اميد آهي پاڪستان ۽ ڀارت تازي تڪرار جو پُرامن حل ڳولي وٺندا: آءِ ايم ايف

واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) چيو آهي ته اميد آهي پاڪستان ۽ ڀارت تازي تڪرار جو پرامن حل ڳولي وٺندا، واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ چيو ته پاڪستان قرض پروگرام جا سمورا معاشي هدف حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي اهڙي هئي جو قسط جاري ڪرڻ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه آئي، هن چيو ته پاڪستان کي قرض جي قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران گڏيل رضامندي سان ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪيو ويو، قرض پروگرام رڳو پاڪستان ۾ ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن لاءِ آهي، بجيٽ جي مدد لاءِ نه آهي، پروگرام جو شرط آهي ته پاڪستان حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان قرض نه وٺي سگهي، جولي ڪوزيڪ جو چوڻ هو ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت تازي ڇڪتاڻ جو پرامن حل ڳولي وٺندا ، پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار دوران انساني جانين جي ضياع تي افسوس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.