پي ٽي آءِ مٿان ڊگھي مدي لاءِ پابندي لڳڻ جو امڪان؟

اسلام آباد(طلعت حسين) عمران خان جا فيلڊ مارشل عاصم منير سان اختلاف سندس جي ڪري نھ پر بشريٰ بي بي جي ڪرپشن تي نظر رکڻ جي ڪري ٿيا ھئا ۽ ان جي نتيجي ۾ کيس ڊي جي آئي ايس آئي جي عھدي تان ھٽايو ويو ھيو باخبر ذريعا ٻڌائين ٿا تھ ان وقت تھ جنرل عاصم منير پنھنجي ريٽائرمينٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي ھئي.عمران خان اھڙيون پيدا ڪيون هيون جو  عاصم منير کي بلڪل اڪيلو ڪيو ويو ھيو..پي ٽي آئي اندر ڪو اتحاد نظر نھ پيو اچي. عليمھ خان چيو تھ بيرسٽر گوھر کي ڪا خبر ناھي، جنرل عاصم منير جھنگ جو بادشاھھ آھي ۽ عمران خان جو اھوئي پيغام آھي معنيٰ لڙائي وارو. ھن وقت پي ٽي آئي سان ڳالھيون نھ ٿينديون پر ڊگھي مدي واري پابندي لڳندي، جيڪڏھن پي ٽي آئي بيرسٽر گوھر جي قيادت ۾ فوج ۽ حڪومت سان ڳالھيون نھ ڪيون تھ جيڪو ماحول جڙيل آھي ان ۾ ھنن مٿان پابندي لڳي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر24 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.