ڪيئي سال اڳ تاج بلوچ صاحب هڪ شعر لکيو هو،
ويٺي ويٺي جو تنهنجو پُور پيو
منهنجي دل ۾ بلا جو سور پيو.
تاج صاحب دل جي تڪليف سبب ئي اسان کان اوچتو موڪلائي هليو ويو هو،
آئون ماضي ڏانهن موٽان ٿو:
تاج بلوچ صاحب 25 مئي 1942ع تي پني عاقل جي ڪوٽ بلا ۾ تر جي چڱي مڙس نور محمد جي گهر ۾ ڄائو. سنڌي ادب، صحافت ۽ شاعريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي اهم اڌ صدي ڏيندڙ تاج بلوچ ٻاراڻي وهيءَ ۾ “ٽپيڪل ٻروچڪو ۽ وڏيرڪو ٻار ٿي رهيو. ون يونٽ وارو دور سندس جوڀن ۽ جواني جو دور هو، ۽ جوانيءَ ۾ فرد جو سمورو وجود سراپا سرڪش هوندو آهي، هن به سرڪشي ڪئي، سرڪشي به ڪا اهڙي تهڙي، مائٽن اسڪول وڃڻ لاءِ کيس ڀلو گهوڙو ڏنو ۽ هو پنهنجا سڀ هم ڪلاسي ان گهوڙي تي کڻي پيو ڪڏهن هتان وڃي ته ڪڏهن هتان وڃي. پل ۾ ئي ڀلي تازي گهوڙي کي ‘ڊڊي’ ڪري ڇڏيائين. ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ ٻاري ڏنائين، وڏيرڪو ٻار، پنهنجي تي اچي ته چڱن ڀلن سان نه ڳالهائي وري جي اڃان پنهنجي تي اچي ته ڀيلن، باگڙين جي ٻارن سان کجين جي باغن ۾ نوريئڙا ۽ ڳوهون ڊوڙائيندو ۽ ماريندو وتي، گگدامن جو رت ڏسي ته ڏسي نه سگهي اتان بان ڪري اٿي ته وري وڃي اوڏن جي ٻارن سان ويٺو مٽيءَ جا جانور ٺاهي ۽ ڊاهي. ڪٿي ٻروچڪي رڳ تي اچي ته ڪٿان پاڻ ڦٽيو اچي يا وري ڪنهن کي ڦٽيو اچي، بلڪل والٽيئر وانگر، جيڪو الائي ڪيترا ڀيرا مارون ۽ موچڙا کائي ۽ هڻي وڏو ٿيو ۽ جي وڏو ٿيو ته اهڙو جو هن جي جنازي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪوئي سوچي به نه پئي سگهيو ته اهو اهو ئي والٽيئر آهي جيڪو چوندو هو “هر وقت جي سنجيدگي به عذاب آهي، ماڻهو ڪجهه ڪجهه هلڪڙو به ٿئي.” سو تاج بلوچ به ڪوٽ بلا ۾ جهڙو ڪر رڻ ٻاري ڏنو. مائٽن ميئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ داخلا ڪرايس. هو ويچارا خوش ته پٽ اجهو ٿو “ايمي” چڙهي ۽ هيءَ يار وري مائٽن کان مليل ڏوڪڙ پنجڙ پئسا کڻي فلمي هيرو ٿيڻ جي شوق ۾ لاهور هليو ويو. “شايد لاهور ڄمڻ ويو هو، جو کيس ڪنهن چيو هو، جنهن لاهور جو شهر ناهي ڏٺو اهو ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونهي.” هيءُ يار اتي ڄميو الائي ڪونه پر اتان جي سوڙهين گهٽين جا چڪر ڪاٽي سڀ پئساکپائي ويٺو، اتي ڪو اهڙو ڪنڀر به ڪونه هو جو هيءُ همراهه ان جا ٿانو کپائي پنهنجي سهڻي جو منهن ڏسي، سو نامراد شهر مان نامراد موٽي اچي ڪراچي وسايائين. ڪراچي اهڙي وسايائين جو “ڳوٺ مان نڪتل ڳڀرو ڇوڪرو ڄڻ ته هتي گم ٿي ويو”. ڪجهه پڙهيو، ڪجهه ڪڙهيو، پر شڪر جو شاعر ٿي پيو. شاعر به اهڙو تهڙو، الائي ته ڪهڙا ڪهڙا مشاعرا لٽيائين، داد ماڻيائين، دادلو ٿي ويو، ڏنگو ته اصل کان هو، ويتر ڏنگو ٿي پيو. هڻي چڱن ڀلن انشا پردازن ۽ ڪهنه مشق شاعرن جا کنڌا کڻي ڇڏيائين. “اصيل شاعر” مٿس ڪاوڙيا! پر هن کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه هيءُ ته “پنهنجي گهران پيو کائي”، ٻه ٻه ٽي ٽي نوڪريون ٿي ڪيائين، ريڊيو ڌار، ٽي وي ڌار، اخباري صحافت الڳ، ناڻي کاتي ۾ “ٽريزري آفيسري” الڳ!
تاج بلوچ ڪير سڏائي؟
جي اَٿئِي سَڌ سُرڪ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَڪي هَٽِ،
لاهي رک لطيفُ چئي، مَٿو ماٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيج ڪي پِياليون.
هن سُرڪ جي سڌ ڪئي، ڪلاڙڪي هٽ به ويو، ماٽيءَ وٽ مٿو به ٽيڪيائين ته پياليون به پيتائين! سندس ڪتابن ۾: درد جو صحرا، خوشبوءِ جو زهر، لفظن جو ماتم، دل جزيرو اداس سپنن جو، چچريون چچريون خواب (ڪُليات)، سندس شاعريءَ جو لطيف نوناري پاران ڪيل انگريزي ترجمو (گريف ان ٽيٽرس)، جديد ادب جو تجزيو شامل آهن. هو شروع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو. بلڪه ادبي سنگت جي ڏکئي وقت ۾ به ثابت قدم رهيو.
تاج بلوچ صاحب بنيادي طور تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ “سنڌ جو نوحه گر” محسوس ٿيندو آهي. سندس نظم “طويل نظم جو ڪئنواس” ڪو هڪ نظم ناهي بلڪه هن دور جو ڪيڏارو آهي، جيڪو تاج بلوچ لکيو آهي. اهو ڪيڏارو جنهن ۾ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪردار سان چٽو ٿيندي نظر اچي ٿو، مظلوم؛ مظلوم آهي، ظالم؛ ظالم آهي. ڦورو؛ ڦورو آهي، مسڪين جي ماڻڪين ۾ لڪل درد جي ڪٿا ڌار آهي. “شهرن مان کڄندڙ لاشن” جو نوحو الڳ آهي. بيشڪ تاج بلوچ هن عهد جو وڏو شاعر آهي، جنهن وٽ زندگي هڪ نئين معنيٰ سان آهي، عشق جو استعارو الڳ آهي، معصومن جو درد ٻي معنيٰ کڻي بيٺل نظر اچي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هو پر اميد آهي، هو اونداهي رات جو سفر ڪري چڪو آهي، کيس سوجهري ۾ يقين ۽ پڪو ويساھ آهي، هو لکي ٿو.
سوجهرو ڏاڍو سگهارو آهي
هاڻ سفاڪ نگاهن جا اشارا پڙهبا
هاڻ بي نوريءَ جي چرپر تي ڪي پهرا هوندا
عڪس اوجهل نه اکين کان ٿيندا
ڪين ٻاڪاريندي ڪٺل ڪائي هتي.
سوجهري جو سفير تاج بلوچ صاحب جسماني طور ته اسان کان پري هليو ويو آهي پر اسان جي محفلن ۾ هميشه سندس ذڪر شامل هوندو آهي ۽ لڳندو آهي ته هو اسان سان گڏ آهي.
تاج بلوچ صاحب بنيادي طور تي رومانوي ۽ ترقي پسند شاعر آهي. هو پنهنجن شعرن ۾ “سنڌ جو نوحه گر” محسوس ٿيندو آهي. سندس نظم “طويل نظم جو ڪئنواس” ڪو هڪ نظم ناهي بلڪه هن دور جو ڪيڏارو آهي، جيڪو تاج بلوچ لکيو آهي. اهو ڪيڏارو جنهن ۾ هر فرد پنهنجي پنهنجي ڪردار سان چٽو ٿيندي نظر اچي ٿو، مظلوم؛ مظلوم آهي، ظالم؛ ظالم آهي. ڦورو؛ ڦورو آهي، مسڪين جي ماڻڪين ۾ لڪل درد جي ڪٿا ڌار آهي.