روس پاران ايران جي حمايت،آمريڪا جو مرضي مڙهڻ وارو اختيار ختم ٿي ويو: ايران

تهران(عوامي آواز نيوز) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي دفاعي ۽ فوجي صلاحيتون ٻين ملڪن، خاص طور تي شنگھائي سهڪار تنظيم جي رڪن ملڪن سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔ ايراني  بچاءَ واري وزارت موجب آمريڪا هاڻي آزاد ۽ خودمختيار ملڪن جي پاليسي طئي ڪرڻ واري حيثيت ۾ ناهي رهيو۔ ٻي پاسي روس گڏيل قومن ۾ جنگي حالتن دوران آبنائي هرمز اندر جهاز راني کي محدود ڪرڻ کي ايران جو حق قرار ڏنو آهي۔ايراني سرڪاري ٽي وي موجب بچاءَ واري وزارت جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل رضا طلائي نيڪ چيو آهي ته آمريڪا هاڻي آزاد ملڪن تي پنهنجي پاليسي مڙهي نٿو سگهي۔هن اها ڳالهه ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ڪئي، جتي هو شنگھائي سهڪار تنظيم جي بچاءَ وارن وزيرن جي اجلاس ۾ ايران جي نمائندگي ڪري رهيو آهي۔هن چيو ته ايراني عوام ۽ هٿياربند فوجن جي ثابت قدمي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا کي پنهنجي غير قانوني ۽ غير منطقي شرطون ڇڏڻيون پونديون۔ سندس چوڻ موجب عالمي برادري هاڻي آمريڪا ۽ اسرائيل کي رياستي دهشتگردي جي علامت طور ڏسي رهي آهي۔ايران پنهنجي دفاعي ۽ فوجي صلاحيتون شنگھائي سهڪار تنظيم کي فراهم ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي۔ ايراني ميڊيا موجب بشڪيڪ ۾ ايراني بچاءَ واري وزارت جي ترجمان ڪرغزستان، روس، پاڪستان ۽ بيلاروس جي بچاءَ وارن وزيرن سان الڳ الڳ ملاقاتون به ڪيون، جن ۾ گڏيل سهڪار ۽ علائقائي سلامتي بابت ڳالهيون ڪيون ويون۔ٻئي پاسي گڏيل قومن ۾ روس جي سفير واسلي نيبيزيا ايران جي موقف جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ايران کي آبنائي هرمز تي ڪنٽرول جو مڪمل حق حاصل آهي۔ سندس چوڻ هو ته جنگي حالتن ۾ سامونڊي ڪناري وارا ملڪ پنهنجي سلامتي لاءِ پنهنجي پاڻي ۾ جهاز راني کي محدود ڪري سگهن ٿا۔روسي سفير اولهه وارن ملڪن تي سخت تنقيد ڪندي کين منافقت ۽ قزاقي جو مرتڪب قرار ڏنو۔ هن الزام لڳايو ته اولهه وارا ملڪ مختلف جواز پيدا ڪري پنهنجن غير قانوني قدمن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔هن چيو ته هن تڪرار جي ساري ذميواري ايران تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.