پاڻي معاملي بابت سراپا احتجاج بڻيل سنڌ ۽ حڪمرانن جا غير جمهوري رويا

ٻٻرلوءِ تي لڳل ڌرڻي سبب ھن وقت سڄي سنڌ موصلاتي طور ملڪ جي ٻين حصن کان ڪٽجي چڪي آھي.سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۽ ڳوٺ ۾ تڪراري ڪينالن خلاف تاريخي احتجاج جاري آھي.ان ھوندي به حڪمرانن کي ان جو احساس نھ ٿي رھيو آھي.حڪمرانن جي رويي مان ثابت ٿي رھيو آھي تھ ملڪ ۾ نھ تھ وفاق جو نظام آھي ۽ نھ ئي ڪا جمھوري حڪومت آھي ۽ نھ ئي آئين تي عمل ٿي رھيو آھي ۽ نھ ئي ڪنھن فرد، صوبي يا يونٽ جا حق محفوظ آھن.جيڪڏھن ملڪ ۾ آئين آھي ۽ ان تي عمل ٿي رھيو آھي تھ پوءِ ان آئين ۾ فرد، قوم ۽ صوبن جي واضح ڪيل حقن ۽ انھن جي تڪليفن جو احساس ڪندي،آئين جي ڏنل حدن تحت عمل ڪيو وڃي، پر وفاق جي پٺڀرائي سان پنجاب سنڌو منجھان تڪراري ڪينال ڪڍي اڳي ئي آباد سنڌ جي زمين کي ڀڙڀانگ ڪري، سرائيڪي پٽي ۾ چولستان جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيوآھي.نھ رڳو اھو پر اھا رٿا آئين ۽ قانون جي گھرجن کي پٺي ڏئي، اڳتي آندي وئي آھي.جنھن ڪري اھو چوڻ غلط نھ ٿيندو تھ اھو عمل ملڪ جي آئين جي مڪمل لتاڙ آھي.

جيڪڏھن ملڪ جي اقتدار جي واڳ ھٿ ۾ رکي ويٺل وقت جا حڪمران ھڪ وفاقي نظام کي قبول ڪن ٿا تھ کين اھا خبر ھوندي  تھ وفاق ۾ ھڪ کان وڌيڪ صوبا ۽ قومون آھن ۽ ڪنھن بھ ڌر  کي پھچندڙ تڪليف کي ٻڌبو آھي ۽ تڪرار جي صورت ۾ ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ  موجود فورمن ۾ کڻي اچبو آھي ۽ ان ۾ گڏيل راءِ سان عمل ڪيو ويندو آھي پر جڏھن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا ماڻھو تڪراري ڪينالن بابت پنھنجا اعتراض ڪيا تھ موٽ ۾ وفاقي حڪومت جي وزير، مشيرن آئيني رستي تحت ان کي نبيرڻ بدران سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي ماڻھن کي ڌمڪي ڏيڻ شروع ڪئي.نھ رڳو ايترو پر وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي ڪينال مخالف تحريڪ کي ”شرپسندن“ جي تحريڪ قرار ڏئي ڪري سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ُٻرڪيو آھي.

ھڪ جمھوري حڪومت جو  فرض ٿئي ٿو تھ ملڪ ۾ موجود ڪنھن بھ ڌر جي تڪليف جي ازالي جي لاءِ متاثر ڌر جي  ڳالهه کي ٿڌي دل ۽ ڌيان سان ٻڌيو وڃي، ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان جي حل لاءِ گڏيل صلاح مشورو ڪيو وڃي.پر ھتي اھڙي ڪنھن رويي نظر نھ اچڻ جي ڪري سنڌ جي ماڻھن ۾ ويتر ناراضگي وڌي رھي آھي.جيڪڏھن ويجھي ملڪي تاريخ کي سامھون رکيو وڃي تھ عقل کان وانجھيل حڪمرانن جي اھڙن روين ئي ھر دور ۾ ملڪ کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان رسايوآھي.ان کان وڌيڪ حيرت جي  ڳالهه ھي آھي تھ تاريخ مان سکڻ جي لاءِ ڪيترائي سبق موجود آھن پر حڪمرانن ڄڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي تھ اھي تاريخ مان ڪو بھ سبق نھ سکندا.حڪمران اتحاد جي اجائي اينگھائڻ ۽ عوام جي جذبات کي نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي سبب ھن وقت سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻجي وئي آھي ۽ ملڪ کي وڏو مالي نقصان سھڻو پئجي رھيو آھي.ان ھوندي بھ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ وفاق ۾ حڪمران اتحاد جون ٻھ وڏيون سياسي جماعتون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سنڌ جي ھن نازڪ ۽ سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا بھ سنجيدگي واري ڪوشش نھ ڪئي آھي.

ماڻھو ان سان ئي گڏ ھوندا آھن جيڪا جماعت انھن جا حقيقي مسئلا حل ڪندي آھي. سنڌ جو ماڻھو پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڳچ وقت کان مانَ ڏئي حڪمران بڻائيندو رھيو آھي پر ٻئي پاسي عام ماڻھو کي حڪمران جماعت کان ڪيتريون ئي شڪايتون آھن. سنڌ ۾ بک بدحالي، صحت ۽ تعليم جي خراب صورتحال، بدامني سبب عوام ۾ وڌندڙ بي چيني توڙي انساني حقن جي لتاڙ، ان جا اھم پھلو آھن ڪرپشن،بدامني۽ پوليس سرپرستي ۾ ھلندڙ منشيات جون دانھون عام آھن، سنڌ ۾ زراعت ۽ صنعت جا شعبا تباھ ھجن اھڙي موقعي تي تڪرار ي ڪينالن جي رٿا جو سامھون اچڻ ۽ وري سنڌ جي حڪمران ڌر طرفان ان بابت عام ماڻھو سان اصل  ڳالهھ تي پردو وجھڻ اھڙا مسئلا آھن،جنھن عرصي کان سنڌ جي ماڻھن ۾ جنم ورتل ڪاوڙ کي پلٽائي وڌو آھي ۽  ذڪر ڪيل مسئلن جي مٿان حاوي ٿي ويل تڪراري ڪينالن خلاف اڄ ٽن ڏينھن کان سنڌ ٻري رھي آھي.سنڌ جي عام ماڻھو سنڌ جي صوبائي توڙي وفاق جي حڪومت  دعوائن ۽ سندن آسرن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.جنھن مان اھو سمجھڻ  ۾ ڏکيائي نھ ٿيندي تھ عام ماڻھو کي حڪمرانن تي ڪو اعتبار نھ رھيو آھي.

اھا حيرت جھڙي  ڳالهه نھ آھي تھ پنجاب جي آبپاشي کاتي پهرين جنوري 2024 تي انڊس رور سسٽم اٿارٽي کان چولستان فلڊ فيڊر ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ  ورتو. جنھن تي سنڌ اعتراض ڪيو ته ارسا کي اهڙي ڪينال لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، جيڪڏھن اھو سڀ عين آئين ۽ قانون جي موجب ٿي رھيو آھي تھ پوءِ اھڙي ڏاڍ مڙسي جي ڪھڙي ضرورت آھي ؟1991 واري ٺاھ  موجب  ڪئنال کي ان پاڻي جي منظوري ڏنل نھ آھي. اھوتھ صرف ٻوڏ ۾ وھندڙ ڪئنال آھي وري سرٽيفڪيٽ خريف جي مند دوران پاڻي جي موجود ھجڻ بابت جاري ڪيو ويو!

عملي طور تي حالت ھي آھي تھ موسمي ڦيري جي پيش نظر پاڻي جي ورچ واري اختياري ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي اڳڪٿي توڙي پاڻي جي موجود کوٽ جو اعلان ڪري رھي آھي.ان ھوندي تڪراري رٿا کي سامھون آندو ويو،جنھن سان وفاق توڙي ٻن صوبن وچ ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رھي  آھي. ڀلا ”ويڙھايو ۽ حڪمراني ڪريو“ واري گوري جي فارمولي کي ھروڀرو آزمايو نھ ويو آھي! يا وري اسان جا حڪمران ايترا سادڙا آھن جو انھن کي اھڙي رٿا جي نتيجن جو ادراڪ ئي نھ آھي ؟حڪمرانن کي صورتحال جو احساس ڪندي فوري طور تي تڪرار ڪينالن جي رٿا رد ڪري ان جا دستاويزي ثبوت سامھون آندا وڃن، ٻي صورت ۾ سنڌي ماڻھن جي جاري احتجاج ۾ اڃا پڻ شدت ايندي، جنھن جي ذميواري وقت جي حڪمرانن تي ھوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.