هو ته پاڻيءَ لاءِ ويو هو…!

تحرير: آفتاب عالم مهر

"هو ته پنهنجي حق لاءِ ويو هو، پاڻيءَ لاءِ ويو هو…” اهي لفظ آهن هڪ ماءُ جا، جيڪا پنهنجو جوان پٽ وڃائي ويٺي آهي. شهيد عرفان لغاري پاڻيءَ لاءِ آواز اٿاريو. اُهو آواز ظالمن برداشت نه ڪيو. هن وٽ نه هٿيار هئا، نه بغاوت، هن وٽ رڳو پاڻيءَ لاءِ تڙپ، ڌرتيءَ لاءِ درد، ۽ حق لاءِ همت هئي. حڪومت جي هٿن ۾ وردي، هٿيار، ۽ بندوقون هيون، پر عرفان جي هٿ ۾ رڳو سچ جي طاقت هئي. هو وڙھڻ نه ويو، هو ته رڳو حق گهرڻ ويو. پر افسوس! هن جي واپسي لاش جي صورت ۾ ٿي. ڄڻ هن ملڪ ۾ سچ ڳالهائڻ ئي سڀ کان وڏو ڏوھ بڻجي ويو آهي. ڄڻ پاڻي گهُرڻ، موت گهُرڻ برابر ٿي پيو آهي. هڪ اهڙي حڪومت جيڪا پنهنجن شهرين کي ٻڌڻ بدران، سندن زبان بند ڪرائڻ لاءِ تشدد، زهر ۽ گمنامي استعمال ڪري، ان کي مهذب حڪومت چئي به نه ٿو سگهجي.

ڊاڪٽر ارسل ارباب جي پوسٽ مارٽم رپورٽ گواهي ڏئي ٿي ته هن جي وات ۽ نڪ مان ڪارو رت ۽ جھاڳ نڪتو. سڄو جسم ڦوڪجي ويو هو، لاش مان سخت بدبو اچي رهي هئي، ۽ ان جي باوجود، موت جو اصل سبب لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ انهن نشانين کي واضع لکڻ باوجود، موت جو سبب لکت ۾ نه ڏيڻ، هڪ نئين سازش جو در کولي ٿي. ڇا ڊاڪٽر به هاڻي بي وس بڻجي ويا آهن؟ ڇا ميڊيڪل سائنس به حڪومتي خوف هيٺ اچي وئي آهي؟ اهي سڀ نشان ٻڌائي رهيا آهن ته کيس زهر ڏنو ويو، يا تشدد جي حدن کان به اڳتي وڃي کيس خاموش ڪيو ويو. هن جو جسم فقط لاش نه هو، اهو سوالن جو هڪ ڪتاب هو، جنهن جا صفحا به پوليس جي جبر سان ڦاڙي ڇڏيا ويا.

شهيد جو لاش دفنائڻ لاءِ جلدبازي ڪئي وئي. وارثن کان اجازت نه ورتي وئي. رياست، جيڪو هڪ هٿياربند جٿو بڻجي چڪو آهي، سڄي جنازي کي پوليس جي پهري ۾ ڪيو. جنازي جو حق به هن قوم کان کسيو ويو. هو پنهنجي ڌيئرن کي آخري ڀيرو ڏسي نه سگهيو، سندس ماءُ سندس پيشاني تي هٿ رکي دعائون نه ڏئي سگهي. جنازي ۾ اهي سڀ هٿ بندوقن جي ڍڪ هيٺ هئا، جيڪي عرفان لاءِ کليل هجڻ گهرجن ها. جنازي جو ڪهڙو حق؟ جتي جنازو ئي رياستي اجازت سان ٿئي! جنازو، جيڪو محبت جو هجڻ گهرجي، پر هتي اهو به هڪ رياستي آپريشن بڻجي ويو.

موري ڀرسان ڳوٺ ماڙي ٻگھيو جي قبرستان ۾ مولوي محمد شاھ جي قبرستان ۾ شهيد کي ھٿيارن جي پھري ۾ دفنايو ويو. ميڊيا کي به جنازي کان پري رکيو ويو. اهو دفن نه، پر سچ کي دفن ڪرڻ وارو عمل هو. هڪ اهڙي ريت، جتي جنازي کان به ڊڄيو وڃي، ان حڪومت جي اخلاق جو جنازو اڳ ۾ ئي نڪري چڪو آهي. جنازي تي بيٺل مولوي جي چهري تي بيوسي صاف نظر آئي. هو ڄڻ پنهنجي دل ۾ حڪومت جي ظلم لاءِ دعا گهري رهيو هو. شهيد عرفان جو چهرو ڄڻ چئي رهيو هو، "ڇا واقعي حڪومتون ائين هلنديون آهن؟”

قبرستان جي ڀرسان به پوليس بيٺل هئي، ڄڻ لاش کان به ھنن کي ڪو خطرو آهي. حڪومت لاش کان به ڊني پئي. هي رڳو عرفان لغاري جو لاش نه هو، هي سڄي سنڌ جي شعور جو لاش هو. هن سان دفن ٿيو هڪ سوال، ته ڇا هن ڌرتيءَ تي حق گهرڻ جي سزا موت آهي؟ ڇا هتي آواز رڳو ان وقت تائين محفوظ آهي، جيستائين خاموش رهي؟ ڇا اسين زندھ قوم آهيون، يا زندھ لاش؟

ڪنهن به بيگناھ جو جنازو، جيڪڏهن بندوقن جي ڇانوَ ۾ پڙهيو وڃي، ته ان کي ناحق شهيد چئبو. ذوالفقار ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي، ۽ هاڻي عرفان لغاري، تاريخ جي انهن صفحن تي نالا لکجن ٿا، جتي قلم کان اڳ رت وهندو آهي. جن جا جنازا به هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ٿين، انهن جي زندگين ۾ ڪهڙي آزادي هوندي؟ حڪومت، جيڪا پنهنجي ماڻهن کان ڊڄي ٿي، اها رياست نه پر خوف جو مجسمو بڻجي وڃي ٿي.

شهيد عرفان لغاري جي ماءُ جي سڏڪن ۾، سڄي سنڌ جي پيڙا سمايل آهي. هوءَ چوندي رهي، "منهنجو پٽ ته پاڻي گهرڻ ويو هو…” اهو پاڻي جيڪو زندگي آهي، اهو حق جيڪو سنڌ جو آهي، پر ان جي بدلي ۾ کيس موت مليو. هن پٽ جي وڇوڙي سان رڳو هڪ گهر نه، پر پوري ڌرتي اڪيلائي محسوس ڪري رهي آهي. هي رڳو هڪ ماڻهو جو قتل نه آهي، هي هڪ سچ جي آواز جو قتل آهي. هي هڪ ڌرتيءَ جي غيرت تي وار آهي. اڄ سنڌ پئي پڇي، ڇا پاڻي گهرڻ ڏوھ آهي؟ ڇا سچ ڳالهائڻ جرم آهي؟ ڇا جوان لاش ئي انصاف جا ڀاڳ آهن؟

شهيد عرفان لغاري، تو سان سچ دفن ٿيو، پر تنهنجو نالو، تنهنجي ڳالهه ، تنهنجو مقصد، سنڌ جي هر دل ۾ جيئرو رهندو. تنهنجو رت رائگان نه ويندو. تنهنجي ماءُ جا ڳوڙها، وقت سان انصاف جا در کڙڪائيندا. ظلم ڪيترو به وڏو هجي، پر سچ آخرڪار اڀرندو ضرور آهي. ۽ اهو ڏينهن به ايندو، جڏهن سنڌ، شهيدن جي رت مان نڪتل روشنيءَ ۾ پنهنجو مستقبل لکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.