گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن جي رپورٽن موجب، هر سال دنيا ۾ لڳ ڀڳ 400 ملين ٽن پلاسٽڪ تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن جو وڏو حصو ٻيهر استعمال نه ٿيندو آهي. ان مان لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو پلاسٽڪ رڳو هڪ ڀيرو استعمال لاءِ ٺاهيو ويندو آهي، جڏهن ته صرف 10 سيڪڙو کان به گهٽ مقدار وري قابلِ استعمال بڻجي سگهي ٿي. ساليانو 8 ملين ٽن کان وڌيڪ پلاسٽڪ سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو آهي، جيڪو سامونڊي حيات لاءِ خطرو بڻجي ٿو. اها صورتحال صرف ماحولياتي تباهي تائين محدود ناهي، بلڪه انساني صحت لاءِ به هاڃيڪار بڻجي چڪي آهي.
تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته مائڪرو پلاسٽڪ نه رڳو کاڌي ۽ پاڻي ۾ پر هاڻ انساني رت ۾ به موجود آهن، جيڪو انسان جي جسماني نظام لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي رهيو آهي. پلاسٽڪ جي وڌندڙ گدلاڻ اسان جي ڌرتي، آبي حيات ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ وڏو الميو بڻجي چڪي آهي، جنهن تي فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي نيدرلينڊز ۾ 2022ع دوران ٿيل هڪ تحقيق (Vrije Universiteit Amsterdam) مطابق، 80 سيڪڙو ماڻهن جي رت جي نمونن ۾ پلاسٽڪ جا ذرا موجود هئا. سائنسي مطالعي مان ظاهر ٿيو آهي ته اهي ننڍڙا ذرا انساني جسم تي خطرناڪ اثر ڇڏين ٿا، جيڪي جگر، دل ذيابيطس ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين سان لاڳاپيل ٿي سگهن ٿا.
هڪ ٻي خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ترقي يافته ملڪ پنهنجو پلاسٽڪ ڪچرو ”ري سائيڪلنگ“ جي نالي ۾ بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا. انهن ملڪن ۾ مناسب سهولتن جي کوٽ سبب هي فضلو کليل ميدانن ۾ ساڙيو وڃي ٿو يا نالن ۽ دريائن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو نتيجو مقامي ماحوليات ۽ انساني صحت تي تمام خراب اثرن جي صورت ۾ نڪرندو آهي.اهڙي صورتحال ماحولياتي ناانصافي يا ان کي ”ماحولي نواستعمار“ پڻ چئي سگهون ٿا، جتي غريب قومن تي امير قومن جي گندلاڻ وارو بار وڌو وڃي ٿو.ان سان گڏ پلاسٽڪ جي صنعت جو هڪ اهم رخ اهو به آهي ته هي صنعت دنيا جي لکين ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آهي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (2024) جي انگن اکرن مطابق، رڳو پيڪيجنگ ۽ مصنوعات ٺاهڻ واري شعبي ۾ 5.4 ملين ماڻهو سڌيءَ ريت ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هي تعداد 7 ملين کان به وڌي وڃي ٿو.چين، ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ هي صنعت نه رڳو اقتصادي ڍانچي جو اهم حصو آهي، پر ان سان ڳنڍيل هزارين ننڍا ڪاروبار ۽ غير رسمي شعبي جي ڪارڪنن لاءِ به جيئڻ جو ذريعو مهيا ڪري ٿي. ان لحاظ سان، ترقي پذير ملڪن لاءِ پلاسٽڪ جي صنعت هڪ نفع بخش پر تضادن سان ڀريل حقيقت بڻجي وئي آهي، جيڪا هڪ پاسي ماحول کي تباهه ڪري ٿي ته ٻي پاسي انساني زندگي کي قائم رکڻ لاءِ روزگار به مهيا ڪري ٿي چين ۾ پلاسٽڪ جي صنعت سان پنج ملين کان وڌيڪ ماڻهو روزگار سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ چار لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌي يا اڻسڌي نموني سان هن شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ، ڀارت ۾ ئي 50 لک کان مٿي ماڻهو ڪچرو گڏ ڪرڻ ۽ ري سائيڪلنگ جي عمل سان وابسته آهن. بنگلاديش ۾ به پلاسٽڪ جي صنعت 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آهي.
اهي انگ اکر ان ڳالهه جو پورو ثبوت مهيا ڪن ٿا ته پلاسٽڪ جي صنعت خاص طور ترقي پذير ملڪن جي معيشت ۽ روزگار لاءِ هڪ اهم بنياد آهي. تنهن ڪري، جڏهن به پلاسٽڪ جي گندلاڻ خلاف قدم کنيا وڃن، تڏهن ماحولياتي تحفظ سان گڏوگڏ معاشي حقيقتن کي پڻ ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.گندلاڻ جي خلاف هلندڙ عالمي جنگ ۾ صرف ماحولياتي نقطه نظر کي سامهون رکڻ ناڪافي آهي. ان سان گڏ اهو به ڏسڻو پوندو ته ان جا سماجي ۽ معاشي اثر ڪيترا شديد ٿي سگهن ٿا. ترقي پذير ملڪن ۾ جتي پهريان ئي بيروزگاري ۽ غربت پکڙيل آهي، جيڪڏهن پلاسٽڪ تي اوچتو ۽ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي ته لکين ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا، ننڍا ڪاروبار بند ٿي سگهن ٿا، سيڙپڪارن جا اربين رپيا خطري ۾ پئجي سگهن ٿا ۽ معاشري ۾ بيچيني ۽ غربت جو واڌارو ٿي سگهي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ گهرج آهي ته پلاسٽڪ گدلاڻ جي روڪٿام لاءِ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، جيڪا ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائي پر ساڳئي وقت روزگار، معيشت ۽ معاشي استحڪام تي به مثبت اثر ڇڏي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 3.3 ملين ٽن پلاسٽڪ فضلو پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته 55 ارب کان وڌيڪ پلاسٽڪ جون ٻوريون استعمال ٿين ٿيون. هتي پلاسٽڪ جي صنعت 16 کان 18 لک ماڻهن جي روزگار سان سڌيءَ ريت وابسته آهي، جن ۾ ڪارخاني مزدور، دڪاندار، پيڪيجنگ عملي، ٽرانسپورٽرس ۽ ري سائيڪلنگ سان لاڳاپيل پورهيت شامل آهن.
هي صنعت جتي هڪ طرف اربين رپين جي سيڙپڪاري جو مرڪز بڻيل آهي، اتي ٻي طرف ملڪ جي معيشت لاءِ به هڪ اهم سهارو آهي. جيڪڏهن ان صنعت تي اوچتو ۽ بي رٿابنديءَ سان پابندي لڳائي وئي ته نه صرف هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا، پر قومي معيشت به هڪ وڏو ڌچڪو لڳي سگهي ٿي.اهڙي صورتحال ۾، فوري پابندي بدران هڪ متوازن دانشمندانه پاليسي اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اسان کي اهڙي حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا هڪ طرف پلاسٽڪ گندلاڻ جهڙي سنگين ماحولياتي مسئلي تي ڪنٽرول آڻي ته ٻي طرف لکين ماڻهن کي بيروزگاري جي دوزخ ۾ اڇلائڻ کان بچائي پلاسٽڪ گندلاڻ تي مؤثر طريقي سان ضابطو آڻڻ لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن:
بايو ڊيگريڊيبل متبادل شين جي تياري ۽ انهن جي واڌاري لاءِ رٿابندي، پلاسٽڪ صنعت سان لاڳاپيل مزدورن ۽ ڪارڪنن کي نئين مهارتن جي تربيت مهيا ڪرڻ، گرين انڊسٽريز ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ، غير رسمي طور ڪم ڪندڙ ڪچرو گڏ ڪندڙن کي باقاعده معاشي نظام جو حصو بڻائڻ.دنيا جا ڪيترائي ملڪ، جيئن روانڊا، ڪينيا، ڪولمبيا ۽ يورپ اڳيان آهن، جتي پاليسي سازي، قانون سازي ۽ سختيءَ سان عملدرآمد ذريعي نه فقط پلاسٽڪ جي گندلاڻ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو، پر متبادل روزگار جا موقعا به فراهم ڪيا ويا.هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسين ترقي ۽ ماحول کي هڪٻئي جا دشمن نه سمجهون، بلڪه هڪ اهڙو ماڊل اختيار ڪريون جيڪو پائيدار، منصفاڻو ۽ انساني فلاح تي ٻڌل هجي. اسان کي ان ڳالهه جو عزم ڪرڻو پوندو ته ڌرتيءَ کي محفوظ رکندي، انسانيت کي به ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌائينداسين.