ملڪ ۾ وڌندڙ گرمي ۽ مستقبل جا خطرا

جيتوڻيڪ انسان سمنڊ جي تري ۽ خلا  جي پولار ۾ فطرت جي ڪيترن ئي رازن کي پروڙي ورتو آھي. ان ھوندي بھ فطرت جي بي رحمي اڳيان انسان بيوسي جو بت بڻيل آھي.اڪثر ڪري موسم جي اثرن ۽ ان سان ٿيل نقصان کانپوءِ انسان اک پٽي ٿو.ھن وقت جڏھن دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ ۽ ماحول کي متواز رکڻ جي لاءِ نت نيون تحقيقون ٿي رھيون آھن، تڏھن پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ ان طرف ڪو بھ ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي.ڪي ڪم تھ اھڙا آھن،جيڪي رواجي ڪوشش سان بھ ڪر سگھجن ٿا. عوام کي موسم جي شدت بابت آگاھ ڪري ان کي جٽادار ماحول جي لاءِ شعور ڏئي سگھجي ٿو.

موسمياتي تبديلي جي تيزي ماحولياتي نظام ۾ بگاڙي پئدا ڪري ڇڏيو آھي.جنھن جو اثر ھاڻي تيزي سان ڌرتيءَ تي نظر اچي پيو.جنھن سان ترقيءِ جي رفتار گھٽجي ويندي. قدرتيءَ وسيلا  انسان جي وس مان نڪري ويندا. ممڪن آھي تھ اھا ڳالھھ ھن وقت مڃڻ ۾ نھ اچي پر ٿوري ئي وقت ۾ انسان جي رھڻ لائق واحد ڌرتيءَ جي گولي تي صحت لاءِ گھربل پاڻي،صاف ھوا ۽ زمين جي ايراضيءَ جي کوٽ پئدا ٿي ويندي.ان جي ھڪ منفي اثر ۾ ھڪ سھي نھ سگھڻ جھڙي گرميءَ جي تپش ھوندي.باخبر انسان اھو تسليم ڪن ٿا تھ جنھن بي رحمي سان انسان  قدرت جي وسيلن جي ڀيل ڪئي آھي، ان ڪري جلد ئي انسان وسيلن جي استعمال کي برقرار رکڻ جي قابل نھ رھندو.

ماحولياتيءِ بگاڙ سموري زندگيءَ لاءِ سوڙھ پئدا ڪندو، جنھن سان سماجي ڍانچا ڊھڻ شروع ٿيندا،انسان جي قدرت سان ڪيل ھٿ چراند جي سزا نھ رڳو ڪنھن ھڪ  فرد پر سموري انسان ذات کي ملندي. 1950 کان دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ جا اشارا ملڻ شروع ٿيا ھئا.پر گذريل ڪجهھ ڏھاڪن کان گلوبل وارمنگ ۾ سائنسدانن جي ڪيل اڳڪٿي کان بھ گرمي جي شدت وڌيڪ تيزي سان وڌي رھي آھي.

سال 2024 جي اونهاري ۾ گرميءَ جي لهرن ڏکڻ ايشيا ۾ هزارين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو آھي.پاڪستان ۾ پڻ موسمن جي  انھن منفي اثرن کي ڏسي سگھجي ٿو. هوائي گندلاڻ (پنجاب ۾ سموگ) ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. عالمي سطح جي درجا بندي ۾ پاڪستان ڪافي سالن کان انھن 10 ملڪن ۾ شامل آھي جيڪي شديد گرم رھندا پيا اچن.2010 کان گرمي وڌي رھي آھي. ڪجهه سالن ۾ گلوبل وارمنگ جي بي قابو ٿيل شدت مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي تھ   خطرا سائنسدانن جي اڳڪٿي کان به وڌيڪ سخت ٿي سگهن ٿا.دنيا جي موسم ۽ آبهوا جي نگراني ڪندڙ ادارن مان هڪ، نيشنل اوشينڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن (NOAA) پاران جاري ڪيل نئين ڊيٽا موجب جنوري 2025 سڄي دنيا ۾ سڀ کان گرم جنوري جو مھينو رهيو آهي ھلندڙ سال جي جنوري مھيني2023 ۽ 2024  سالن جي گرمي پد جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ھلندڙ سال  176 سالن جي رڪارڊ ۾ جنوري مھينو گرم ترين رھيو آھي.

ايتري گرمي ڇو وڌي رھي آهي ؟ يورپي يونين جي ڪوپرنيڪس ڪلائيميٽ چينج سروس جي ڊائريڪٽر سمانٿا برگس جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۽ هن سال  جي شروعاتي عرصي ۾ رڪارڊ ٽوڙيندڙ گرمي پد جو بنيادي سبب وڏي مقدار ۾ فوسل ساڙڻ. ٻيلا ناس ڪرڻ ۽ بنا رٿابندي جي  شھر ٺاھڻ آھي. زمين، ھوا ۽ سمنڊن  ۾ ڪيميائي تبديلي اچي چڪي آهي.ھاڻي زمين گھڻو گرم ٿي رهي آهي. 2015 ع  جي پيرس معاهدي ۾ گھڻا ملڪ متفق ٿيا ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ کي 2 ڊگري سينٽي گريڊ (3.6 ڊگري فارنهائيٽ) کان گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان گهٽ رکيو وڃي.پر هر سال فوسل فيول جو اخراج وڌي رهيو آهي. انڪري هدف پري ٿيندو پيو وڃي.ماھرن موجب تڪڙا نوان ۽ سخت قومي موسمياتي منصوبا جوڙڻ  جي ضرورت آھي، پر تقريبن سڀئي اهو هدف پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا. صدر ٽرمپ  اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪا کي معاهدي کان الڳ ڪري رهيو آهي، پر معاهدي جي شرطن موجب، ان عمل ۾ پورو هڪ سال لڳندو.

وڌندڙ آبادي، بي هنگم تعميرات، سيمينٽ ۽ لوھ سان عمارتن جي اڏاوت، پلاسٽڪ جو استعمال، ڪچي توڙي سامونڊي ٻيلن جي بي دردي سان واڍي، سمنڊ ۾ بنا ٽريٽمينٽ جي ڇوڙ ڪيل گدلو پاڻي،صحت لاءِ هاڃيڪار ٻارڻ جو استعمال،گاڏين جو دونهون ۽ ٻين اهڙن  عنصرن ملي ڪري ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ بي انتھا واڌ ڪئي آھي.

ھن عالمي مسئلي کي گڏيل طور منھن ڏيڻ سان گڏ ھر ملڪ، ھر وادي ۽ وسندي گرم ٿيندڙ ماحول کي متوازن ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري سگھن ٿا.هڪڙي لحاظ سان اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ وسيلن جي کوٽ نه آهي،پر انهن کي بچائڻ جي لاءِ شروع کان ئي ڪوشش نه ورتي وئي ساڳي ريت ٻئي پاسي اهڙي منظم شعور جي پڻ کوٽ رهي آهي.جبلن جا وڏا سلسلا، برفاني ڇپون، قدرتي درياهه، سامونڊي ڪنارا ، بهترين ٻيلا، مٺي پاڻي جون وڏين ڍنڍون، وڏيون ۽ وسيع واديون، چشما ۽ ريگستان ھتي آھن.اصل معاملو انهن کي بچائڻ ۽ انهن جو پائيدار استعمال آهي.حڪومت ماحول کي ايجنڊا جو حصو بڻائي.ڪجھه شيون معمولي ڪوشش سان بھتر ٿي سگھن ٿيون. ان طرف ڏيان ڏئي ۽ عوام کي ترغيب ئي بھ نتيجو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

ھن وقت موسمياتي خطرا جنھن حساب سان پکڙجي رھيا آھن، ان جي لاءِ حڪومتن کي ماحوليات کي نصاب جو حصو بڻائي ڪري ان بابت شروع کان ئي شعور ڏنو وڃي. ان بعد ان مھارت جي ڪورس بھ ڪرايا وڃن.تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي ھن اھم معاملي ۾ شامل ڪيو وڃي.

حڪومت ھڪ اھم ڪم ماحوليات بابت قانون ۽ ان جي لاءِ جدا عدالتون بھ قائم ڪري سگھي ٿي. جئين روز روز ماحوليات جي قانون جي ٿيندڙ ڀڃڪڙي کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي سگھجن.گرمي جي شديد لھر کي قدرتيءَ آفت قرار ڏيندي ان لاءِ بجيٽ مقرر ڪرڻ گھرجي امڪاني نقصان کي گھٽائڻ جي تياري ۾ مدد ڪئي وڃي.ھر علائقي ۾ وڻن جي واڍي بابت سخت قانون جوڙيا وڃن. انھن تي اثرائتو عمل ڪيو وڃي.سامونڊي پٽي ۾ تمر جي ٻيلن کي وڌايو ۽ ان جي جوڳي سنڀال ڪئي وڃي.موجود قدرتيءَ وسيلن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.