ملڪ ۾ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي عوام جي زمين تي ملڪي ۽ پرڏيهي سرمائيدار ۽ ڪمپنين جي قبضي خلاف تحريڪ اڃا تائين ملڪ ۾ جاري آهي. ان وچ ۾ هڪ ٻئي اهم منصوبي جي آڙ وٺي اسان جي ٻيلن کي سرمائيدار ڪمپنين کي ڏيڻ جي منصوبي تحت بين الاقوامي اشتهار شايع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ، نوان ڪينال ٺاهڻ، منرل ۽ مائنز ايڪٽ 2025 تحت اسان جي قدرتي وسيلن يعني تيل، گئس سان گڏ قيمتي ڌاتن ۽ معدنيات تي قبضي، نام نهاد گرين ٽوئرزم جي نالي تي اسان جي سياحتي ماڳن ۽ تاريخي ورثن تي قبضي خلاف جدوجھس وارن نقطن ۾ ھاڻي ڪاربن ڪريڊٽ پلان کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي.
ڪاربن ڪريڊٽ رٿا ڇا آهي! سرمائيداري نظام ۾ سرمائيدارن جو سڄو زور پنهنجو منافعو وڌائڻ تي هوندو آهي.جنھن ۾ پورھيت جو يا فطرت جو استحصال شامل آهي. هڪ طرف تھ فطرت پاران مليل شين کي پنهنجي منافعي لاءِ بي رحمي سان استعمال ڪيو ويندو آهي، ٻئي طرف، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ (گرين هائوس گيس) پيدا ڪري ماحولياتي آلودگي پيدا ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوه ڪارخانن ۽ ملن جو نڪرندڙگندو پاڻي، جنهن ۾ خطرناڪ ۽ زهريلا ڪيميڪل شامل ھونداآهن،اھي واهن ۽ دريائن ۾ ڇڏيو ويندو آهي، جيڪو آخرڪار سمنڊ کي گدلو ڪري ٿو.
هاڻي تھ حالت ھي آهي ته ڄڻ فطرت رسي چڪي آهي. بنا موسم جي مينهن، سامونڊي طوفانن (سونامي) جو وڌڻ، برساتي علائقن ۾ خشڪي سالي، جن علائقن ۾گهٽ برسات پوندي ھئي اتي وڌيڪ پوڻ.ٿڌن ۽ برف باري وارن علائقن ۾گرمي وڌيڪ پوڻ. گرمي وارن علائقن ۾ برفباري پئجي رھي آهي.
صنعتي دور کان اڳ جي مقابلي ۾ دنيا ۾ گرمي پد ٻن درجن کان گھڻو وڌي ويو آهي ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته 2050 تائين اهو اڃان بھ ڏيڍ درجو مٿي وڌي ويندو. ان جو سبب صنعتي چمنين مان نڪرندڙ دونھون، صنعتي فضلي جو نالين ۽ دريائن ۾ وھائڻ آهي، جيڪو آخر ۾ سمنڊ ۾ پئي ٿو.گاڏين جو گهڻو استعمال ۽ پراڻين گاڏين مان نڪرندڙ دونھون. ايٽمي تجربا ۽ مختلف قسمن جي موتمار هٿيارن جي پيداوار انهن زهريلي گئسن کي خارج ڪري ٿي، جنهن دنيا جي ڌرتيءَ کي انسانن ۽ سڀني جاندارن لاءِ رهڻ لائق نه ڇڏيو آهي. انهن حالتن کي ڏسي، سائنسدان چتاءُ ڏيڻ شروع ڪيو ھو ته گرين هائوس گيسن جي اخراج کي نھ روڪيو ويو تھ زمين جو مٿاڇرو جاندارن لاءِ رهڻ لائق نه رهندو. اھي گيسز ۾ سڀ کان وڏو حصو آمريڪا ۽ چين جو آهي.هن خطرناڪ عمل کي روڪڻ لاءِ، پهرين عالمي ڪانفرنس فيبروري 1979 ۾ جرمني ۾ منعقد ٿي. ان کان پوءِ ساليانيون عالمي ڪانفرنسون شروع ٿي ويون.جنھن جو موضوع ھو تھ دنيا جي ڌرتيءَ کي ڪيئن بچايو وڃي ؟
ھڪ اھم ۽ نتيجن ڀري ڪانفرنس 2015 ۾ فرانس جي شهر پيرس ۾ ٿي، جتي دنيا ۾ ٻيلن کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس گيسن جي اخراج کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو. خاص طور تي، ڪوئلي جو استعمال کي بند ڪيو وڃي ۽ متبادل توانائي جا ذريعا ڳوليا وڃن. رواجي گاڏين کي برقي گاڏين ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. هن ڪم لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان دوران اهو بھ فيصلو ڪيو ويو ته صنعتي طور تي ترقي يافته ملڪ جيڪي انهن گئسن خارج ڪرڻ جا وڌيڪ ذميوار آھن.انهن کي وڌيڪ فنڊ ڏيڻ گھرجن. آمريڪا سميت دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ پاڪستان پڻ ان جو حصو بڻيو. آمريڪا ۽ چين کي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. پاڪستان کي ٽاسڪ مليو تھ توانائي جا نوان ذريعا استعمال ڪري ۽ 2030 تائين انھن گيسن جي اخراج کي 50 سيڪڙو گهٽائڻ جي ذميواري وڌي وئي.
پيرس معاهدو 2016 ۾ لاڳو ٿيو ۽ آمريڪا 4 نومبر 2020 تي ان معاھدي مان هڪ طرفي طور الڳ ٿي ويو. پر بائيڊن انتظاميا 2021 ۾ آمريڪا کي ٻيهر معاهدي جو حصو بڻايو. ٽرمپ جي ٻيهر صدر بڻجڻ کان پوءِ، آمريڪا 21 جنوري 2025 تي صدر جي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي ٻيهر معاهدي تان دستبردار ٿي ويو.پيرس معاهدي تحت، پاڪستان کي ٻن مکيه مقصدن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هڪ، اهو متبادل توانائي ڏانهن رخ ڪندو، يعني اهو ڪوئلي جو استعمال ختم ڪندو، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪندڙ گاڏين جو استعمال ختم ڪندو، متبادل توانائي استعمال ڪندو يعني شمسي، هوا وغيره ۽ (ٻيلا لڳائڻ)، يعني ٻيلا پوکڻ.
پاڪستان ۾ 2019 جي هڪ سروي موجب، اٽڪل 4.47 هيڪٽر يا پاڪستان جي ڪل زمين جو صرف 5.1 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آھن. جڏهن ته هندستان وٽ ان جي ڪل زميني ايراضيءَ جو 25.17 سيڪڙو ٻيلا آھن. پاڪستان ۾ اڪثر ٻيلا، ٻيلي سڏجڻ جي لائق به نه آهن.پيرس معاهدي ۾ ڪاربن جي اخراج کي ماپڻ لاءِ يونٽ جو تعين ڪيو ويو ۽ في يونٽ جي قيمت هڪ سو رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هڪ ٽن جي قيمت 30 کان 40 ڊالر جي وچ ۾ رکي وئي هئي. اهو گهٽ وڌ ان بنياد تي ٻڌل آهي ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ڪيتري مقدار ۾ پيدا ٿي رھي آھي ۽ متبادل توانائي ڪيترا سيڪڙو استعمال ٿي رهي آهي. ان کان علاوه ٻيلا ڪيترا پوکيا ويا آهن. پاڪستان ۾ سامونڊي ساحل تي ڪيترا مينگروز جا ٻيلا پوکيا ويا آهن. هڪ عالمي مطالعي موجب، پاڪستان صرف مينگروو ٻيلن مان هر سال 140 ارب ڊالر ڪمائي سگهي ٿو. پر اهي وڻ سمنڊ ۾ تڏهن ئي وڌي سگهن ٿا جڏهن تازو دريائي پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي. ھتي صورتحال اها آهي ته پاڪستان ۾ آخري ڪوتڙي بيراج کان هيٺ پاڻي ڇڏيو ئي نٿو وڃي.جنھن بابت عام خيال آھي ته درياءَ جواھو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ ضايع ٿئي ٿو. مينگروز يا تمر جي ٻيلن جي اوسر ۽ واڏ ويجھھ لاءِ شهر جي ۽ ڪارخانن جي زهريلي پاڻي کي ٽريٽ ڪري ڇڏڻ لازمي قرار ڏنل آھي.جنھن ۾ڪچرو الڳ ڪيو وڃي ۽ صاف پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي. ڪيترائي ملڪ اهو ڪري رهيا آهن.پاڪستان ۾ دريائن ۾ پاڻي گهٽجي ويو آهي، پوکي لائق علائقي تائين بھ پاڻي نه پهچي رهيو آهي، ننڍا زميندارن ۽ خاص طور تيي ٽيل جو ھاري ناري ربيع يعني خشڪ موسم وارن فصل لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي. اهڙين حالتن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ پروجيڪٽ تحت نوان واهه ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن وڌيڪ اٽڪل ھڪ ڪروڙ ايڪڙ نئين ايراضي کي پوکي لاءِ ڪينال ٺاھيا وڃن.
پاڻي ۽ زرعي ماهرن جو چوڻ آھي تھ ريگستانن کي ريگستان ئي رهڻ ڏيو ته جيئن قدرتي ماحول برقرار رهي. واهن بابت ماهر چون ٿا ته نه ته اضافي پاڻي دريائن ۾ آهي ۽ نه ئي چولستان ۾ ڪينالز ڪامياب ٿين ٿا. جئين تھ پاڪستان جا اصل حڪمران جنرلن جو ٽولو آھي جن جا ادارا فوجي فائونڊيشن جي تحت انهن زمينن کي ڪارپوريٽائيز ڪري رهيا آهن. اهي ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.
هاڻي ڪاربن ڪريڊٽ جي نالي تي ٻيلن کي پرائيويٽائيز ڪيو پيو وڃي. اها حقيقت آهي ته ٻيلن کي وڌائڻ گھرجي. سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي گهڻي زمين يا چراگاھ وڏيرن جي قبضي ۾ آهن. اهي وڏيرا حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ انھن جو قبضو ختم نه ٿيندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ٻيلي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. ان حڪم تي ضلعي عدالتن جي نگراني ۾ عمل شروع ٿيو، پر صرف ننڍن قبضيگيرن کان زمين تي قبضا ڇڏايا ويا. وڏا علائقا اڃا تائين وڏيرن جي قبضي ھيٺ آهن.
ٻيلو کاتو ڪھڙي ڪم جو آھي ؟ اھو درست تھ ملڪ جو ڪو به ادارو درست طريقي سان ڪم نٿو ڪري، انھن ۾ اڪثر بدعنوانين ۾ ٻڏل آهن. هڪ وڏو کاتو، ٻيلو کاتو آھي جنھن جي ملازمن جون پگهارون ماڻهن تي بار آهي.نھ رڳو ايترو پر انهن کي ٻيلن جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ اربين رپيا فنڊ به ملندوآهي ۽ غيرملڪي فنڊ به وڏي مقدار ۾ ملندو آهن. پر اهو فنڊ وفاق کان صوبن ۾ مٿي کان هيٺ تائين ورهائجي ويندو آھي ۽ ٻيلن تي خرچ نه ٿيندو آهي.
هاڻي سنڌ حڪومت ڄامشوري ۽ مٽياري ضلعن ۾ لکين ايڪڙ زمين بين الاقوامي ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا آهن ۽ 10 ڪروڙ رپين جي ڪال ڊپازٽ رکي وئي آهي. ٻيلي کاتي جي انھن زمينن کي جيڪي ڪمپنيون حاصل ڪنديون اهي انهن ۾ ٻيلا لڳائينديون، انهن ۾ مڇي جا فارم قائم ڪيا ويندا ۽ ڀاڄيون پوکيون وينديون. ٻيلن مان ڪاربن جذب ڪرڻ لاءِ پئسا حاصل ڪيا ويندا، پئسا ڪير حاصل ڪندو، اها خانگي ڪمپني حاصل ڪندي. سنڌو درياهه ۾ پاڻي ناهي، پوکي لائق علائقا سڪي رهيا آهن. سمنڊ ڪناري تي مينگروز، جنھن سان سنڌ حڪومت 140 ارب ڊالرن تائين سالياني آمدني پيدا ڪري سگهي ٿي. انهن کي پاڻي نه ڏنو پيو وڃي. پوءِ اهي ڪمپنيون جن کي ٻيلي جي زمين ڏني پئي وڃي، اهي وڻ، مڇي فارم ۽ ڀاڄيون پوکڻ لاءِ انھن کي پاڻي ڪٿان ڏنو ويندو ؟ ان جو مطلب اهو آهي ته ملڪ جي حڪمرانن فيصلو ڪيو آهي ته ڪڪ بيڪس جي بدلي ۾، يعني ڪميشن واري رشوت جي بدلي ۾ دريائن جو سمورو پاڻي ڪارپوريٽ شعبي کي ڏنو ويندو ۽ پوکي لائق زرعي زمينون بنجر ڪيون وينديون. هي هڪ سنگين مسئلو آهي، ان بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ان کي جدوجهد جي نقطن ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
موجوده سول حڪمران ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون، سينيٽ سميت سڀ جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ بڻجي ويون آهن. اهي هر اهو قانون ٺاهي رهيون آهن.جنھن لاءِ اصل حڪمران انھن کي حڪم ڏئي ٿو. اهي عوام جا نھ انھن قوتن جا نمائندا آهن.هن صورتحال ۾، حقيقي عوام دوست ۽ محب وطن قوتن کي عوام کي منظم ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ حڪمرانن کي مجبور ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ پرامن احتجاجي طريقي سان حڪمرانن کي بٻرلوءِ ڌرڻي جيان رستو بند ڪري مجبور ڪيو وڃي تھ جيئن اهي اسان جي زمينن، اسان جي ٻيلن ۽ دريائن جهڙن ادارن کي نجي مملڪيت ۾ نه ڏين ۽ انهن کي سرمائيدار ڪمپنين جي حوالي نه ڪن.
صرف عوامي ھلچل سان ئي اسين پنھنجا قومي اثاثا بچائي سگهون ٿا.عوام، انقلابي سياسي پارٽين جا ماڻهو، ڪيڊر ۽ قيادت انهن لڙائين مان سکي ۽ سڄي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيندا. اهي هڪ اهڙو نظام قائم ڪندا جنهن جي پهرين ترجيح دولت پيدا ڪرڻ جي وسيلن کي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ هوندو. ان ۾ تعليم، علاج، روزگار ۽ رهائش حڪومت ۽ رياست طرفان فراهم ڪئي ويندي.