عرفان لغاري جي شهادت ۽ زميني حقيقتون

تحرير: سيد يوسف شاهه

سنڌو درياهه جي شھيد عرفان لغاريءَ جو مڙهه جنھن کي عدالت جي حڪمن تحت قبر ڪشائي ڪري اڱاري ڏينھن ڳوٺ بجراڻي لغاري پھچائي وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن کي ٻئي ڏينھن ھزارين ڪانڌين جي شرڪت سان سندن اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پر اھي منظر اڄ به سنڌي قوم جي ھر فرد جي اکين آڏو ڦرن پيا، جڏھن ھزارن جي تعداد ۾ مختلف ضلعن جي پوليس، سادن ڪپڙن ۾ نقاب ۽ ماسڪ پاتل ھٿياربند ماڻھن سان گڏ ھلندڙ پوسٽ مارٽم دوران مردھ خاني جا دروازا ڀڃي اندر داخل ٿي، شھيد جي مڙهه کي ٽنگن ۽ ٻانھن کان گهيليندي کڻي ويئي ھئي. پوليس پاران شھيد جي مڙهه کي لاڳيتو پنھنجي قبضي ۾ رکڻ کان پوءِ عدالتي حڪم ڄاڻائيندي پوليس جي سخت پھري ۾ موري لڳ ڳوٺ ماڙي ٻگهيو جي قبرستان ۾ لاوارث قرار ڏيندي دفنائي قبرستان کي به پوليس گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ شھيد جي قبر به وارثن کي نه پئي ڏيکاري ويئي. عدالتي حڪم جي غلط تشريح ڪرڻ تي  عدالت پاران ايس ايس پي نو شھروفيروز بشير احمد بروھيءَ کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته عدالت مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ کان سواءِ دفنائڻ جو اختيار ئي نه ڏنو ھو.

ان دوران سول اسپتال جي ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر عبدلحميد مغل جي صحيح سان جاري ٿيل پوسٽ مارٽم رپورٽ به سامھون اچي ويئي، جنھن مطابق شھيد عرفان لغاريءَ جو موت منھن ۾ گولي لڳڻ سبب ٿيو. رپورٽ موجب مقتول کي ھڪ گولي ڄنگهه ۽ ھڪ گولي منھن ۾ لڳل ھئي، جيڪا کوپڙيءَ ۾ ڦاٿل ھئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ لکيو ويو آھي ته فوتيءَ جي پيرن، چھري، ڄاڙيءَ ۽ پيشانيءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي تي تشدد جا نشان ھئا. مٿي ۾ سطحي زخم ھئا، کاٻي پير ۽ کاٻي ڄنگهه تي پڻ زخمن جا نشان ھئا. اھا رپورٽ مورو سانحي ۾ پوليس گرديءَ کي وائکو ڪندي اھو ثابت ڪري ٿي ته شھيد عرفان لغاريءَ کي تشدد ڪري شھيد ڪيو ويو آھي ۽ ان شڪ کي پڻ پختو ڪري ٿي ته گرفتاريءَ وقت شھيد کي معمولي زخم رسيا ھوندا يا وڌ ۾ وڌ ڄنگهه ۾ گولي لڳي ھوندي ۽ پوءِ پوليس حراست ۾ شھيد عرفان لغاريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس منھن ۾ گولي ھنئي ھوندي جيڪا سندس شھادت جو سبب بڻي.

وري حڪمرانن پاران پوليس آفيسرن تي ٻڌل انڪوائري ڪميٽي جوڙي ويئي آھي، جنھن پوليس سڌيون گوليون ھلائي، پرامن احتجاج ڪندڙ ھٿين خالي ٻن قومي ڪارڪنن کي قتل ڪيو، ڪيترن ئي نوجوانن کي زخمي ڪري گم ڪري ڇڏيو، ھڪ قومي ڪارڪن دلبر لغاريءَ جي ڄنگهه مان چئن ڏينھن تائين نواب شاهه اسپتال جي ڊاڪٽرن کي گولي ڪڍڻ کان روڪيو ويو۽ پوءِ ھن کي ڪراچي آندو ويو جتي ھو اڃا تائين علاج ھيٺ آھي. جنھن پوليس شھيد عرفان لغاريءَ جي يارھن سالن جي ننڊي ڀاءُ فرمان علي لغاريءَ سميت اٽڪل 80 ماڻھن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ اڄ تائين عدالت ۾ پيش نه ڪيو، جنھن پوليس شھيد زاھد لغاريءَ جي لاش مٿان بڪتر بند گاڏين ۽ سوين پوليس گاڏين سان چڙھائي ڪري، ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا شيل اڇلائي، شھيد جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي. جيڪا پوليس اٺن ڏينھن کان لاڳيتو موري ۾ امن پسند ۽ پورھيت لغارين جي ڳوٺ جي چوڌاري گهيرو ھڻي ويٺي آھي. ڇا ان ساڳي پوليس مان انصاف جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي انصاف پسند ججن تي مشتمل جوڊيشري ڪميشن جوڙڻ کان حڪمران خوفزده  ڇو آھن؟ جڏھن ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان به مورو واقعي جي شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪري چڪي آھي.

. تازو سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ حقيقتن کي منجهائيندي چيو ته پوليس وٽ ڪوبه باهه ٻاريندڙ ھٿيار نه ھو صرف ڏنڊا ھئا جڏھن ته نه فقط پوليس پر ان سان گڏ سرڪاري تحفظ ھيٺ خانگي ھٿيار بند ٽولا کلئي عام پرامن مظاھرو ڪندڙن تي گوليون وسائيندي نظر اچي رھيا ھئا، ھن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو ته لاش پوليس کڻي ويئي آھي، جيڪڏھن اھو ڪوڙ ھو ته پوءِ شھيد جو مڙهه پوليس جي قبضي ۾ ڪيئن نڪتو، عدالتي فيصلي جي غلط تشريح ڪندي شھيد کي اڻڄاتل ھنڌ ڪنھن دفنايو. ھو ھِن ھُنَ تي الزام مڙھيندي چوي ٿو ته لاش وصول ڪرڻ لاءِ ھنن وارثن ڏانھن پيغام موڪيا پر ھنن لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪڏھن ھو سچو آھي ته پوءِ ٻين جا حوالا ڏيئي منجهائڻ بدران واقعي کان فورن پوءِ ميڊيا ذريعي قوم جي سامھون وارثن کي اھو پيغام ڇونه پھچايو ويو، ايترا ڏينھن مجرماڻي خاموشي ڇو اختيار ڪئي ويئي؟

حقيقت اھا آھي ته سنڌي قوم جي حقن حاصل ڪرڻ واري ھن مثالي پرامن جدوجهد، جنھن کي سموري دنيا اندر ساراھيو ويو، تنھن کان حڪمران پريشان ھئا، کين سندن اقتدار ۽ سياسي وجود جو ٻيڙو ٻڏندي نظر اچي رھيو ھو. تنھنڪري انتھائي وحشياڻي رياستي منصوبي تحت پرامن تحريڪ کي پرتشدد بنائڻ لاءِ سرڪاري سرپرستيءَ ھيٺ خانگي ھٿيار بند ٽولن کي استعمال ڪيو ويو. حڪمرانن کي سنڌ سان محبت ڪندڙ  ھر سنڌي دھشتگرد نظر اچڻ لڳو، انھن کي سنڌ سان پيار ڪندڙ اديب ۽ شاعر به دھشتگرد لڳا ھنن بنا وارنٽ جي نامياري اديب تاج جوئي ۽ قومي شاعر راشد مورائي جي گهرن جو تقدس پائمال ڪندي سندن پٽن کي گرفتار ڪيو. پر ڇا اڄ تائين ڪا رياست پنھنجي طاقت، ڏاڍ ۽ وحشياڻين ڪاررائين سان انقلاب جو رستو روڪي سگهي آھي؟ ڇا عوامي سيلاب آڏو به بند ٻڌجي سگهيا آھن. ڇا ھٿين خالي ماڻھن مٿان رياستي بارود جا منھن کولي ڇڏڻ سان قومن جون ھمتون ۽ جذبا مري سگهيا آھن؟

تاريخ اھو ثابت ڪري ٿي ته ھڪ شھيد جو موت سڄي قوم کي زندگي بخشيندو آھي، سندن ھمتون ۽ حوصلا وڌائيندو آھي. اوھان جي ايڏين وڏين وحشياڻين ڪارروائين باوجود اڄ وڃي بجراڻي لغاري ڳوٺ جي معصوم نياڻين، ڀينرن ۽ مائرن کي ڏسو، اڄ وڃي شھيد عرفان لغاريءَ جي ڀيڻ کان پڇو جيڪا پنھنجي ڀاءُ جي شھادت تي روئڻ بدران فخر ڪندي چوي ٿي ته ھو سنڌو درياهه جا شھيد آھن سندس سمورا ڀائر شھيد ٿي ويا تڏھن به کيس فخر ٿيندو، جتي جون نياڻيون بي خوف ٿي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جا انقلابي بيت جهونگاري رھيون آھن، جتي جون بيواهه عورتون ” ڀڳو آءُ نه چوان ماريو ته وسھان ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُھان“ چئي ظلم ۽ ڏاڍ کي للڪاري رھيون آھن. جتي جون مائرون حضرت علي ع جو اھو قول ورجائيندي نظر اچي رھيون آھن ته ” جيڪڏھن جان تي اچي ته مال ۽ رزق صدقو ڪريو، جيڪڏھن وطن تي اچي ته پنھنجي جان صدقو ڪريو. انھن جذبن ظالم حڪمرانن جي قلعن جون ديوارون لوڏي ڇڏيون آھن. ھي انقلاب ۽ سنڌ جي ھر ظلم کان آجپي جو سنيھو ۽ پيغام آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.