پاڪستان جو نيشنل ايڊاپٽيشن پلان 2023ع NAP ، جيڪو عالمي وڌندڙ گرمي (گلوبل وارمنگ) ۽ موسمي ڦيرگھير ( ڪلائميٽ چينج) جي ناڪاري اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ھڪ انتهائي اهم ۽ جامع رٿابندي طور پيش ڪيو ويو آهي. هي پلان پيرس معاهدي (COP21) جي پوئيواري لاءِ ھڪ سرڪاري دستاويز جي صورت ۾ اھم حيثيت رکي ٿو، جنهن جو بنيادي مقصد موسمي خطرن جي نشاندهي، موافقتي رستا اختيار ڪرڻ ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي.
موافقت ڇا آهي
موافقت جو مطلب آهي ته اسان پنهنجي زندگين، ماحول ۽ نظامن ۾ اهڙيون تبديليون آڻيون، جيڪي اسان کي بدلجندڙ موسمي حالتن (جهڙوڪ گرمي، ٻوڏ، سوڪھڙي يا سمنڊ جي سطح وڌڻ) ھوندي محفوظ رهڻ ۽ بهتر زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏين. هي عمل انسانن، جيوت ۽ فطرت کي نون حالتن مطابق ھم آھنگ ڪندي گذارو ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
NAP پڻ اهڙي موافقت لاءِ پاليسين، منصوبن ۽ ادارتي جوڙجڪ جو ھڪ عملي گھاڙيٽو ڏي ٿو، جيڪو موسمي خطرن سان منظم انداز سان منهن ڏيڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. ان منصوبي ۾ آبهوا/ موسم، شهري ترقي، زراعت، انساني وسيلن ۽ قدرتي سرشتي سان لاڳاپيل وڏن خطرن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. پر جڏهن اسان ان منصوبي کي پاڻيءَ جي نظر سان، خاص طور تي سنڌو ڊيلٽا جي جيئدان لاءِ عملن کي ڏسون ٿا ته هڪ عجيب ۽ شايد ڄاڻي واڻي پيدا ڪيل خامي سامهون اچي ٿي. اھا آھي ماحولي وھڪرن (environmental flows) جو مڪمل طور تي نظرانداز ٿيڻ ۽ ان جو ڪو به ذڪر پوري پلان ۾ نه ھجڻ!
سامونڊي خطرن جي سڃاڻپ ته تفصيلي طور ڪئي وئي آھي پر حل جو اھم عنصر ٻڌايل ئي ناهي! NAP جي صفحي 17 تي واضح طور تي لکيل آهي ته سنڌو ڊيلٽا سمنڊ جي سطح جي برابر ٿي چڪو آهي. يعني ڊيلٽا جيڪو صدين جي لٽ واري سنڌوءَ جي وھڪرن جي نتيجي ۾ جڙيو ۽ سمنڊ کان مٿي ھئو، ھاڻ ساڳي سطح تي آھي۔ سمنڊ جي چاڙهه، مٺي پاڻيءَ جي شديد کوٽ ۽ کارو پاڻي زمين ۾ داخل ٿيڻ سبب، زراعت تباهه ٿي رهي آهي. صفحي 16-18 مطابق، روزانو 100 ايڪڙ زمين سمنڊ جي کائي رهيو آهي، ۽ مجموعي طور تي 20 لک ايڪڙ زرعي زمين اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي. صفحي 19 تي ڄاڻايل آهي ته ڊيلٽا سان لاڳاپيل اصل آباديءَ جو 80 سيڪڙو ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.ان جي باوجود، پوري رپورٽ ۾ ڪٿي به اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ڊيلٽا تائين مٺو پاڻي ڪيئن پهچايو ويندو، يا ان لاءِ پاڻيءَ جي وهڪري جي ڪا گهٽ ۾ گهٽ حد مقرر ڪئي وئي هجي!
تجويز ڪيل سامونڊي اپاءَ
NAP جي ”قدرتي سرشتي“ واري سيڪشن ۾ سامونڊي علائقن لاءِ ڪجهه عملي صلاحون ڏنيون ويون آهن (ص: 45-46)تمر جي ٻيلن/منگروز وڻن جي ٻيهر پوک ۽ حفاظت، سامونڊي پٽي ۾محفوظ علائقن جو قيام؛( سامونڊي گندگي ۽ گدلي پاڻي جي نيڪاليءَ جو بهتر انتظام، جر ۾ پاڻي جي وري ڀرائي (aquifer recharge)؛ نيري پاڻي واري معيشت (Blue Economy) جي واڌاري لاءِ اُپاءُ. نيري پاڻي واري معيشت جو مطلب آهي سامونڊي وسيلن کي محفوظ ۽ پائيدار طريقي سان استعمال ڪرڻ. جيئن ته ماھيگيري، سامونڊي ٻوٽا، سامونڊي سياحت ۽ ساحلي صنعتن کي وڌائي سگھجي.انھن مان قدرتي وسيلن کي نقصان ڏيڻ کانسواءِ ڪمائي حاصل ڪري سگهجي ٿي.پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ان سڀني صلاحن جي باوجود، ڊيلٽا تائين مٺي پاڻيءَ جي وھڪرن بابت نه ڪا ڳالهه ڪئي وئي آھي نه ئي ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي! جڏهن ته جيڪي صلاحون ڏنل آھن ان لاءِ ماحولياتي وھڪرن جو ھجڻ اڻٽر آھي.
ماحولي وھڪرن جي مڪمل غير موجودگي
ماحولي وهڪرا، يعني ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه جو وهڪرو، ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام لاءِ آڪسيجن جي حيثيت رکي ٿو. 1991ع جي پاڻي معاهدي جي شق 7 تحت، انھن وھڪرن کي برقرار رکڻ لازمي آهي. مرڪزي حڪومت طرفان ڪر ايل تحقيق موجب، گهٽ ۾ گهٽ 8.6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سالياني بنياد تي ڊيلٽا تائين پهچڻ گهرجي؛ (ان ۾ پنج ھزار ڪيوسڪ روزانو وڃڻ گھرجي ۽ پنجن سالن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ دفعو پنجويھه ايم اي ايف وڃي، ٻئي گڏائبا ته 8.6 جو انگ ھر سال جو ٿيندو) ته جيئن زمين، تمر جا ٻيلا، ماھيگيري، جيوت واڌ ويجهھ ڪري سگھن ۽ مٽيءَ/لٽ جو وڃڻ ٿيندو رھي ۽ سامونڊي چاڙھ کي ڪنھن حد تائين روڪي سگھجي. پر NAP ۾ نڪي ان وهڪري جو ذڪر آهي، نڪي ان جي مقدار بابت ڪجهه ڪُڇيل آھي، ۽ نڪي ان لاءِ ادارتي حڪمت عملي ڏنل آھي. اهو ڄاڻايل ته آهي ته سمنڊ جي چاڙهه، کارائي ۽ زرعي زمين جي نقصان جا سبب موجود آهن، پر انهن جي حل لاءِ درياهي وهڪرن جي اهميت کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي.
سنڌو ڊيلٽا جي حياتياتي بحران
بابت اڳ ۾ ڪيئي مضمونن ۾ واضح لکيو ويو آھي. ان جو بنيادي سبب ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ۽ لٽ جو نه وڃڻ يا بنھه گھٽ وڃڻ آھي. NAP ۾ صرف ان نتيجن تي روشني وڌل آهي ته سامونڊي پٽي، ڊيلٽا، انھن سان لاڳاپيل روزگار، وسيلن، بايوڊائورسٽي، ماڻھن جو ڪيڏو وڏو اقتصادي، سماجي ۽ ماحولياتي نقصان ٿيو آھي پر انهن جي بنياد تي ڪا به متحرڪ ۽ حقيقي پاليسي نظر نٿي اچي.
پاليسيون، پلان ۽ ادارتي طور خالي ڳالهيون ۽ ضايع ٿيندڙ موقعا
منصوبي ۾ "Living Indus” جيئري سنڌو ۽ "Recharge Pakistan” جهڙن قومي منصوبن جي ذڪر سان ڄاڻايو ويو آهي ته اهي NAP سان هم آهنگ آهن (ص 28). پر ڪٿي به وضاحت ناهي ته اهي منصوبا ماحولي وهڪرن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪيئن ڪم ڪندا.انھن قدمن جي اثرائتي لاڳو ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته صوبن، پاڻيءَ جي ورڇ جي ذميوار صوبائي ۽ مرڪزي ادارن کي به ان پلان کي عمل ۾ آڻڻ، شرڪت ۽ گڏيل فيصلا سازي لاءِ شامل ڪيو وڃي. پر بدقسمتي سان، هي منصوبو صرف موسمي ڦير گهير ۽ ماحوليات جي وزارت، رٿابندي ۽ مرڪزي سطح جي اختيارين تائين محدود رهي ٿو.
بنا پاڻيءَ جي موافقت بي معنيٰ آھي
نيشنل ايڊاپٽيشن پلان هڪ اهم قدم آهي، پر ان ۾ سنڌو ڊيلٽا لاءِ جيڪا عملي وٿي آهي، اها نظرياتي ۽ پاليسي سطح تي تمام سنگين آهي. ڊيلٽا لاءِ محفوظ مستقبل جي ڪا به حڪمت عملي مٺي پاڻيءَ جي وهڪرن کان سواءِ ڪڏهن به نٿي ٺهي سگهي. ان ڪري هيٺان قدم کڻڻ اڻٽر آھن ته جيئن پلان عمل جوڳو ٿئي:
ماحولي وهڪرن کي ھن پالان ۽ لاڳاپيل موافقت جي پاليسين ۽ حڪمت عملين جو لازمي حصو بڻايو وڃي؛
1991ع جي معاهدي جي شق 7 تي عمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ذميوار بڻايو وڃي ۽ انهن جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪئي وڃي؛
ڊيلٽا کي ماحولياتي وسيلن جي فھرست ۾ شامل ڪري، ان لاءِ هڪ خاص (Annex ضميمو) ترتيب ڏئي پلان ۾ شامل ڪیو وڃي؛ ڊيلٽا اَڳ ئي عالمي طور رامسر سائيٽ پڌري ڪيل آھي
نيري پاڻي واري معيشت جا منصوبا صرف اقتصادي نه، پر آبي ۽ حياتياتي تحفظ سان مشروط ڪيا وڃن.
ان کانسواءِ، NAP جو ڊيلٽا لاءِ ڪردار رڳو لفظن تائين محدود رهندو ۽ هي بي واھو علائقو پنهنجي بقا جي جنگ اڪيلو وڙهندو رهندو!