ايران جي جنگ جلد ختم ٿيڻ جو امڪان ناهي

تحرير: سيد مجاھد علي

سخت تباهي جي باوجود ايران خلاف آمريڪي جنگ جو جلد ختم ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. آمريڪا جي وزيرِ توانائي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جنگ شايد ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي وڃي. بهرحال اهو واضح آهي ته ٻنهي ڌرين طرفان جنگ جاري رکڻ جي اعلانن باوجود آمريڪا ۽ ايران هن جنگ بابت مختلف وقتي منصوبا ٺاهي رهيا آهن. آمريڪا کي اميد آهي ته جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ نه ته ڪجهه هفتن اندر جنگ ختم ٿي سگهي ٿي. آمريڪا جو خيال آهي ته هو پنهنجي فضائي برتري، هٿيارن جي وڏن ذخيرن ۽ تباهه ڪندڙ هٿيارن جي ذريعي تهران کي آخرڪار شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. اها صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خواهش به آهي

 ٻئي طرف ايران جي ڪيترن ئي اڳواڻن واضح ڪيو آهي ته ايران ڊگهي جنگ لاءِ اڳواٽ تياري ڪري چڪو آهي ۽ هو هن تڪرار ۾ جارح نه پر صرف پنهنجي دفاع ۾ جنگ وڙهي رهيو آهي. جيڪڏهن ايراني دعويٰ درست آهي ۽ ايران وٽ ان تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت به موجود آهي ته پوءِ جنگ جي ڊگهي ٿيڻ سان آمريڪا جون مشڪلاتون ۽ عالمي معيشت لاءِ خطرا وڌندا. تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب دنيا ڀر ۾ استعمال جي شين جون قيمتون وڌنديون ۽ انهن جي فراهمي به ڏکي ٿي ويندي. اهڙي صورتحال ۾ صرف ايران جا ماڻهو متاثر نه ٿيندا، پر آمريڪا جي عوام لاءِ به گهرن جو خرچ سنڀالڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو. آمريڪي اختياريون پنهنجي عوام ۽ عالمي معاشي ادارن کي اهو چئي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ حيران ڪندڙ حد تائين گهٽتائي ٿيندي ۽ معيشت تيزي سان سڌري ويندي. پر هن سوال جو جواب ڪنهن وٽ به موجود ناهي ته هي جنگ آخر ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.

گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زور ڏئي چيو ته ايران آمريڪا سان ڪو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر ان جون شرطون مون لاءِ قابل قبول ناهن. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي هن تاثر کي غلط قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته ايران نه جنگ بندي جي درخواست ڪئي آهي ۽ نه ئي آمريڪا سان ڳالهين جو ڪو سبب موجود آهي. آمريڪا ناجائز طور ايران تي جنگ مسلط ڪئي آهي. اهو حملو انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڳالهين دوران ڪيو ويو. تنهن ڪري ايران لاءِ آمريڪا سان ڳالهائڻ جي ڪا وجهه ناهي. اسان تي حملو ڪيو ويو آهي ۽ اسان پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون، ۽ اهو دفاع ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان تي ناجائز حملا بند نه ٿيندا. ٻنهي ڌرين جي اهڙن متضاد دعوائن سبب فوري جنگ بندي جو امڪان نظر نٿو اچي. پر هر گذرندڙ ڏينهن سان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا وڌيڪ خطرناڪ ۽ پريشان ڪندڙ ٿي سگهن ٿا. ان جي باوجود تهران جي حڪومت ۽ پاسدارانِ انقلاب کي ان جي گهڻي پرواهه نظر نٿي اچي. هو ڪمزور نظر اچي جنگ بندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ايراني پرڏيهي وزير اهو تاثر به رد ڪيو آهي ته ايراني حڪومت صرف پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪمزور ناهي ۽ مڪمل طور فعال آهي. سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي صحتمند آهن ۽ پنهنجي ذميوارين کي چست نموني سان نڀائي رهيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ جاري ٿيل بيان مان نئين قيادت جي سخت ۽ جارحانه موقف جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون شرطون پيش ڪري رهيا آهن، جن ۾ جنگي تاوان ۽ مستقبل ۾ ايران تي حملو نه ڪرڻ جي ضمانت شامل آهي. البت اهو واضح ناهي ته دنيا ۾ ڪهڙو ملڪ يا ادارو اهڙي ضمانت ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

غزه کان پوءِ ايران تي مسلط ڪيل جنگ مان ظاهر ٿيو آهي ته گڏيل قومن هاڻي غير مؤثر ۽ ڪمزور ٿي چڪي آهي. يورپي اتحادي ملڪ آمريڪا سان اختلاف رکڻ باوجود الڳ رستو اختيار ڪرڻ جي همت نٿا رکن. ساڳئي وقت  چين  لڳاتار خاموشي اختيار ڪري رکيو آهي، جيڪو آمريڪا کان پوءِ دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي. ان مان لڳي ٿو ته چين هر حالت ۾ ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجڻ واري پاليسي تي قائم آهي.

آمريڪا وٽ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي طور ٻه آپشن موجود آهن. هڪ اهو ته ڪنهن طريقي سان تهران ۾ حڪومت تبديل ڪرائي وڃي ۽ نئين حڪومت پراڻي پاليسين کي رد ڪندي آمريڪا سان دوستي جو هٿ وڌائي. پر هن امڪان جا آثار گهٽ نظر اچن ٿا. آمريڪا وٽ فوجي طاقت آهي ته هو ايران تي حملي ذريعي حڪومت ختم ڪرائي سگهي، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جارحانه بيانن باوجود آمريڪي فوج کي ڊگهي جنگ ۾ ڦاسائڻ جو حوصلو شايد نه ڪري سگهي. البت هو وڌيڪ تباهه ڪندڙ هٿيارن جي استعمال جو حڪم ڏئي سگهي ٿو ته جيئن ايراني عوام جون تڪليفون وڌن ۽ حڪومت کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پون. اهڙي حڪمت عملي ڪنهن حد تائين اڳ ئي اختيار ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن ايراني ٻيٽ خارگ تي حملا ان جو مثال آهن. پر ايران ان جي جواب ۾ متحده عرب امارات ۾ تيل جي تنصيبات کي نشانو بڻايو. آمريڪا لاءِ اهو چوڻ آسان ٿي سگهي ٿو ته ايران جي تيل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت تباهه ڪري حڪومت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پر اهڙي عمل سان نه رڳو ايران پر پاڙيسري عرب ملڪن ۾ به وڏي تباهي جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. واشنگٽن لاءِ پنهنجي عرب اتحادي ملڪن جي مفادن ۽ عالمي معيشت کي خطري ۾ وجهڻ آسان نه هوندو.

صدر ٽرمپ وٽ ٻيو آپشن اهو ٿي سگهي ٿو، جنهن ڏانهن سندس ويجهي صلاحڪار David Sacks اشارو ڪيو هو، ته آمريڪا فتح جو اعلان ڪري جنگ ختم ڪري ڇڏي. پر اهڙي صورت ۾ صدر ٽرمپ جي سياسي حيثيت متاثر ٿي سگهي ٿي. ايران جي قيادت جي موجودگي ۾ هڪ طرفي ڪاميابي جو اعلان دراصل پسپائي سمجهيو ويندو. ٻئي طرف ايران وٽ اختيار گهڻا ناهن، پر هو جنگ کي ڊگهو ڪري آمريڪا جا خرچ وڌائي سگهي ٿو ۽ صدر ٽرمپ جي سياسي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. ايراني اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انهن وٽ ميزائلن جو وڏو ذخيرو موجود آهي ۽ مقامي سطح تي ميزائل ٺاهڻ جو ڪم به جاري آهي. آمريڪي فوجي ترجمانن جي بيانن مطابق ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي صلاحيت 90 سيڪڙو تائين گهٽجي چڪي آهي. جيڪڏهن اهو سچ هجي ته ايران ڪجهه ڏينهن ۾ ميزائل يا ڊرون موڪلڻ جي قابل نه رهندو، پر عملي طور تي اهڙا آثار نظر نٿا اچن. ممڪن آهي ته ايران متبادل حڪمت عملي طور اسرائيل يا آمريڪي بحريه بدران خليجي ملڪن ۾ نرم هدفن تي حملا ڪري. ان سان انهن ملڪن جي معيشت متاثر ٿيندي ۽ اهي آمريڪا تي جنگ بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي سگهن ٿا. پر اهڙي صورتحال ۾ ڊگهي ۽ خطرناڪ علائقائي تڪرار جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.

آمريڪا لاءِ هن وقت جنگ کٽڻ سان گڏ آبنائي هرمز جي سامونڊي لنگهه کي کليل رکڻ به اهم چئلينج بڻيل آهي. صدر ٽرمپ اڳ چيو هو ته ايران هن سامونڊي رستي کي بند نٿو ڪري سگهي ۽ آمريڪي بحريه واپاري جهازن کي حفاظت سان اتان گذرڻ جو رستو ڏيندي. پر هاڻي لڳي ٿو ته آمريڪي بحريه شايد فوري طور اهو ڪم ڪرڻ جي قابل نه هجي. ٽرمپ چين ۽ ٻين اتحادي ملڪن کي به هن آبي رستي کي کليل رکڻ لاءِ اڳتي اچڻ جو چيو آهي، پر اڃا تائين ڪنهن ملڪ به واضح طور مثبت جواب ناهي ڏنو. هن وقت لڳ ڀڳ هزار جهاز آبنائي هرمز مان گذرڻ جا منتظر آهن. ايران اعلان ڪيو آهي ته جيڪي ملڪ هن تڪرار ۾ آمريڪا جا اتحادي ناهن، انهن جا جهاز گذري سگهن ٿا، پر آمريڪا يا ان جي اتحادي ملڪن جا جهاز نه.آبنائي هرمز بند رهڻ سان تيل جي قيمتون وڌنديون ۽ عالمي معيشت غير يقيني ۽ بحران جي حالت ۾ رهندي. هن پس منظر ۾ ايران خلاف آمريڪي جنگ جلد ختم ٿيڻ جو امڪان نظر نٿو اچي. جنگ جاري رکڻ تي زور ڏيندڙ ڌريون جنگ جي اثرن ۽ خطري بابت هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف راءِ رکن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.