نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل خضدار ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ ذميوارن کيانصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثر خاندانن، پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي خواهش ظاهر ڪئي. ڪائونسل جي ميمبرن ورجايو ته دهشتگردي پنهنجي هر شڪل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. هن سڀني رياستن تي زور ڏنو ته اهي عالمي قانون ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب پاڪستان جي حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪن.