اسلام آباد (م ڊ) ايندڙ مالي سال 2025-26 جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي ته اقتصادي سروي 9 جون تي پيش ڪئي ويندي. ان کان اڳ وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ 2 جون مقرر ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف، ذريعن موجب، گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو آخري ڏينهن هو، پر آءِ ايم ايف سان بجيٽ هدفن تي ڪو به اتفاق نه ٿي سگهيو. آءِ ايم ايف سان بجيٽ ڳالهيون ايندڙ هفتي جاري رهنديون.