ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص شھر ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻن ڄڻن جا ڳلا ڪپيل لاش ملڻ جا ڌار ڌار واقعا تفصيل موجب سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ 25 ورهين جو نوجوان ڌرم داس باگڙي کي گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن تيز ڌار آلي سان ڳلو ڪپي زخمي ڪري مھراڻ ٿاڻي جي حد صوفي ٽائون واري علائقي ۾ اڇلائي ويا، سول اسپتال ۾ زير علاج زخمن جا سور نه سھندي ڪالهه فوت ٿي ويو، واقعي خلاف وارثن سخت احتجاج ڪندي لاش مھراڻ ٿاڻي آڏو روڊ تي رکي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنھن بعد لاش کڻي پراڻي وٿاڻ حيدرآباد روانا ٿي ويا، هوڏانهن گذريل ڏينهن مھراڻ ٿاڻي جي حد مان 60 ورهين جي لکا ڏنو خاصخيلي جو سندس گھر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو، ٻنهي واقعن ۾ پوليس طرفان اڃا تائين ڪا به اهم گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهي جنهن سبب شھري حلقن ۾ بيچيني وڌي وئي آھي ۽ شهري تحفظ بابت ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن۔