مڪي شريف جي حرمت تي حملو قبول ناهي، پاڪستان حرم پاڪ جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خبردار ڪيو آهي ته مڪي شريف تي ڪنهن به حملي کي عالم اسلام تي حملو تصور ڪيو ويندو.
جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ”مڪو شريف رڳو هڪ شهر ناهي، پر سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جي عقيدت ۽ مذهبي وابستگي جو مرڪز آهي.“
ياد رهي ته يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت لاءِ قائم فوجي اتحاد جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي پنهنجي هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب جي فضائي دفاعي فوج يمني حوثين طرفان فائر ڪيل ڊرون کي مڪي جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ روڪي تباهه ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، حوثين جي هڪ عهديدار محمد الفرح مڪي کي نشانو بڻائڻ واري دعويٰ جي ترديد ڪندي ان الزام کي ”کليل ڪوڙ“ قرار ڏنو آهي.
مولانا فضل الرحمان جي بيان موجب، جيڪڏهن اهڙو ڪو حملو ٿئي ٿو ته حملي آورن کي عالم اسلام جي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو.
بيان ۾ چيو ويو ته ”امت مسلمه مڪي شريف ۽ سعودي عرب جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ متحد ٿي جواب ڏيندي.“
بيان ۾ مسلم ملڪن، خاص طور پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو ته هو هن نازڪ صورتحال ۾ سعودي عرب ۽ حرم مڪي جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت پاڪستان تي زور ڏنو ته حرمين شريفين جي تحفظ بابت پنهنجي پاليسي جو واضح ۽ فوري اعلان ڪري.
بيان ۾ چيو ويو ته مسلم دنيا کي درپيش چئلينجن جي تناظر ۾ هڪ مضبوط ۽ اثرائتي اسلامي بلاڪ ٺاهڻ جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف مڪي تي مبينا ڊرون حملي جي ڪوشش جي مذمت ڪندي چيو هو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت، سلامتي ۽ حرمين شريفين جي تحفظ جي دفاع ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
ياد رهي ته جولاءِ ۾ يمن جي گهرو ويڙهه ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ کانپوءِ حوثي باغي سعودي عرب جي حمايت يافته يمني سرڪاري فوجن سان نئين ڇڪتاڻ ۾ مصروف آهن.
حوثين سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي جهازن کي نشانو بڻائڻ جون دعوائون ڪيون آهن.

You might also like