو ظاھر ڪري ٿو تھ لڙائي اڃان جاري آھي.جنھن بابت ڪو بھ ماھر اڳڪٿي ڪرڻ کان قاصر آھي. اھو درست آھي تھ اڳ يا پوءِ ڪنھن بھ جنگ جي ھارائڻ کٽڻ جو فيصلو ميز تي ٿيندو آھي، پر ان کان اڳ ڌريون ھڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇڻ چاھينديون آھن.ھن ڀيري بھ ائين ئي ٿي رھيو آھي.ھر ڌر چاھي ٿي تھ حساب برابر ڪجي تھ پوءِ ٽيبل تي ڳالھيون ڪجن.
مبصرن جي اڪثريت اھو تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن تھ آمريڪا جي علم ۾ ھئڻ بنا اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ھجي. ھڪڙي لحاظ سان آمريڪا ئي اھو ملڪ آھي جيڪو اسرائيل کي ھٿيار ڏئي ڪري ڦٺي ٺپري اڳيان ڪندو آھي ۽ پاڻ پس منظر ۾ ڪنھن ڪنھن وقت ظاھر طور تي ان جي حمايت ڪندو رھندو آھي.ھاڻوڪي ايران تي ڪيل ڪاھھ جي سامھون آيل خبرن مان پڻ ائين ئي لڳي رھيو آھي.جنھن ڪري ھن جنگ ۾ بھ آمريڪا جي خواھش ۽ ارادو شامل آھي. ان دوران اسرائيل ھندستان سان گڏجي ڪري ايران جي اندر داخل ٿي ڪري اتي ھٿيارن گڏ ڪيا. ھدف ٺاھيا ۽ مختلف ھنڌن جو نشانو ورتو.جنھن مان اھو چٽو نظر اچي رھيو آھي تھ ھن ڀيري يورپ، اسرائيل ۽ آمريڪا اھا ساڳي گيم کيڏي رھيا آھن،جنھن ۾ ھنن جي خواھش آھي تھ اتي رجيم چينج ڪئي وڃي.سامراجي ملڪن جو اھو پراڻو طريقو آھي تھ اھي ڪنھن ملڪ جي قيادت کي جھڪائي نھ سگھندا آھن تھ ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان اتي داخل ٿي ڪري، اندران ئي اندران کاٽ ھڻندا آھن. ائين اتي قيادت تبديل ڪري پنھنجي مفادن جو تحفظ ڪندا آھن . اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو بھ ھاڻي ايراني عوام کي پنهنجي حڪومت خلاف اٿڻ جي ترغيب ڏني آهي.
تل ابيب ۽ ٻين اسرائيلي شهرن تي ايراني ميزائل حملن کان پوءِ قوم کي خطاب ۾ نيتن ياهو ايراني عوام تي زور ڏنو ته اهي اسلامي حڪومت خلاف آواز بلند ڪن.اولھھ جي مبصرن جو خيال آھي تھ اسرائيلي حملن سان ايران جي فوجي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ کان پوءِ تهران ۾ حڪومت جي تبديلي جي رٿا تي ڪم ٿي رهيو آهي.آمريڪا، اسرائيل سان گڏ، تهران ۾ حڪومت جي تبديلي جو خواب ڏسي رهيو آهي ته جيئن ڪيترن ئي ٻين ملڪن وانگر اتي هڪ ڪٺ پتلي حڪومت قائم ٿي سگهي. صدر ٽرمپ ايران سان معاهدي ۽ معاملن کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. گڏ شرط اهو رکيو پيو وڃي ته ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏي.
اسرائيلي وزيراعظم ايراني عوام کي ڀڙڪائڻ لاءِ جيڪو پيغام ڏنو آهي ان جو اصل ۾ ايران ۾ الٽو اثر ٿي سگهي ٿو. پنهنجي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ بدران، ماڻهو سمجهندا ته هن مرحلي تي موجوده حڪومت هڪ پرڏيهي جارحيت خلاف وڙهي رهي آهي،جنھن ڪري ان جو ساٿ ڏنو وڃي. ممڪن آھي ان جو ٻيو اثر بھ ٿئي پر فوري طور تي ان بابت ڪجھه چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالھھ ھوندي.دنيا ۾ ڪو به اهڙو قانون ناهي جيڪو ٻڌائي ته ڪهڙو ملڪ ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو يا ڪھڙو نٿو ٺاھي سگھي.پر انهن هٿيارن جي تباهي ۽ ماحول تي ڊگهي مدت جي منفي اثرکي نظر ۾ رکندي، دنيا ۾ انهن هٿيارن جي خلاف هڪ عام راءِ آهي.اھو بھ تسليم ٿيل اصول آھي تھ قانون يا اھڙي نوعيت جا اصول ڪمزور ملڪن کي ئي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آھي.
اصل معاملو سامراجي ملڪ جي مفادن جو ھوندو آھي. جنھن لاءِ اھي ڪو نھ ڪو بھانو گھڙي وٺندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن ملڪ ۾ پارلياماني نظام نھ آھي تھ چيو ويندو تھ اتي اھي سامراجي ملڪ جمھوريت آڻڻ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رھيا آھن، پر ٻئي پاسي اھا بھ حقيقت آھي تھ عرب دنيا جي اھڙن ملڪن سان بھ آمريڪا ۽ سندس ساٿارين جا مثالي لاڳاپا آھن،جتي خالص بادشاھت آھي. آمريڪا جي اڳواڻي ۾ ڪجهه اولھھ ملڪ ترقي پذير ملڪن کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ معاشي پابنديون هٿيار طور استعمال ڪيون وينديون آهن. پاڪستان کي به اهڙين پابندين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ۽ ايران لاءِ رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن. اتر ڪوريا پڻ هڪ اهڙو ئي نشانو رهيو آهي، جيڪو سڀني دٻاءُ جي باوجود ايٽمي هٿيار ۽ ڊگهي فاصلي وارا ميزائل ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
1979 جي انقلاب کان پوءِ، ڪيترائي ايراني ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾ آباد ٿيا. ايران جي اڳوڻي شاهه ۽ اڳوڻي ولي عهد رضا پهلوي جو پٽ پڻ هن وقت آمريڪا ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهي. رضا پهلوي هميشه ايران ۾ موجوده نظام جي خلاف سرگرم رهيو آهي ۽ ميڊيا انٽرويوز ۽ آمريڪي ۽ اولھھ ملڪن کي ايراني حڪومت جو بائيڪاٽ ڪرڻ، انقلابي گارڊز کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ ۽ ايران ۾ هڪ سيڪيولر، جمهوري ۽ اسرائيل نواز حڪومت قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.ھو اسرائيل سان مسلسل رابطي ۾ بھ آهي ۽ هن آخري ڀيرو اپريل 2023 ۾ اسرائيل جو دورو ڪيو ھو.
ٿيڻ ڪري ڪجهھ بھ ٿي سگھي ٿو پر ايران ۾ ڪنھن رجيم چينج سان نھ رڳو ايران تي پر ٻين ملڪن جھڙوڪ پاڪستان، چين، روس ۽ ٻين آمريڪا کي کٽڪندڙ ملڪن جي لاءِ ڪنھن بھ ريت ھو سٺو سونئڻ نھ ھوندو، ڇاڪاڻ جو ڪنھن بھ تبديلي جو انساني نفسيات، جيو پاليٽڪس تي گھرو اثر ٿيندو آھي.اھو بھ درست آھي تھ ايران ۾ ھن وقت مذھبي ڌرين جي حڪومت آھي اھي پنھنجي جوھر ۾ سخت گير بھ آھن، پر ھن مرحلي تي ڪنھن بھ رجيم چينج جي صورت ۾ علائقائي ۽ عالمي سياست تي جمھوري قوتن، مزاحمت ڪندڙ ڌرين تي ان جي منفي اثر پوڻ جو امڪان آھي.اھڙي ڪا تبديلي علائقي ۾ وڏي لڏپلاڻ سان گڏ ھزارين ماڻھن جي زندگين تي گھرو اثر ڇڏيندي.