ڏکڻ ايشيا ۾ قيادت جو گهوٽالو

تحرير: مظھر عباس

پاڪستان ۽ ڀارت  لڳ ڀڳ ايٽمي جنگ جي ويجهو پهچي چڪا هئا. اها جنگ ڪهڙي تباهي آڻي سگهي پئي، ان جو جواب رڳو اهي جاپاني ڏئي سگهن ٿا جن پنهنجي ملڪ ۾ ايٽم بم ڪرڻ وارو دردناڪ منظر ڏٺو آهي.

1998ع ۾، جڏهن ڀارت گهڻو ڪري 11 مئي تي پنج ايٽمي ڌماڪا ڪيا، تڏهن جاپان مان هڪ وفد ٻنهي ملڪن جو دورو ڪيو. تنهن ۾ ڪو به نوجوان شامل نه هو، پر اهي بزرگ هئا جن پنهنجي اکين سان لکين انسانن جي موت جو منظر ڏٺو هو. انهن مان هڪ عورت سان مون انٽرويو ڪيو، جنهن رڳو ايترو چيو: "اسان رڳو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته اها جنگ وڏين تباهين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. مان پاڻ به ان جو شڪار ٿي چڪي آهيان ۽ پنهنجي شهر کي زمين بوس ٿيندي ڏٺو آهي.

"بهرحال، هاڻي ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا، ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جنهن جي ڪوششن سان جنگبندي ٿي، پنهنجي بيان ۾ اشارو ڏنو هو ته اها جنگ لکين ماڻهن جي موت جو سبب بڻجي سگهي پئي. معاملو اڃا ٽريو آهي، ختم نه ٿيو آهي، تنهنڪري بامعنيٰ ۽ بامقصد ڳالهيون جيترو جلدي ممڪن هجن، اوترو ئي بهتر آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اها جنگ جيتوڻيڪ گهڻي وقت تائين نه هلي، پر تڪرار ڏهاڪن کان موجود آهن، جنهن صرف ۽ صرف انتهاپسندي کي هٿي ڏني آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي اڪثريت اڄ به تعليم، صحت ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي.

منهنجي لاءِ اڃا به هي سوال حل طلب آهي ته گذريل 20 سالن ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا، جن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ڪئي، پر جنگ نه ٿي. ڪارگل جي جنگ کانپوءِ به ڳالهيون ٿيون ۽ لاڳاپا اڳتي وڌيا. ڀارتي پارليامينٽ تي حملي ۽ ممبئي جهڙن واقعن کانپوءِ به ڳالهه ٻولهه جاري رهي. ڀارت پاڪستان تي الزام مڙهندو رهيو ۽ پاڪستان انهن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو.

ڪيترا اهڙا قدم به کنيا ويا جن جي پاڪستان کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. اسان جا 80 هزار کان وڌيڪ شهري ٻن افغان جنگين کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ جو شڪار ٿيا. هتي فرقيوارا ۽ جهادي تنظيمن تي پابنديون به لڳايون ويون، ۽ اسان اهڙين جنگن ۾ ڦاسي پياسين جيڪي اسان جون ئي نه هيون. پر جڏهن اسان جا ٻار انهن دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿيا، تڏهن هڪ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو. اها  جنگ 2014ع کان هيل تائين جاري آهي.

تنهن هوندي به، پهلگام واري واقعي کانپوءِ، جنهن جو ڀارت اڄ تائين ڪو به ثبوت فراهم نه ڪري سگهيو، سڄي دنيا ثبوت گهري ٿي، پر ڀارت انڪار ڪندو رهيو ۽ رڳو پاڪستان تي الزام لڳائي جنگ ڇيڙي ڇڏي. ڇا وزيراعظم نريندر مودي، جيڪو پاڻ ڀارت ۾ انتها پسندي جي شهرت رکي ٿو، سياسي طور تي ٿيندو پيو وڃي؟ جيتوڻيڪ اڃا چونڊن ۾ ڪافي وقت آهي، پر ڀارت ۾ بي جي پي جي سياست تي سخت سوال اڀري رهيا آهن، خاص طور تي سيڪيولرازم کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان. لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ‘پاڪستان مخالف’ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنهن ‘مودي پلس’ جي ڳولا جاري آهي.

ڏکڻ ايشيا ۾ سياست ۽ قيادت جو بحران هميشه رهيو آهي. ڳالهه پاڪستان جي هجي، ڀارت جي، بنگلاديش جي يا سريلنڪا جي، سڀني جڳهن تي ‘قائداڻي’ صلاحيت رکندڙ اڳواڻن جي کوٽ آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 1947ع کان شروع ٿيل ڇڪتاڻ اڄ تائين برقرار آهي، جنهن جو وڏو سبب ‘ڪشمير مسئلو’ آهي.

ڳالهه ته صفا سادي هئي ۽ شايد اڄ به آهي، ته جن ماڻهن جو بنيادي حق آهي، يعني ڪشميرين کان پڇيو وڃي ته اهي ڪنهن سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا آزاد رهڻ چاهين ٿا. آخرڪار، ڀارت پاڻ ئي ان مسئلي کي گڏيل قومن تائين وٺي ويو هو، ته پوءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کان منهن ڇو موڙيو؟ ڪشميرين جا ست نسل تباهه ٿي چڪا آهن، اسان به چار جنگيون وڙهيون، ايستائين جو ايٽمي طاقت به بڻجي وياسين.

پاڪستان ۾ ته سياسي عدم استحڪام جي  هڪ تاريخ آهي، شايد ان ڪري به، حسين شهيد سهروردي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کانسواءِ ڪا مضبوط ۽ قائداڻي شخصيت سامهون نه اچي سگهي. پر اهي به 1947ع کان پوءِ پيدا ٿيل سياستدان نه هئا. ها، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان انهن ۾ شامل آهن، جيڪي قيام پاڪستان کان پوءِ جي دور جا سياستدان آهن. انهن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون، پر هڪ ته انهن کي به هلڻ نه ڏنو ويو، هڪ کي ‘پروجيڪٽ’ ٺاهي آندو ويو، ٻئي کي شهيد ڪيو ويو، تنهنڪري اڳتي وڌڻ جو رستو ۽ ‘قيادت’ جو بحران اڃا تائين برقرار آهي.

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ڀارت جي مهاتما گانڌي بابت ٻنهي ملڪن ۾ مختلف رايا موجود آهن. بهرحال، اهي قائدانه صلاحيتن وارا اڳواڻ هئا. بعد ۾ آيل اڳواڻن مان، ڪجهه حد تائين، جواهر لال نهرو ۽ اندرا گانڌي کي به قائدانه شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.ٻئي پاسي، حسين شهيد سهروردي کي ته موقعو ئي ملي نه سگهيو، پر ايوب خان جي دور ۾ ‘سياسي جنم’ جي حوالي سان سڀ کان وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽو جو ئي سامهون اچي ٿو، جنهن کي پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو باني به چيو ويندو آهي. اختلافن ۽ الزامن کان هٽي ڪري، 1971ع کانپوءِ صرف هڪ سال اندر ڀٽو جو سڄي سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي شمله وڃڻ، ۽ شمله معاهدي جي نتيجي ۾ 90 هزار قيدين جي آزادي ۽ پنهنجا علائقا واپس حاصل ڪرڻ هڪ مثبت قدم هو.

البته جيڪڏهن ٻنهي اڳواڻن ‘مسئلو ڪشمير’ ايندڙ نسلن تي نه ڇڏيو هجي ها ته تاريخ مختلف هجي ها. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته ان کانپوءِ اندرا گانڌي هن خطي کي ‘ايٽمي ديش’ بڻايو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان کي به پنهنجي نيوڪليئر پروگرام کي شروع ڪرڻو پيو. ۽ پوءِ 1998ع ۾ به ايٽمي ڌماڪن جي شروعات ڀارت ڪئي، جنهن جو جواب پاڪستان ڏنو ۽ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو اسلامي دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن وٽ ‘ايٽم بم’ آهي.

اڄ اهو خطو ‘ايٽمي جنگ’ جي ڪنڌي تي آهي ۽ شايد اڃا به آهي. ڀارت جي سياست ۽ سوچ ۾ گذريل 20 سالن دوران جيڪا تبديلي آئي آهي، اها اتان جي نظام تي سوال اٿاري ٿي. ‘جمهوريت’ سياست ۾ برداشت آڻيندي آهي، رويو مثبت بڻائيندي آهي، پر ان باوجود، جيتوڻيڪ اتي ڪڏهن به جهموريت ڊي ريل نه ٿي، آئين معطل نه ٿيو ۽ مارشل لا نه لڳايو ويو، سواءِ ايمرجنسي جي، ۽ ميڊيا هميشه آزاد رهيو، تڏهن به نريندر مودي جهڙي انتها پسند سوچ رکندڙ شخص جو وزيراعظم ٿيڻ، پاڻ مهاتما گانڌي جي فلسفي جي انڪار برابر آهي. هاڻي اتي ‘مودي جو ڀارت’، ‘مودي جو ميڊيا’ ۽ ‘مودي جو فلمي ۽ ثقافتي بيانيو’ غالب آهي، جتي جاويد اختر جهڙا ماڻهو به ‘انتها پسند’ ڀارت کي پسند ڪرڻ لڳا آهن.

هن سڄي صورتحال ۾ اسان لاءِ هڪ ئي سبق آهي ته انتهاپسندي کي ختم ڪيون، جهموريت ۽ آئين کي مضبوط ڪريون. اسان ڪڏهن به پاڪستان ۾ انتها پسند جماعت کي اقتدار ۾ ايندي نه ڏٺو آهي. سياسي استحڪام ايندو ته تڏهن ئي معاشي استحڪام به ايندو.

جمهوريت اخلاقيات جو نالو آهي. جيڪڏهن ڪرپشن کي پاڙ کان نه پٽيو ويو ته اها قومي سلامتي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي. سياست بهتر آهي، سياستدانن کي سياست ڪرڻ ڏيو.آخري ڳالهه، ته هڪ هفتي ۾ اسان هڪ متحد قوم ٿي ظاهر ٿيا آهيون. جيڪڏهن جنگ جي حالت ۾ اسين متحد ٿي سگهون ٿا ته امن ۾ ڇو نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.