اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف مڪي تي ڊرون حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ان واقعي تي ڏکويل ۽ پريشان آهي.
سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ”هن معاف نه ڪرڻ جوڳي قدم سبب محسوس ٿيندڙ غم ۽ ڏک جي شدت کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.“
شهباز شريف سڀني ڌرين کي وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته تڪرارن سبب خطو اڳ ئي تمام گهڻو نقصان ڀوڳي چڪو آهي.
هن چيو ته پاڪستان خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ حرمين شريفين جي سلامتي ۽ تقدس جي دفاع ۾ سعودي عرب سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
پاڪستان جي وزيراعظم ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي پائيدار امن جو واحد رستو قرار ڏنو.
مڪي تي ڊرون حملي جي مذمت، پاڪستان سعودي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: وزيراعظم
You might also like