پاڪستان جي قرض لاءِ آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس 8 مئي تي ٿيندو

نيويارڪ(ع آ نيوز) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 مئي تي پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لاءِ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت پروگرام تحت ٽئين  معاشي جائزي جي منظوري 8 مئي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ متوقع آهي. بيان موجب، اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي تي آر ايس ايف پروگرام جي ٻئي جائزي جي به منظوري ڏني ويندي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 27 مارچ تي ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.