آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر جي تازي ٽن ملڪن جي دوري دوران، عالمي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ھن اسرائيل کي، ھن دوري کان اڳ وچ اوڀر ۾ ڪيل پنھنجي فيصلن سان ديوار سان لڳايو ۽ ائين ڪرڻ لاءِ وٽس جوڳو سبب هو.ٽرمپ جيڪي قدم کنيا آھن، تن يقيني طور تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي پريشان ڪيو. واشنگٽن شام تان پابنديون کڻي ڇڏيون ۽ ٽرمپ رياض ۾ شامي صدر احمد الشراع سان ملاقات پڻ ڪئي، جتي هن هڪ اهڙي شخص جي واکاڻ ڪئي جنهن جي سر تي آمريڪا انعام رکيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ ترڪيھ جي صدر طيب اردوان جي بھ واکاڻ ڪئي، جيڪو اسرائيل جو هڪ ٻيو مخالف آھي. ان جي صلاح تي، آمريڪي صدر شام تان پابنديون کنيون. ٻئي طرف، نتن ياهو ٽرمپ تي زور ڏنو ھو ته ھوءَ پابنديون نه هٽائي.
ڊونلڊ ٽرمپ يمن ۾ حوثي باغين سان جنگ بندي به ڪئي، جنهن سان ئي ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي خلاف فوجي حملا بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان معاملي ۾ به اسرائيل کي نظرانداز ڪيو ويو.ٽرمپ آمريڪا ۽ حماس وچ ۾ سڌين ڳالهين جي نتيجي ۾ غزه ۾ آخري آمريڪي يرغمال جي آزادي کي به يقيني بڻايو. پر تل ابيب کي سڀ کان وڌيڪ جنھن ڳالھھ پريشان ڪيو اھا ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران سان سڌي طرح ايٽمي ڳالهيون ڪرڻ آهن، جنھن جي اسرائيل سخت مخالفت ڪندو رهيو آهي.
اھي رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته آمريڪا کي ‘نئين’ انٽيليجنس رپورٽس مليون آهن ته اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ لاءِ فوجي آپريشن جي تياري ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اسرائيل نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بنا ائين ڪري ٿو، ته ڊونلڊ ٽرمپ جي سفارتي ڪوششن ۽ نيتن ياهو جي واشنگٽن سان لاڳاپن کي نقصان پهچندو، خاص طور تي هاڻي جڏهن ٽرمپ تازو ئي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نيتن ياهو کي ٻڌايو هو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون درست رخ ۾ وڌي رهيون آهن.
فنانشل ٽائمز لاءِ لکندي، ڪِم گٽاسس، چوي ٿي، ته وچ اوڀر ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا قدم "اسرائيل کي حيران ڪري رهيا آهن، ان کي معاهدن کان ٻاهر ڪري رهيا آهن”. هن چيو ته، نيتن ياهو سان ٽرمپ جي سھپ جواب ڏئي رھي آهي، پر "اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڏهاڪن جو پراڻو اتحاد برقرار رهندو.” ٻين مبصرن اسرائيلي وزيراعظم کي ٽرمپ جي دوري دوران صرف ھڪ ‘تماشائي’ طور ڏٺو ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر، اسرائيل جي دشمنن جي ويجهو ٿي ويو آهي.
ان سڀ جي باوجود، ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي غزه ۾ نسل ڪشي ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام آھي يا اھو کيس روڪڻ لاءِ تيار نه آهي، جيتوڻيڪ هو ڊگهي عرصي کان تڪرار جي خاتمي جي خواھش رکي ٿو.جيتوڻيڪ وائيٽ هائوس خبردار ڪيو ھو ته بينجمن نيتن ياهو جيڪڏھن جنگ جاري رکي ٿو ته هو ان ۾ اڪيلو ھوندو. اسرائيل غزه ۾ پنهنجي ظالماڻي ڪاررواين کي وڌايو آهي ۽ انساني امداد جي بندش کي جاري رکيو آهي.
روزانو هوائي حملن ۾ فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن، جڏهن ته نتن ياهو” حماس کي ھميشھ جي لاءِ تباھ “ ڪرڻ لاءِ سڄي غزه تي ڪنٽرول ڪڻ جي ڌمڪي ڏني آھي. اسرائيل جي آپريشن ”گيڊئين چيرٽس“ کي انجام ڏيڻ لاءِ ڏکڻ ۽ اتر غزه ۾ اضافي فوجي دستا مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد فلسطينين کي غزه مان ڪڍڻ آهي. لکين فلسطينين کي هڪ ڀيرو ٻيهر سندن اجھي کان زبردستي محروم ڪيو پيو وڃي. فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ هميشه بينجمن نيتن ياهو جو مقصد رهيو آهي.
ان سڀ هڪ تباهي واري صورتحال کي جنم ڏنو آهي ۽ انساني بحران کي سنگين بڻائي ڇڏيو آهي،جنھن ڪري لکين فلسطين بک مري رھيا آھن. اسرائيلي جارحيت ۽ انساني امداد جي بندش بين الاقوامي سطح تي ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ان خراب صورتحال کي "ناقابل بيان، ظالمانه ۽ غير انساني” قرار ڏنو آهي. امداد جي بندش ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي، هن چيو ته غزه جي "سڄي آبادي ڏڪار جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي.”
اسرائيل جي ويجهن اولهھ اتحادين به تل ابيب خلاف آواز اٿاريو آهي. هڪ گڏيل بيان ۾، فرانس، برطانيه ۽ ڪينيڊا غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي ڪارروائي ۽ امداد جي پابندين ختم نه ڪرڻ تي ان خلاف "ٺوس قدم” کڻڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.جنھن ۾ اسرائيل خلاف پابنديون بھ شامل آھن. يورپي يونين اعلان ڪيو ته هو اسرائيل سان پنهنجن واپاري لاڳاپن تي نظرثاني ڪندي، جڏهن ته اسپين جهڙن ملڪن عالمي برادري کان پابنديون سميت سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
23 ملڪن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو جنهن ۾ اسرائيل کان غزه ۾ امداد جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ خبردار ڪيو ويو ته ماڻهو "بک” کي منهن ڏئي رهيا آهن. وڌندڙ دٻاءُ جي ڪري، اسرائيل ڪجهه امدادي سامان غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، پر عالمي برادري ان کي ناڪافي قرار ڏنو آھي.
ايمنسٽي انٽرنيشنل ردعمل ۾ چيو ته، "اهو انتهائي شرمناڪ ۽ اخلاقي طور تي قابل مذمت آهي ته نسل ڪشي دوران،بک ۽ ظلم جي 80 ڏينهن کان پوءِ، دنيا اسرائيل تي دٻاءُ وڌو آهي ته هو جزوي بندش کي آسان ڪري. جنهن ۾ کاڌو، دوائون،ٻارڻ ۽ ٻيون شيون جي روڪيل آھن.”
ٻئي طرف، دوحا ۾ حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي تجديد جون ڪوششون مثبت رخ ۾ ويندي نظر نه ٿيون اچن. جيتوڻيڪ ٽرمپ انتظاميه اڳڀرائي نھ ٿيڻ تي پريشان آهي، پر ان ھوندي بھ ھوءِ اسرائيل کي امن قائم ڪرڻ واسطي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. شايد اهو به هڪ سبب آهي جو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هن مهيني اسرائيل جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ اسرائيلي جارحيت باوجود ڳالهيون جاري رهيون، پر نيتن ياهو جي ڊيل ۾ گهٽ دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي. انهن مارچ ۾ هڪ طرفي طور جنگ بندي جي معاهدي کي ٽوڙيو ۽ بار بار اعلان ڪيو ته اهي حماس جي خلاف "مڪمل فتح” حاصل ڪرڻ تائين جنگ ختم نه ڪندا.انهن حملن ۾ غزه ۾وڌيڪ رتوڇاڻ،لڏپلاڻ بي ۽ تباهي کي منھن ڏيڻو پيو. غزه تائين امداد پهچائڻ جو آمريڪي حمايت يافته اسرائيلي منصوبو انتهائي تڪراري آهي. ان ۾ ڪجھ اهم امدادي مرڪز قائم ڪرڻ شامل آهن جتي ماڻهن کي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو. انهن مرڪزن جي حفاظت فوجي ۽ خانگي هٿياربند سيڪيورٽي فورسز ڪندي.
سوئٽرلينڊ جي ھڪ ڪمپني غزه هيومينٽيرين فائونڊيشن،انهن مرڪزن جو انتظام سنڀاليندي. گڏيل قومن ان منصوبي کي وڌيڪ بي گھر ٿيڻ جي حڪمت عملي قرار ڏيندي ان کي جنگي ڏوھ قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي اعليٰ امدادي عهديدار به اھو چيو آھي ته منصوبي ۾ ماڻهن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. گڏيل قومن جي ايجنسين ان منصوبي جي حصي بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن امداد جي بندش کي شدت پسندي قرار ڏنو آهي.
اسرائيل پاران سموري غزه تي مستقل قبضو ڪرڻ لاءِ فوجي مهم شروع ڪرڻ کان پوءِ، انتهائي ساڄي ڌر جي اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزاليل اسموترخ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته انهن جو مقصد "غزه جي پٽي ۾ موجود هر شيءِ کي تباهه ڪرڻ آھي” ۽ آبادي کي "جنگي علائقن” مان ٻاهر ڪڍڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته "آبادي پٽي جي ڏکڻ ۾ پهچي ويندي ۽ (پوءِ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي تحت ڪنھن ٽئين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويندي.”نيتن ياهو چيو آهي ته جڏهن حماس سڀني يرغمالين کي آزاد ڪندو ۽ ٽرمپ جي غزه مان آبادي کي ٻاهر ڪڍڻ جي منصوبي تي عمل ٿي ويندو تھ جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين.هاڻي اها واشنگٽن جي ذميواري آهي ته هو واضح ڪري ته ڇا اسرائيل واقعي ٽرمپ جي منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي يا نھ. هي وضاحت ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه آھي ته ان سان اسرائيل تي جارحيت کي روڪڻ لاءِ دٻاءُ پوندو. پر جيڪڏهن اھو سچ آهي، ته ان سان آمريڪي صدر جي امن پسند تصوير کي نقصان پهچندو، جنهن کي فروغ ڏيڻ جي ھو وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي.