اجرڪ جا ٻھڪندڙ رنگ ۽ سنڌي ٽوپي جي پيچيده ڪاريگري رڳو روايتي لباس نه، پر سنڌو ماٿري جي تهذيب جا جيئرا جاڳندا استعارا آهن. اهي ثقافتي نشان، جيڪي هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ تي پرورش پيا وٺن، هڪ اهڙي سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهن جيڪا اسان جي اجتماعي شعور جي پاڙ آهي. اجرڪ ۽ ٽوپي رڳو سنڌ تائين محدود نه آهن، پر بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب / سرائيڪي پٽيءَ ۾ به پنهنجن مخصوص رنگن ۽ نمونن سان عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ انهن مان هڪ اڻ ٽٽ ثقافتي تسلسل جي خوشبو اچي ٿي، جيڪا اسان جي موجوده قوميت کان به گهڻي پراڻي آهي.ان شاھوڪار تاريخي حقيقت جي باوجود، هي دور هڪ عجيب تضاد جو شڪار آهي: هڪ پاسي ته ثقافتي ورثي تي فخر جا نعرا هنيا وڃن ٿا، ۽ ٻئي پاسي انهن کي رسمي ۽ حڪومتي طور تي اجايو سمجھي پابندين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو.
تازو ئي سنڌ جي تعليم کاتي پاران هڪ حڪم نامو جاري ٿيو جنهن تحت سرڪاري تقريبن ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪرڻ يا ٻارن کي انهن روايتي لباسن ۾ مهمانن کي ڀليڪار چوڻ تي پابندي لڳائي وئي. ان جي سببن جي نيڪ نيتي کي پاسي تي رکندي اھا ڳالھه سمجھڻ گھرجي ته ماڻهن جي اڪثريت ان کي ثقافتي اظهار جي بي قدري سمجهيو. ڪجهه ماڻهن ان قدم کي اهڙي رويي جو تسلسل سمجهيو، جتي ثقافتي نشانيون “ ھڪ جھڙي” بيانئي لاءِ خطرو سمجھيون وڃن ٿيون، يا غلطيءَ سان انهن کي خودمختياريءَ جي اظهار سان ڳنڍيو وڃي ٿو.
هي نقطه نظر هڪ گھري فڪري تجزيي جو طلبگار آهي – خاص ڪري ان پسمنظر ۾ ته سنڌ ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو جديد ملڪي سرحدن کان اڳ ئي هن ڌرتيءَ جا ڪئي جنمن کان حصو رهيا آهن. انهن جا ثقافتي اظهار ڪا بغاوت نه، پر پنهنجن پاڙُن، ورثي، ۽ سڃاڻپ جو اظهار آهن، جيڪي رڳو ثقافت نه پر هڪ وجودي حقيقت جا عڪاس آهن. پاڪستان جا اھي خوبصورت رنگ انڊلٺ جيان گلگت بلتستان کان وٺي ڪارونجھر نگر تائين وکريل آھن۔
تاريخي ۽ سياسي سوچ جي تناظر ۾ به، علائقائي ثقافتن کان حڪومتي بيزاري ڪو نئون يا منفرد معاملو نه آهي. جديد قومي رياستون عام طور تي هڪجهڙائپ ۽ يڪجهتيءَ لاءِ هڪ واحد قومي سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. اهڙيءَ حالت ۾، ننڍين قومي ثقافتن جي اظهار کي ڪڏهن ڪڏهن بدگمانيءَ سان ڏٺو وڃي ٿو، خاص ڪري وفاقي جوڙجڪ رکندڙ ملڪن ۾ جتي مرڪزي اختيار ۽ صوبائي خودمختياريءَ وچ ۾ تڪرار موجود هوندو آهي. پر حقيقت ۾، اهي ثقافتي اظهار ملڪ جي گوناگونيت جو اثاثو آهن، ۽ انهن کي سياسي ڌارائپ سان ڳنڍڻ هڪ بنيادي غلط فهمي آهي.
سنڌ جي حوالي سان، اهي ثقافتي نشانيون – اجرڪ، ٽوپي، ۽ ٻيا رواجي اظهار – پاڪستان جي قومي چٽسالي ۽ ڪاشيگريءَ ۾ ان جي منفرد مقام جو ثبوت آهن. اهي فقط سڃاڻپ نه، پر قومي يڪجهتيءَ ۾ ان جو جذباتي ۽ تاريخي حصو به آهن.
سنڌ جي قومي وابستگيءَ کي سمجهڻ لاءِ فقط ثقافتي اظهار نه، پر ان جي تاريخي سياسي ڪردار تي به نظر وجهڻ ضروري آهي. سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو هو، جنهن 1943ع ۾ پنهنجي اسيمبليءَ مان جدا ملڪ جي جوڙڻ جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو. جڏهن ته پنجاب، جيڪو ان وقت يونينسٽ پارٽيءَ جي حڪمراني ۾ هو، اڃا ٻڏتر جو شڪار هو. هي تاريخي اڳواڻِي سنڌ جي پاڪستان جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي.
ان کان سواءِ، جمهوريت جي بحالي جي تاريخي لهر به سنڌ مان ئي اڀري. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڀ کان وڌيڪ احتجاجي سرگرميون سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيون. ان تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام جون قربانيون ۽ اڻٽٽ وابستگي پاڪستان اندر جمهوريت جي بحالي لاءِ سند جي حيثيت رکي ٿي.
سياسي محاذ تي به سنڌ جو چٽو لاڙو وفاقي ڍانچي ۽ جمهوري نظام جي حق ۾ رهيو آهي. باجود ان جي ته هتي ننڍين قومپرست تحريڪن جي موجودگي رهي آهي، سنڌ جي تمام وڏي اڪثريت هميشه وفاقي سطح تي سرگرم قومي سياسي پارٽين کي ووٽ ڏنو آهي. هي عوامي رجحان واضح ڪري ٿو ته سنڌ پنهنجي آئيني حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي نظام جي اندر رهي جدوجهد ڪرڻ جي حامي رهي آهي.
اڳواڻي جي حوالي سان به سنڌ جو ڪردار نمايان رهيو آهي. باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو تائين، انهن سڀني جو تعلق سنڌ سان رهيو آهي. انهن سياسي اڳواڻن پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪي باب لکيا، اهي رڳو سياسي نه، پر اخلاقي ۽ نظرياتي لحاظ کان به اھم نوعيت جا رهيا آهن.
ان پسمنظر ۾، اهو واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ جا ثقافتي اظهار اجرڪ، ٽوپي، يا ٻيو ڪو به رواجي علامتي ورثو – ڪنهن به صورت ۾ تنگ نظري يا علحدگيءَ جو اظهار نه آهن. اهي ته ان محبت، تاريخي شعور، ۽ اجتماعي شعبي واري لاڳاپي جو تسلسل آهن، جيڪو سنڌ کي پاڪستان جي باقي صوبن سان جوڙي ٿو. اهي ثقافتي تشخص جا سلسلا اسان جي حال کي ماضيءَ سان ڳنڍين ٿا، ۽ مستقبل لاءِ هڪ گهرو، مربوط ۽ خوشحال پاڪستان جو خواب پيش ڪن ٿا.
سنڌ جي حب الوطنيءَ تي ان جي ثقافتي اظهار جي بنياد تي سوال ڪرڻ، نه رڳو غيرمنصفاڻو آهي، پر ان جي قربانين، نظرياتي وابستگين، ۽ وفاق سان لاڳاپن جي تاريخ کي به گهٽائي ڏيکارڻ برابر آهي. درحقيقت، جيڪڏهن ڪنهن کي خدشو آهي ته سنڌ جو ثقافتي فخر وفاق جي خلاف آهي، ته ان خدشي کي وفاق جي پنهنجي فراخدليءَ ۽ اعتماد تي سوال سمجهڻ گهرجي.
سنڌ جي ثقافتي روح ۽ ان جي جمهوري وابستگي، هي ٻئي عنصر نه رڳو هم آهنگ آهن، پر پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ لازمي به آهن. اهي هڪ اهڙي جمهوري، تاريخي، ۽ باشعور وفاقي رياست جي نمائندگي ڪن ٿا، جيڪا پنهنجي گوناگون رنگن تي نه صرف فخر ڪري، پر ان کي پنهنجي طاقت به سمجهي.