ٺري ميرواهه ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پين پنو نه هئڻ جو انڪشاف!

ٺري ميرواهه(عوامي آواز نيوز)ٺري ميرواهه ۾ سئوٽن وچ ۾ جهيڙي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو،وارثن الزام هنيو ته اسپتال ۽ ٿاڻي ۾ اسان کي رُلايو ويو،هڪ وائرل وڊيو ۾ مقتول جو  وارث ٿاڻي جي وڏي منشي سان ڳالهائيندي چيو ته پهرين اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ برني نه پئي ملي،اها هتان هُتان هٿ ڪري ڏني سين،هاڻي ڪالهه کان ٿاڻي ۾ موجود آهيون پر چيو وڃي ٿو ته آفيسر ناهن جنهن تي وڏي منشي جواب ڏيندي چيو ته دڪان کلن ته پنو پين وٺي پوءِ ڪيس داخل ڪنداسين،اسان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار نٿا ڪريون، وارث کيس جواب ڏنو ته لاش دفنائڻ کانپوءِ ايف آءِ آر ڪهڙي ڪم جي آهي؟وڏي منشي چيو ته لاش رکي ايف آءِ آر داخل ڪرائبي آهي ڇا؟مقتول جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهر ۾ گهڙي نويد،نديم ۽ ڪريم داد ۽ سينگار ڀاءُ کي ڌڪ هڻي فرار ٿي ويا،جهيڙي جو سبب گهرو جهيڙو هو،اسان مزدوري ڪندا آهيون،انصاف کپي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.