نيپرا جو ڪردار: نگران کان وٺي ڀائيوار تائين

تحرير: ياسمين چانڊيو

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي ماڻهن لاءِ گرمي جو موسم رڳو موسم نه ھوندو آهي، پر هڪ عذاب ھوندو آهي. اهو عذاب ٻن پاسن کان حملو ڪري ٿو، هڪ پاسي ساڙيندڙ سج جي شعائن جي تپش ۽ ٻي طرف ڪي اليڪٽرڪ نالي قھاري، نجي نالي ۾  بجلي فراهم ڪندڙ ادارو، جيڪو نه فقط نااهل آهي، پر ڄاڻي واڻي ظلم ڪندڙ بي حس ادارو جنھن کي ادارو چوڻ به اداري لفظ جي توھين ٿيندي .جڏهن  جڏهن گرميءَ جي شدت ۾  واڌارو  ٿيندو آهي تڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ  غائب ٿي ويندي آھي  ۽ نالو لوڊشيڊنگ، هيءَ رڳو لوڊشيڊنگ ناھي ھوندي، هيءَ هڪ مستقل نفسياتي، معاشي، ۽ سماجي جنگ آهي، جنهن جا تير سڌا عام انسان جي سينن تي لڳن ٿا.

ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهجي ته صاف ظاهر آهي ته هي ادارو رڳو نااهل نه، پر بدنظمي ۽ بيحسيءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي. غريب ۽ وچولي طبقي وارن علائقن ۾ روزانو ٻارنھن کان پندرهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻجي چڪي آهي، جڏهن ته اميرن جي ڪالونين ۾ بجلي لڳاتار دستياب رهي ٿي. هن طبقاتي فرق جو مقصد رڳو ”چارجنگ ڪيپيسٽي“ يا ”لائن لاس“ نه، پر طاقتور طبقي جي خدمت ۽ ڪمزور طبقي کي سزا آهي.

ان کان سواءِ، واڌو بل، اوور چارجنگ ۽ ميٽرن سان هٿ چراند جا بيشمار الزام، اخبارن، سوشل ميڊيا ۽ عدالتن جي رڪارڊ جو حصو بڻجي چڪا آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندن طرفان ماڻهن کي زور زبردستي سان بل ڀرڻ تي مجبور ڪرڻ يا ته پوءِ بجلي ڪٽڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، هڪ روز جو معمول بڻيل آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيتريون ئي آباديون اهڙيون به آهن،  جتي چوويھن ڪلاڪن ۾رڳو ھڪ ڪلاڪ يا  بجلي نه هجڻ باوجود بل مسلسل وڌندا رهن ٿا ڄڻ ته اونداهيءَ جو به حساب وٺڻ شروع ڪيو ويو آهي.

مان جنهن سوسائٽيءَ ۾ رهندي آهيان، اتي بجلي هجڻ، نه هجڻ برابر آهي. ان جي باوجود مون پنهنجي گهر ۾ سولر سسٽم ۽ جنريٽر جو بندوبست ڪيو ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ گهر جي ضرورتن لاءِ سهولت حاصل ڪري سگهان. پر افسوس جو ڪي اليڪٽرڪ جي بيحسي ايتري حد تائين وڌي چڪي آهي جو منهنجي گهر جو ميٽر صرف الزام جي بنياد تي ڪٽي ڇڏيو. الزام اهو لڳايو ويو ته اسان ’ڪنڊو‘ لڳايو آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي موجوده وائرنگ ۾ ڪنڊي لڳائڻ جي گنجائش ئي موجود ناهي.

ميٽر ڪٽڻ بعد ڏيڍ لک رُپين جو جرمانو هنيو ويو، جيڪا سراسر زيادتي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ڏاڍ مڙسيءَ سان ڪير پڄي نٿو سگهي سو مجبورن ٻيو ميٽر لڳرايو، جيڪو چائنا جو غير معياري ميٽر ڏنو ويو، جيڪو بنا استعمال جي به هلندو رهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ هر مهيني پنجاهه هزار رپين کان به وڌيڪ  بل ايندو آهي، جڏهن ته  بجلي ايتري استعمال به نه ٿي ٿئي.ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو داستان رڳو بلن تائين محدود ناهي. سڄي سوسائٽي جي نفسياتي ۽ معاشي ڍانچي کي هي نظام ڌڪ ھڻي رهيو آهي. بي خوابي، بي آرامي، ۽ گرميءَ سبب وڌندڙ بيماريون خاص ڪري ٻارن، پوڙهن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطري جي گهنٽي بڻجي چڪيون آهن. نفسياتي طور تي ماڻهن ۾ مايوسي، احساسِ محرومي ۽ ادارن تي بي اعتمادي وڌي رهي آهي. هي احساس سماج ۾ بيچيني، انتشار ۽ احتجاجن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر اقتدار ڌڻين جا ڪن اڃا تائين ٻوڙا آهن.نيپرا، جنهن کي بجلي جي نظام جو نگران چونڊيو ويو ھو ، حقيقت ۾ عوام جي تڪليفن جو وڏو ڪارڻ بڻجي چڪو آهي. هي ادارو بجاءِ ان جي ته صارفين کي سهولت ۽ تحفظ ڏئي، عوام تي مسلسل مهانگائيءَ جو بار وجهي رهيو آهي. بلن ۾ واڌ  ته ڄڻ نيپرا جي روزمره جو معمول بڻجي ويو آهي. هر مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي نوان بل جاري ٿين ٿا، جن ۾ لاڳيتو اضافو ٿئي ٿو. پر  ھن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ته هن واڌ جو جواز ڪهڙو آهي، ۽ ان جو بار سدائين عام ماڻهو تي ڇو؟

هي ادارو، جنهن کي عوام جي مفادن جو محافظ هجڻ گهرجي ها، اڄ استحصالي پاليسين جو مرڪز بڻجي ويو آهي. ان جو وجود، ان جون پاليسيون ۽ ان جا فيصلا سڀ ڪاروباري ادارن  جي مفاد ۾ آهن. جنهن ۾ برابر جا شريڪ گورنمينٽ ۾ ويٺل ڇاڙتا  آھن. عوام لاءِ ته نيپرا صرف بربادي، بيوسي ۽ اونداهيون کڻي آيو آهي. سوال  اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هي رڳو ڪي اليڪٽرڪ جي ناڪامي آهي؟. هي ته هڪ منظم ناانصافيءَ جو حصو آهي، جتي ريگيوليٽري ادارا، جهڙوڪ نيپرا  تماشائي بڻيل آهن. ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف ٿيندڙ شڪايتن جو ڪو کڙتيل نٿو نڪري ۽ نه ئي ان جي خلاف ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي. نيپرا جون رپورٽون ۽ ٻڌڻيون صرف رسمي ڪارروائيون بڻجي ويون آهن.

حڪومت طرفان به ڪا موثر ڪاروائي نظر نٿي اچي. ڪڏهن خاموشي، ته ڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي حق ۾ يا ڪڏهن چالاڪي سان ان جي مخالفت ۾ بيان بازي، عوام کي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته هي ادارو حڪومت جي آشيرواد سان هلندڙ آهي. ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ ڏکيو ناهي ته حڪومت ۽ نجي ادارن جي وچ ۾ ڪا مفاهمت موجود آهي، جنهن جي قيمت عام ماڻهو ڀري رهيا آهن.

جيڪڏهن ڪو ادارو عوام جي تڪليف جو سبب بڻجي، ته پوءِ ان جو هجڻ يا نه ھجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا نجي شعبي جي نجڪاريءَ جو مقصد هي هو ته ماڻهن کي اڃا به وڌيڪ اذيت ڏني وڃي؟ ڪي اليڪٽرڪ جي موجودگي هڪ اهڙي سرشتي جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي طاقتور  فائدو  وٺي وڃن ٿا ۽ ڪمزور ڀوڳن ٿا.اسان جي ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به ترقي يافته يا ترقي پذير معاشري ۾ قابلِ تصور ناهي. فرانس، جرمني، ناروي يا ايستائين جو بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ به بجليءَ جي فراهميءَ جا معيار صاف، شفاف ۽ صارف دوست آهن. بجليءَ جا بل واضح هوندا آهن، اوور چارجنگ جو تصور نٿو ملي. صارف جي هر شڪايت کي ترجيحي بنيادن تي ٻڌو ويندو آهي ۽ ادارا جوابده هوندا آهن.

انهن ملڪن ۾ بجليءَ جي فراهمي رڳو هڪ واپار نه آهي، پر هڪ عوامي سهولت سمجهي ويندي آهي. جتي به نجي ادارا آهن، اتي انهن تي سخت ريگيوليشن لاڳو آهي. ڇا اسان  جي گورنمينٽ کي اهڙو ڪو ماڊل اپنائڻ نه گهرجي؟ جيڪڏھن اسان جي حڪمرانن جو عوام لاءِ ھانؤ ڦاٽي ٿو ته پوءِ، ھنن بنيادي نُڪتن تي عمل ڪن، ڪي اليڪٽرڪ کي رياستي ڪنٽرول ۾ آڻڻ. جيڪڏهن هي ادارو عوام جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هڻي ٿو، ته پوءِ ان کي قومي سطح تي قومي ملڪيت بڻائي، رياستي ذميواريءَ سان هلائڻ کپي.ڪميونٽي بيسڊ يا شهري سطح تي بجليءَ جي متبادل نظام جوڙي سگهجي ٿو  جيئن ته سولر گريڊز، ڪوآپريٽو بجلي يونٽ وغيره. نيپرا کي صرف رپورٽنگ اداري بدران، فعال، بااختيار ۽ جوابده ادارو بڻائڻ جي ضرورت آهي، جنهن وٽ جرمانا، ادارا معطل ڪرڻ، يا لائسنس رد ڪرڻ جا اختيار هجن.صارف جي حقن بابت قانون سازي، ۽ انهن جي خلاف ورزين تي سخت سزائون هجڻ گهرجن.

ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف احتجاجي تحريڪون ۽ قانوني جنگ  شروع ٿيندي ،جيڪي گھڻي ڀاڱي ٿي رھيو  آهن. هت رڳو بجليءَ جو سوال نه آهي، هت سوال آهي قومي اثاثن، انساني حقن ۽ رياستي ذميواريءَ جو. جيڪڏهن اڄ اسان اهڙن ادارن کي برداشت ڪري ڇڏيون ته سڀاڻي اهي اسان جا سڀ حق ھڙپ ڪري ڇڏيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.