اسلام آباد(م ڊ)سيينٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته خضدار واقعي کانپوءِ قومي اتحاد جي فضا واپس اچي وئي آهي، مودي اسان جو يار ناهي، شهبازشريف وٽ اختيار آهي،اپوزيشن سان ڳالهائي، جيڪڏهن ڪو چوي ته مودي کان وڌيڪ نقصان پاڪستان جو پي ٽي آءِ ڪيو آهي ته ان جو دفاع ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ملڪ ۾ لبرلز کي به ٺيڪ ڪرڻو پوندو،انهن کي به پڪڙي روڊن تي گهلڻو پوندو،مذهب جو دهشت گردي سان ڪو به تعلق ناهي، بلوچ اسان جا ڀائر آهن پر انهن جي نالي تي انڊيا کان فنڊ وٺي دهشت گردي قبول نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن اسان جا لبرل چوندا ته انساني حقن جو معاملو آهي يا بلوچ پنهنجي حقن جي ويڙهه ورهي رهيا آهن ته اسان انهن کي به پڪڙي مارينداسين،لبرلز دهشت گردي جي حمايتڪري رهيا آهن، بلوچن،سنڌين،مهاجرن سڀني کي حق ملڻ گهرجن، هن چيو ته مون چار سال هڪ نجي ٽي وي شو ۾ فوجي بوٽ آندو هو،سڀني بوٽ کي عزت ڏني،بوٽ به انهن کي عزت ڏني، توهان ڪالهه ايوان صدر جو حال ڏسي ورتو،هن چيو ته پاڪستان ڀارت جا 258 فوجي ماريا آهن.،مودي جي معاملي تي نوازشريف خاموش رهيو،