بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات، پاڪستاني موقف اجاگر ڪرڻ بابت ڳالهيون

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ وفد ملاقات ڪئي آهي، جنهن۾ اهم عالمي راڄڌانين ۾ پاڪستاني موقف کي اجاگر ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن، سرڪاري ٽيليويزن پي ٽي وي جي ايڪس تي پوسٽ موجب، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ وفد ۾ سينيٽر شيري رحمان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حنا رباني کر شامل هيون، بلاول ڀٽو زرداري، هن قومي سفارتي مشن جي سلسلي ۾ مٿس اعتماد ڪرڻ ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت سونپڻ تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اميد آهي ته اوهان جي قيادت ۾ هي وفد پاڪستان جو موقف ۽ بيانيه دنيا آڏو ڀرپور ۽ مؤثر انداز ۾ پيش ڪندو، هن ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير مصدق ملڪ، راڻا ثناءُ الله ۽ طارق فاطمي پڻ شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.