پاڪ ايران لاڳاپا ۽ تازي صورتحال ۾ توازن برقرار رکڻ جي ضرورت

تحرير: محمد عامر رانا

ايران تي  اسرائيلي حملن علائقائي ۽ عالمي بحران کي جنم ڏنو آهي. پاڪستان لاءِ ان  حملي جا اثر خاص طور تي اسلام آباد جي واشنگٽن جي حوالي سان ٻنھي پاسن يعني پاڪستان جي  اندروني استحڪام ۽ ان جي جيوپولٽيڪل پاسن تي پوندا. آمريڪي فوج جي 250 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ارتقا جي نوعيت جو آئينو آهي.ٽرمپ انتظاميا ايٽمي هٿيارن سان ليس حريفن هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ بندي ۾ پنهنجي ڪردار جو جشن ملهائي رهي هئي، تڏهن اسرائيل ايراني ايٽمي ھنڌن  تي حملو ڪيو، رپورٽن مطابق شڪ آھي ته ايران ڳجھي طور تي ايٽمي هٿيار ٺاهي رهيو آهي. حملي  سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڳالهين تي اثر انداز ٿيڻ جو بھ امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته اهو واضح ٿي چڪو آهي ته اسرائيل جي ان جي ڪارروائي جي پٺيان هڪ مقصد ايٽمي ڳالهين کي پٽڙي تان لاهڻ هو.

 اسرائيل ايران تڪرار جا محرڪ ساڳيا نه جيڪي ڏکڻ ايشيا ۾ آهن. پر وڏي پيماني تي اھو مڃيو وڃي ٿو ته اسرائيل ٽرمپ انتظاميا جي رضامندي يا گهٽ ۾ گهٽ خاموش منظوري کان سواءِ اهڙو قدم نه کڻندو. جيئن ته تعليمي ماهر ولي نصر هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ نوٽ ڪيو آهي، جنھن واشنگٽن جي ملوث ھجڻ بابت بھ سوال اٿاريا آهن.

 مبصرن جي اڪثريت هاڻي پاڪستاني آرمي چيف جي تازي دوري کي ساڳئي نظر سان ڏسي رهيا آهن، واشنگٽن جي پاڪستان جي تعريف  وقت  جن ورتل قياس آرائيون پردي پويان هڪ گهري ڳالھھ جو اشارو ڏئي ٿي. قياس آرائين مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ايران کي الڳ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي امڪاني ڪردار تي غور ڪري رهيو آهي.جيڪڏهن اسرائيل آمريڪي رضامندي سان ايران تي حملو ڪيو ھوندو ته اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ نام نهاد عالمي امن  واري بروڪر جي حيثيت سان ٺھندڙ  تصوير، خاص طور تي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽياڪڙي  ۾ سندس اعلان ڪيل ڪاميابي ۽ هندستان پاڪستان تڪرار گهٽتائڻ جي حوالي سان،ڇيھو رسائيندو. جنرل ضياءَ جي حڪمراني کان وٺي پاڪستان ايران لاڳاپا ڪيترن ئي لاھن چاڙھن  مان گذريا آهن. بهرحال، جنوري 2024 ۾ هڪ مختصر وقفي کان پوءِ، لاڳاپا بهتر ٿيڻ شروع ٿيا. گذريل ڏيڍ سال دوران، ٻنهي ملڪن جي سربراهن ۽ اعليٰ فوجي قيادت ھڪ ٻئي ملڪن جا دورا ڪيا آهن، جيڪي برف رجڻ  جو  اشارو ڏين ٿا.

پاڪستان سان وڌيڪ تڪرار کان بچڻ کان علاوه، ايران دفاعي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي چونڊ ڪئي آهي جيتوڻيڪ ڊگهي عرصي کان ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين تي اڳڀرائي تاحال رڪيل آھي. معاهدي جي پيچيدگي ۽ خدشن جي باوجود ته ايران ملڪ جي خلاف  عالمي ٽياڪڙي  جي پيروي ڪري سگهي ٿو، تهران پنهنجي اثر کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رٿا ذريعي وسيع اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ مقصدن کي ترجيح ڏيڻ جي چوند ڪئي آهي. انھن ڪوششن اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي.

ذڪر جوڳي ڳالھھ ھي آھي تھ گذريل سال ايران انڊس شيلڊ مشق ۾ حصو ورتو، هڪ وڏي ملٽي نيشنل هوائي مشق جيڪا پاڪستان ايئر فورس جي ميزباني هيٺ ٿي هئي. هن سال جي شروعات ۾ ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف، ميجر جنرل محمد باقري، جيڪو 13 جون تي اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو هو، پڻ پاڪستان جو دورو ڪيو. تازو، وزيراعظم شهباز شريف ايران کي پنهنجي وچ ايشيا جي دورن ۾ شامل ڪيو، هندستان سان چار ڏينهن جي تعطل کان پوءِ هڪ ڏکئي دور ۾ هندستان جي حمايت لاءِ شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.

ايران ۽ پاڪستان ۾ هڪ وڏو حل نه ٿيندڙ مسئلو دهشتگردي آهي. بلوچ باغي، سيڪيولر ۽ اسلامي ٻئي، گڏيل سرحد تي  ڪارراوئي جاري رکندا آهن، ٻنهي پاسن جي علائقي تي حملا  ڪندا رھندا آهن. جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي هن مسئلي تي بار بار بحث ڪيو ويو آهي، پر ويڙهاڪ گروپ ٻنهي ملڪن جي ارادن کي آزمائيندا رهندا آهن. ان ڪري باهمي شڪ پيدا ٿيندا رھندا آهن، هر طرف ٻئي کي دشمن عنصرن کي پناهه ڏيڻ يا انهن جي حمايت ڪندڙ  طور  ڏٺو ويندو رهيو آهي.ان جي ابتڙ، دهشتگردي خلاف  سھڪار  پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل  نُڪتو بڻجي چڪو آهي. صدر ٽرمپ ڪانگريس ۾ پنهنجي خطاب دوران خطي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. تازو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪيريلا آمريڪي هائوس آرمڊ سروسز ڪميٽي جي ٻڌڻي دوران پاڪستان جي دهشتگردي خلاف سھڪار  کي ”غير معمولي“ قرار ڏنو. داعش خراسان خلاف اسلام آباد جي اثرائتي ڪارروائي کي اجاگر ڪندي، هن نوٽ ڪيو: ”هن غير معمولي ڀائيواري ذريعي، پاڪستان داعش خراسان کي نشانو بڻايو آهي، درجنين شدت پسندن کي ماريو آهي.“

آمريڪا جو هڪ ويجهو اسٽريٽجڪ پارٽنر، هندستان، ٻڌايو وڃي ٿو، اھو اھڙي  انداز ۾ تبديلي تي  حيران ٿي ويو. انهن جي گهري دفاعي، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي باوجود، خاص طور تي اسرائيل ايران تڪرار جي نتيجي ۾، آمريڪا جو بدلجندڙ موقف اهو ظاهر ڪري ٿو ته واشنگٽن اڀرندڙ علائقائي تناظر ۾ پاڪستان لاءِ وڌيڪ مصروف ۽ غير جانبدار ڪردار چاهي ٿو.اهو به اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان چين ۽ اولھھ  جي وچ ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي متوازن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان پس منظر ۾ تازو آمريڪي رابطو پاڪستان کي وڌيڪ تعميري انداز ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي.

جڏهن ته جاگرافيائي سياست اڪثر قياسن کي دعوت ڏئي ٿي، اهو تمام گهڻو واضح آهي ته پاڪستان مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ ثابت قدم ارادي جو مظاهرو ڪيو آهي. بين الاقوامي دهشتگردي جون سڀ صورتون، خاص طور تي افغان سرحد تي. ان عالمي سطح تي دهشتگردي خلاف هڪ اعتماد جوڳي ساٿي جي حيثيت سان ان جي تصوير کي نمايان طور تي وڌايو آهي.وچ اوڀر لاءِ ايران اسرائيل تڪرار جي اسٽريٽجڪ اثرن يا پاڪستان جي آمريڪا جي عالمي موقف ۽ علائقائي جيو پوليٽيڪل جي نيويگيشن جي باوجود، تڪرار ملڪ اندر بنيادي طور تي فرقه واراڻي پاسن  تي عوامي جذبات کي اڀاريو آهي. اهو خاص طور تي هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پريشان ڪندڙ آهي جنهن تازو ئي فرقه وارانه تشدد کي ڪجهه ڪنٽرول هيٺ آندو آهي، جيتوڻيڪ ڪمزور  اڃان بھ علائقا باقي آهن، خاص طور تي ڪرم ضلعي ۾. ايران تي اسرائيلي حملي کان فوري طور تي پوءِ سوشل ميڊيا ايران جي حامي ۽ ايران مخالف پوسٽن سان ڀريل هو. جڏهن ته گهٽين اندر اڃا تائين ڪا خاص  سرگرمي نه ٿي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي ٿيڻ  واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان جون سيڪيورٽي ايجنسيون، ممڪن طور تي، اندروني سيڪيورٽي خطرن ۽ امڪاني جاگرافيائي سياست  جو جائزو وٺڻ لاءِ صورتحال جي ويجهڙائي سان نگراني ڪنديون. پر ساڳئي وقت، رياست ھن بحران ۾ پاڻ کي هڪ لاڳاپيل ڪردار طور پنھنجي  پوزيشن لاءِ طريقا ڳولي سگهي ٿي.

بهرحال، رياستي حڪمت عملي ۽ عوامي جذبات جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرق پيدا ٿي سگهي ٿو. پهرين نار جنگ کان وٺي غزه ۾ اسرائيل جي بار بار ظلم تائين، پاڪستان جو سرڪاري رد عمل محتاط رهيو آهي، خطي جي سڀني وڏن رانديگرن سان پنهنجن لاڳاپن کي متوازن ڪيو آھي، جنھن ۾ ايران، اسرائيل، آمريڪا ۽ نار  رياستون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.