”پرڻيل مردن سان لاڳاپا رکندڙ عورتون فيمنسٽ ناهن، ٻار انهن کي رول ماڊل نه بڻائين“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول جي ڀيڻ ۽ اداڪارا تنيشا مکرجي شادي شده مردن سان لاڳاپا رکندڙ عورتن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
تنيشا مکرجي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي اڪثر مختلف موضوعن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي رهندي آهي.
تازو ئي هن اهڙين عورتن بابت پوسٽ شيئر ڪئي، جيڪي شادي شده مردن سان لاڳاپا قائم ڪنديون آهن.
اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته جيڪي عورتون شادي شده مردن سان لاڳاپا قائم ڪنديون آهن، اهي فيمنسٽ يعني عورتن جي حقن جون علمبردار ناهن، پر حقيقت ۾ عورتن جون ئي مخالف آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ٻي عورت جي مڙس سان لاڳاپو رکڻ ان جي زال جي توهين ڪرڻ برابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙي معاملي ۾ مرد جو به ڏوهه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار ڪمزور هوندو آهي، جڏهن ته شادي شده مردن جي پٺيان ويندڙ عورتون رڳو بدڪردار آهن ۽ اهڙين عورتن کي اسان جي ٻارن لاءِ رول ماڊل نه بڻجڻ گهرجي.

You might also like