چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو دورو پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. صدر آصف علي زرداري جون چيني قيادت سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري واپاري ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي نئون رخ ڏينديون. هڪ بيان ۾ هن  چيو ته چيني قيادت سان ملاقاتن دوران گڏيل واپار، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر ۽ علائقائي سھڪار کي ھٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جيڪو پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي دوري جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.