واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا اسرائيل کي اٽڪل 2.8 ارب ڊالر جي نئين دفاعي پئڪيج تحت 2 هزار پائونڊ وزني هزارين بم ڏيڻ جو منصوبو ٺاهي ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب، تجويز ڪيل پئڪيج ۾ 40 هزار بم شامل آهن، جن ۾ 20 هزار ايم ڪي-84 ۽ 20 هزار بي ايل يو-117 بم شامل آهن، جڏهن ته 20 هزار آءِ-2000 پينيٽريٽر وارهيڊز به پئڪيج جو حصو آهن.
رپورٽن موجب، اها تازن سالن دوران اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني بم جي سڀ کان وڏي تجويز ڪيل وڪري مان هڪ ٿي سگهي ٿي. معاملو اڃا حتمي منظوري جي مرحلي ۾ آهي.
ايم ڪي-84 هڪ ڳرو بم آهي، جيڪو سخت ۽ زمين اندر هدفن خلاف پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان جي وڏي ڌماڪيدار اثر سبب ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ شهري نقصان بابت خدشا پڻ ظاهر ڪيا ويا آهن.
اسرائيل کي 2 هزار پائونڊ وزني هزارين بم ڏيڻ جو منصوبو، آمريڪي دفاعي پيڪيج جا تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like