سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ عوام جو آواز ٻڌڻو پوندو: سسئي پليجو

مڪلي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو آھي ته ھڪ طرف سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ٻئي طرف وري مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير سنڌ خلاف بيان بازي ڪري رھيا آھن، جيڪا ٻولي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
مڪلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي سسئي پليجو چيو ته ارسا جو ڪردار سواليا نشان بڻيل آھي، ھن وقت به پنجاب ڌاڙيل واھه وھائي سنڌ جو پاڻي کڻي رھيو آھي ۽ سنڌ جا ماڻھو فصل ته پري جي ڳالھه پيئڻ جي پاڻي لاءِ به ترسي رھيا آھن، سامونڊي پٽي مان پاڻي کوٽ سبب لڏپلاڻ ٿي رھي آھي.
ھن چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت پيپلز پارٽي جي حمايت تي بيٺل آھي، ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي ڌاڙيل واھه بند ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، ڪينالن وارو ڪم مڪمل طور تي بند ٿيڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته سي سي آءِ جي اجلاس جي فيصلي ۾ اھڙو ڪجھه به ناھي جو مبارڪباد وصول ڪري سگھجي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڪينالن جي مخالفت ڪري رھيو آھي ۽ پ پ به چاھي ٿي ته تڪراري ڪينالن وارو ڪم ختم ٿئي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن جي ٿيندڙ نيلامي به بند ٿيڻ گھرجي.
سسئي پليجو چيو ته سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلندڙ آھي، سنڌ جي عوام جي آواز کي ٻڌڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.