آءِ ايم ايف وفد جي صدر زرداري سان ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري سان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي وفد، جهاد اظهور جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان دوران ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا، آءِ ايم ايف جي وفد پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ قرض جي پروگرام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام درست رستي تي آهي، وفد وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي ذريعي پاڪستان ۾ مهانگائي (افراطِ زر)، ناڻي جا ذخيرا ۽ مالي خساري ۾ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملي آهي، صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورو مڃيو ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ناڻي وزارت ۽ ان جي ٽيم جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.