خضدار (م ڊ) خضدار ۾ هندستان جي سرپرستي هيٺ فتنه الھندوستان دهشتگردن پاران اسڪول بس تي حملي ۾ سخت زخمي ٿيل ٻه وڌيڪ شاگرد زخمن جي سٽ نه سهندي شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب 13 سالن جو حيدر ۽ 12 سالن جي ملائڪا دم ڏنو جنهن کانپوءِ شهيد شاگردن ۽ شاگردياڻين جو انگ 6 ٿي ويو، شهين ۾ 5 شاگردياڻيون ۽ هڪ شاگرد شامل آهن.