مون کي ٿورو وڌيڪ جيئڻ جي مُهلت ڏيو

تحرير: امر جليل

ڪجهه ڏينھن کان بلڪھ ڪجھه راتين کان مان عجيب  و غريب خواب ڏسي رھيو آهيان. مون کي جملي کي درست ڪرڻ جي اجازرت ڏيو. منهنجا سڀئي خواب ساڳي ئي نوعيت جا ھوندا آهن.  پنھنجي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ منهنجا خواب  عجيب گهٽ ۽ غريب وڌيڪ ھوندا آهن. اهڙي نوعيت جا خواب گهڻو ڪري غريب ماڻهو ڏسندا آهن. ڪجهه خواب حالتن جي ھٿان ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿيڻ بعد وکري ويندا  آهن. ان کان پوءِ، خواب ڏسندڙ صدين تائين وري ڪڏھن  اهڙو امير خواب نٿا ڏسن. ڌيءَ ۽ پٽ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ، اهي ماڻھون خواب ۾ پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ کي ڊاڪٽر ڏسڻ چاهيندا آھن.  پنهنجي خواب جي سونهري تعبير ڏسڻ لاءِ ڏينهن رات محنت مزدوري ڪندا آھن، پر اهي ماڻھون هڪ ٻار جي سالياني في ارڙھن  18 لک رپيا  نٿا ڏئي سگهن. ٻن ٻارن جي سالياني 36 لک رپين جي في والدين کي چريو ڪري ڇڏي ٿي. هڪ اداري جي ڇنڊڇاڻ بعد پتو پيو  ته پاگل خانن ۾ گهڻو تعداد  اهڙن مائٽن جو ھوندو، جيڪي ھڪ ٻار کي ڊاڪٽر ڏسڻ لاءِ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آھن، پر هڪ ٻار جي سالياني ارڙھن لک رپيا في ڏيڻ جي قابل نٿا رھن. اهي پنهنجي عقل سليم، ھوش ۽ سمجھداري وڃائي وھيندا آهن. ايتري قدر ڳري في جو سبب ٻڌائڻ بدران وقت جي حڪومت  انهن کي پاگل خاني  موڪلي ڇڏيندي آھي.پاگل خاني پهچڻ کان پوءِ، انهن کي اصل حقيقت سمجهڻ ۾ دير نه آھي لڳندي.ويھھ،ٻاويھھ گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازم بھ  ڌيءَ ۽ پٽ کي ڊاڪٽر نٿا بڻائي سگهن. ويھھ ٻاويھھ گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر ھڪ ٻار جي سالياني في ارڙھن  لک رپيا نٿو ڏئي سگهي. ان لاءِ آفيسر کي ڪجهه ٻئي قسم جا پاپڙ ويلڻا پوندا آهن.مائٽن کي  اڄ تائين سرڪار  جي ڪارندي آگاھ ناھي ڪيو تھ ارڙھن لک في ڏيندڙ شاگرد کي طبي تعليم ڏيندڙ پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جي پگهار  ڪيتري ھوندي آهي ؟ جيڪا ھڪ شاگرد جي سرڪاري في جي مطابق ھجڻ گھرجي.ڪو تھ سبب آھي جو منھنجا ڀائرو ،ڀينرو جو، ھڪ ڪنسلٽنٽ مريض پنج منٽن جي مشوري ڪرڻ بعد مريض کان گھٽ ۾ گھٽ پنج ھزار کان ڏھھ ھزار رپيا في وصول ڪرري ٿو.ارڙھن لک رپيا سالياني في ڏئي ڪري طبي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد جو حق بڻجي ٿو تھ ڊاڪٽر بڻجڻ بعد اھو مريض کان پنج منٽن جي چڪاس جا پنج کان ڏھھ ھزار رپيا في وصول ڪري. نھ تھ ميڊيڪل جي تعليم تي ايندڙ خرچ سبب قرضي ٿيل مائٽ آساني سان يا ڏکيائي سان بھ قرض لاھي نٿا سگھن.

پر منھنجو ڪھڙو ڪم طبي ۽ انجنيئرنگ جي تعليم سان.  مان توهان کي ٻڌائي چڪو آھيان ته منهنجا صرف وار آهن.ٻچا نھ آھن. واٽ تان ڀٽڪي ويندو آھيان، اھا منهنجي پراڻي عادت آهي. ڪڏهن ڪڏهن تھ ايترو خراب طريقي سان  ڀٽڪي ويندو آھيان جو وري ڪڏھن درست رخ ڏانهن موٽندو نھ آھيان.اھا پنھنجي پنهنجي نصيب جي ڳالھھ  آهي.

مان توهان سان پنهنجي عجيب و غريب خواب جون ڳالهيون ڪري رهيو هوس. ھڪ عرصي کان ساڳئي قسم جو خواب ڏسي رهيو آهيان. لاهور ۽ ڪراچي ۾ خوابن جي تعبير ڪندڙ توجھه ڏين. هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي ڇڏيان تھ منهنجو خواب مون کي غريب گهٽ ۽ عجيب وڌيڪ لڳي ٿو.منظرنگاري جي وضع قطع سان نٿو لڳي تھ ھڪ  وائڙو ردي پوڙھو خواب ڏسي رهيو آهي. منظر ھوبھو مغل اعظم فلم جو آھي هڪ دلڪش سيٽ ڏسجي ٿو. تعجب مون کي تڏھن ٿيو جڏهن  اتي مونکي مڌوبالا  ڏسڻ ۾ نٿي اچي.بيحد حيران تڏھن ٿيس، جڏهن مان پاڻ کي ھڪ دلفريب منظرن جي عڪس ۾ ڏسان ٿو. مان اڪيلو ناهيان ھوندو.بندري قد جي ھڪ شبيھه مون کي نظر اچي ٿي.شڪل صورت مان پتو نٿو پئي تھ شبيھه عورت جي آھي يا ڪنھن مرد جي آھي. روشني جو غير معمولي هالو ان شبيھ جي چوڌاري ڇانيل ھوندو آهي. مان ان کي ٺيڪ طرح ڏسي نه ٿو سگهان. ان کي ڏسي، مون کي حيرت ٿئي ٿي ۽ اڄاتل خوف بھ محسوس ٿئي ٿو.پهريون ڀيرو، مون ان کان پڇيو ھو "ڪير آهين تون، ۽ ڇا چاهين ٿو؟”

ھن جواب ۾ چيو  "مان توکي وٺڻ آيو آهيان.”

پنهنجي وجود ۾ هڪ عجيب وحشت محسوس ڪئي ھئي مون. دنيا ۾ جھڳي ھڻندي مون کي نوي سال ٿيڻ تي آھن.

 گهڻو ڪجهه ڏسي ورتو آهي. جيڪو نھ ڏٺو آھي ان جو  افسوس آهي. دنيا ڪڏهن مون کي سٺي لڳي ٿي، ڪڏهن بري لڳي ٿي. ڪڏهن لڳي ٿو، هي پنهنجو جھان آهي. ڪڏهن لڳي ٿو ھي پراي جھان  آهي،ڪڏهن  لڳي ٿو ھي نوي سال اک ڇنڀيندي گذري ويا آهن. ڪڏهن  لڳي ٿو ته مون هن دنيا ۾ نوي سال نه پر نوي صديون گذاري ڇڏيون آهن. جيڪو مون کي  چوڻو آهي، سو مون  اڃان چيو نھ آھي. مون جيڪو چيو آهي اهو مڪمل نه آهي. ان ۾ ترميم ٿيڻ گھرجي. مان چپ آهيان. مان گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. پر ڊڄان ٿو. مان خوف ۾ ورتل آھيان. جيترا واعدا اظهار جي آزادي  جا ڪيا وڃن ٿا،اھي سڀ واعدا غلط نڪرن ٿا. ڪجهه چوڻ کان پوءِ، توهان کي گم ڪيو ويندو آهي. توهان کي پنهنجو نشان به نه ملندو آھي.ملڪ الموت توھان جي ڳولا ۾ هن دنيا ۾ اچي ٿو، پر مايوس موٽي ٿو وڃي.اهو توهان کي نه ڳولي نٿو سگهي. ڳولا ھون بھ ان کي آھي جيڪو  گم يا لاپتا ٿي ويندو آھي.وات مان منع ڪيل  ڳالھھ کي اظهار جي آزادي ڏيکارڻ کان پوءِ، توهان غائب ڪيا وڃو ٿا. ان کان پوءِ، توھان ملڪ الموت کي بھ نٿا ملو.

بندرڙي شخصيت وارو ماڻهو مون کي ملڪ الموت  لڳي ٿو. پر مان في الحال مرڻ نٿو چاھيان. مون ملڪ الموت  کي چيو ته، سرڪار مان في الحال  مرڻ نٿو چاهيان. بار بار ووٽ ڏئي ڪري هڪ شاندار شخص کي پاڪستان جو مستقل تا عمر پاڪستان جو پريزيڊنٽ ڏسڻ چاھيان ٿو. مون وڌيڪ ڪجھھ جيئڻ جي مھلت ڏيو.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.