ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کان پڇاڻو ڪير ڪندو؟

ڪيتري ئي وقت کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌاڙيلن پاران ماڻهن کان ڀتو اوڳاڙڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌاڙيلن هٿان ڪيترائي ماڻهو اغوا توڙي قتل ٿي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو بدستور جاري آهي، جنهن کي سنڌ پوليس بند ته نه ڪرائي سگهي آهي، پر ڌاڙيل جن به شريف ۽ ڪاروباري ماڻهن ڏانهن ڀتي لاءِ ڪال ڪندا  آهن ته پوليس سواءِ ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي انهن بيڏوهه شهرين کي ڌاڙيلن سان رابطو رکڻ ۽ سندن ساٿاري هجڻ جو الزام مڙهي کين کنڀي گم ڪريو ڇڏي، جن کي ڪنهن  ٿاڻي جي لاڪپ ۾ رکڻ يا ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بدران مختلف خانگي هنڌن تي ڪيترا ئي ڏينهن لڪائي رکي ٿي ۽ پوءِ سندن وارثن کان ڌاڙيلن جيان لکين رپيا ڀنگ (رشوت) وصول ڪري کين آزاد ڪري ٿي.تازو ان قسم جون پوليس پاران اوٻاوڙي تعلقي جي مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ پنهون خان ڪالوني، ڳوٺ الله وسايو ۽ ڪراس بند جا ڪجهه ڳوٺ شامل آهن، ڪارروائي دوران ڏهه کان وڌيڪ پوليس موبائل ۾ اهلڪار سوار ٿي هڪ پاسي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکيڙين ٿا ته ٻي پاسي ننڍن ننڍن انهن دڪاندارن کي کنڀي کڻي وڃي گم ڪري ٿا ڇڏين جن ڏانهن ڌاڙيل ڀتي لاءِ ڪال ڪندا آهن. ياد رهي ته اڄ تائين پوليس ڪنهن به اهڙي شخص کي ڌاڙيلن جو ساٿاري هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري مٿس ڪيس وغيره داخل ڪري ثبوتن سميت ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو آهي. پوليس محض ڪمائي جو ذريعو بڻائي شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي ماڻهو ڌاڙيلن کان ته ڪنهن نه ڪنهن طرح بچي وڃن ٿا پر پوليس کان سندن بچڻ ممڪن ناهي هوندو. ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻين وس وارن ۽ اعليٰ علمدارن کي گذارش ڪجي ته خدرا! پوليس جي ان ناجائزي ۽ غير قانوني عمل جو جو فوري طور تي  نوٽيس وٺي ذميوارن آفيسرن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ شهرين کي پوليس جي ظلم کان بچايو وڃي.

شاهمير دشتي/ مريد شاخ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.