سکر ۾ هڪ ڄڻو قتل، پوليس آپريشن

سکر(رپورٽر)سکر ۾ پراڻي تڪرار جي بنياد تي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ عبد الڪريم جتوئي طور ڪئي وئي آهي۔سکر پوليس جي ترجمان موجب، ايس ايس پي سکر اظهر خان واقعي جو سخت  نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا، جنهن بعد پوليس باگڙجي جي ڪچي واري علائقي ۾ امن امان خراب ڪندڙ ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو۔آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏيون، جديد مشينري ۽ پوليس جي وڏي نفري حصو رتو۔ جتوئي گينگ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ گهرن کي ساڙي ڊاهي پٽ ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.